شيخ طاهر بن يوسف پاٽائي سردارچنڙپاٽائي: شيخ طاهر هجري ڏهين صدي جي پهرئين ڏهي ۾، پاٽ شهر ۾ تولد ٿيو. طاهر رسمي علمُ، ڪجھ پنهنجي والد وٽ پڙهيو ۽ ڪجھه مخدوم ميران ۽ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ وٽ هاصل ڪيو. ان کان پوءِ، سندس وڏي ڀاءُ شيخ طيب کي پنهنجي والد سان سفر جو اتفاق پيش آيو. هي ٽيئي بزرگ وطن کان روانا ٿي هڪ ڳوٺ ۾ پهتا، جو شيخ شهاب الدين سنڌيءَ جي نالي سان مشهور هو. شهاب الدين، وڏو عالم پاڻ حقيقتن جو واقف، صاحبِ درس ۽ فيض جو مالڪ هو. سنه 950هه/1543ع ۾ سنڌ مان گجرات روانو ٿيو. شيخ طاهر کانئس گهڻو ڪجھه پرايو. اتان روانو ٿي ڏکڻ هندستان ۾ سير ڪندي، انهيءَ وقت جي وڏي مرشد ۽ پير، مخدوم شيخ محمد ملتانيءَ جي حلقه ارادت ۾ داخل ٿيو. اتان پوءِ موٽي اچي ايرج پور ۾ رهيو. سندس مرشد انهي ئي شهر ۾ کيس خرقه خلافت عطا ڪئي. ايرج پور (ايلچ پور) ۾ شيخ طاهر تمام گهڻو وقت ماڻهن کي درس ڏيندو رهيو ۽ تصوف جي تلقين به ڪندو هو. ڪجھ وقت کان پوءِ، احمد نگر جي حاڪم مرتضيٰ نظام الملڪ ايرج پور تي ڪاهي اچي قبضو ڪيو ۽ ترناله قلعي تي فتح حاصل ڪيائين. ملڪ ۾ وٺي ڀاڄڙ پئي ۽ پريشان حالي ٿي، ان وقت خانديش جي حاڪم شيخ طاهر کي عرض ڪيو ته اوهين هلي برهانپور ۾ رهو. جنهن کان پوءِ هميشه لاءِ اچي برهانپور ۾ رهيو. علي عادل شاهه وقت جي حاڪم سندس درس تدريس ۽ تلقين لاءِ خانقاه تيار ڪرائي. جتي ماڻهن کي فيض پهچائڻ ۾ سرگرم رهيو. سندس وجود ان وقت جي حاڪمن عارفن لاءِ غنيمت ليکيو ويندو هو. هن بزرگ محدث درس تدريس جا به هيٺيان ڪتاب تصنيف فرمايا. 1. تفسير مجمع البحار طاهري جو امام قشيري جي ڪتاب اللطائف جي طرز تي آهي ۽ هو صوفياء ڪرام جي نُڪتن ۽ اشارن تي هاوي آهي. 2. مختصر قوت القلوب 3. انتخاب مواهب لديهه 4. ملتقط جمع الجوامع سيوطي 5. صحيح بخاري جي شرح قسطلاني جو اختصار جو 12 جلدن ۾ پورو ٿيو آهي. 6. تفسير مدارڪ جو مختصر جو پنهنجي ٻن پٽن عبدالله ۽ رحمت الله لاءِ لکيو هئائين. 7. اسامي رجال صحيح بخاري 8. رياض الصالحين هن ڪتاب ۾ 3 روضا (باغيچا) يا 3 باب آهن، جن مان پهرين باب ۾ امت جي بخشش ۽ ڪاميابي جون حديثون آهن ٻئين باب ۾ بزرگن جا ناصحانه اقوال ۽ هدايتون آهن. جيئن ته سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني، شيخ ابوطالب مڪي، شيخ شهاب الدين سهروردي، زين الدين خوافي، شيخ علي متقي هندي، ٽئين باب ۾ توحيد ۽ عشق وارن جا اقوال ۽ ارشاد آهن. جيئن شيخ محي الدين عربي عين القضاه همداني، شيخ صدرالدين قونوي وغيره. هن بزرگ، صوفي، عارف، عالم ۽ محدث جي وفات سنه 1004هه بمطابق 1595ع ۾ ٿي.