مير سردار چنڙ
سينيئر رڪن
مفتي عبدالواحد ڪبير پاٽائي
سردارچنڙپاٽائي:
مفتي عبدالواحد ڪبير ولد مولانا عبدالرحمان قاري (متوفي 1080هه/1669ع بن محمود سهروردي (متوفي 1070هه/1659ع) بن شيخ عيسيٰ پاٽائي بن مخدوم حسن قاري پاٽائي 1017هه بن شيخ رمضان شهر الله بن شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي برهانپوري (متوفي 1051هه/1641ع) مفتي عبدالواحد سيوهاڻي ۽ پاٽائي مخدومن جو ڏاڏو آهي. جنهن جو فرزند مخدوم امير محمد اچي سيوهڻ ۾ رهيو ۽ ڪجھ وري پاٽ ۾ رهي پيا. جتان نسل جون ٻه شاخون چالو ٿيون(1).
هو وڏو فقيهه ۽ عالم هو، سلطان اورنگزيب جي زماني ۾ پاٽ جي وسندڙ علائقي جي قضا ۽ فتويٰ سندس سپرد هئي. مفتي صاحب جي تصنيفات مان ڪشف الااسرار فقه ۾ يادگار آهي. هن بزرگ سال 1123هه/1711ع تي پاٽ ۾ وفات ڪئي