شيخ طيب سنڌي پاٽائي سردارچنڙپاٽائي: محدث طيب بن يوسف پاٽائي صديقي سنڌي، علم، حديث ۽ تصوف جو وڏو عالم، پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ، شيخ محدث طاهر سان پاٽ مان نڪري شهاب الدين واصل وٽ تصوف جا ڪتاب ’منهاج العابدين‘ امام غزالي جو پڙهيائين ۽ سفر ڪندي برهانپور ۾ اچي رهيو. تذڪره گلزار ابراز مان معلوم ٿئي ٿو ته هو شيخ طاهر جو وڏو ڀاءُ هو. گجرات ۽ برار جي سفر ۾ ساڻ هو. هيءُ بزرگ سن 950هه/1543ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس مقبرو به سنڌ کان ٻاهر آهي.