پير حاجي اسماعيل سردارچنڙپاٽائي پير حاجي اسماعيل جي پاٽ شريف جي ڀرسان مشهور درگاهه آهي. مزار مٿان مقبرو اڏيل آهي. هن درگاهه تي ديني جلسو ٿيندو آهي. جتي عالم سڳورا واعظ فرمائيندا آهن. ان کان علاوه مولودن جي مجلس به ٿيندي آهي(1). پير حاجي اسماعيل جي ڏکڻ ۾ پير ناصر شاهه جي درگاهه آهي. ان جي مزار مٿان سيد عبدالله شاهه پنهنجي وڏ وزارت دوران اٽڪل ڏهه لک روپين جي لاڳت سان مقبرو جوڙايو هو. هنن بزرگن جي درگاهن تي ڪيترائي اڙيالي حاضريون ڀريندا آهن ۽ دعائون گهرندا آهن.