• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شيخ مبارڪ پاٽائي

مير سردار چنڙ

سينيئر رڪن
شيخ مبارڪ پاٽائي
سردارچنڙپاٽائي:
پاٽ جي شهر کي جن بزرگن اچي آباد ڪيو، سي شيخ مبارڪ جا ڏاڏا ۽ شيخ عيسيٰ پاٽائي برهانپوري جا وڏا هئا. شيخ مبارڪ مخدوم عباس (ابن جلال) محدث پاٽائيءَ جو شاگرد هو، جنهن وٽ سمورا ظاهري علم ختم ڪيائين. ان کان پوءِ تقدير کيس احمدآباد (گجرات) ۾ پهچايو.
احمدآباد جي ناصرالملڪ جي مشهور مسجد ۾ صدر مدرس مقرر ٿيو ۽ ڪيترا سال درس و تدريس ڏيندو رهيو. ان کان پوءِ برهانپور اچي مقيم ٿيو. ان زماني ۾ صوبي برار جو هاڪم، وزيراعظم تفاول خان هو، جنهن جي سفارش تي وزير جي ملاقات لاءِ ايلچ پور پهتو. وزيراعظم نهايت عزت سان کيس قضا جي عهدي تي رکيو ۽ آخر قضا جو عهدو ڇڏي، طاهر بن يوسف سنڌيءَ جي صحبت حاصل ڪرڻ لاءِ برهانپور ۾ اچي رهيو، جتي وٽس شيخ عيسيٰ جندالله ڪجھه ڪتاب پڙهيا.
جمع ڏينهن سنه 978هه/ 1570ع ۾ هو دار فاني مان لاڏاڻو ڪري دار جاوداني ۾ وڃي آرامي ٿيو ۽ کيس شيخ ابراهيم بن عمر جي گنبذ ۾ دفن ڪيو ويو.
 
Back
Top