• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شيخ قاسم سنڌي پاٽائي

مير سردار چنڙ

سينيئر رڪن
شيخ قاسم سنڌي پاٽائي
سردارچنڙپاٽائي:
شيخ قاسم بن شيخ يوسف محدث پاٽائي، سنڌي شيخ طاهر محدث جو ننڍو ڀاءُ ۽ وقت جي وڏي عالم ۽ صوفي مسيح الاولياءُ شيخ عيسيٰ برهانپوريءَ جو والد بزرگ هو. تعليم، پنهنجي والد ۽ شيخ شهاب الدين سنڌي وٽ حاصل ڪيائين. تقويٰ، توڪل، زهد، تصوف مطلب ته سموريون نيڪ صفتون منجهس موجود هيون. اڃا هوش سنڀالڻ جو زمانو ڪونه آيو هو، جو سندس والد وفات فرمائي ويو. سندس خدا شناسي، وحدت وجود جي مسئلن سمجهڻ جي ماڻهو تعريف ڪندا هئا ۽ سندس ڪرامتن جون ڳالهيون ڪندا هئا.
مسيح الاولياءَ فرمائي ٿو ته مان پنهنجي چاچي بزرگ کان فرمائيندي ٻڌو ته منهنجي ننڍي ڀاءُ قاسم جو مشرب صوفيانه هو، سندس دل آويز گفتار ۽ پسنديده افعال مان اخيارن، ابرارن جون علامتون ظاهر هيون. ميان جمال محمد گجراتي جو هڪ وڏو صوفي ۽ مفسر محدث هو، تنهن جو چوڻ آهي ته شيخ قاسم علي ۾ يڪتاءِ زمانه آهي.
شيخ قاسم جي وفات جي تاريخ معلوم ٿي نه سگهي آهي. پر اندازو آهي ته هن ڏهين صدي هجري جي پوئين اڌ ۾ يعني 968هه/1560ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مقبرو برهانپور ۾ آهي.
 
Back
Top