پير رکيل ريلائي سردارچنڙپاٽائي: پير رکيل ريلائي پير مخدوم رڪن الدين جي اولاد مان هو. مخدوم رڪن الدين ۽ مخدوم فخرالدين ٻئي ڀائر ڪوٽ ڪروڙ ۽ ديري جات مان سنڌ ۾ آيا. هنن جو خانداني سلسلو خليفي اول حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضه سان وڃي ملي ٿو. مخدوم نوح رحه هالن وارو مخدوم فخرالدين جي ڇهين پيڙهيءَ مان آهي. مخدوم رڪن الدين ڳوٺ درس تعلقي موري ۾ اچي ساڪن ٿيو. جتان سندس اولاد وڌي ويجهي سنڌ جي ٻين ڳوٺن ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو. جي ريلائي پير سڏجن ٿا. مخدوم پير خاوند ڏنو پنهنجي سوٽ مخدوم پير غلام حيدر سان ڪاوڙجي درسن مان لڏي اچي دادو تعلقي ۾ ويٺو. جتي هينئر مشهور درگاهه مخدوم پير رکيل ريلائي جي نالي سان آهي. مخدوم پير خاوند ڏني کي ٻه فرزند هئا. مخدوم پير دورل (اول) ۽ مخدوم پير ڪريم ڏنو (اول) پير ڪريم ڏنو (اول) درسن جي ڀرسان پنهنجي عزيزن مان شادي ڪري آيو. سندس گهرواريءَ جا ٻه يتيم ڀائٽيا، اتان اچي سندس سنڀال ۾ آيا. جن مان هڪ جو نالو هو، پير بيگن سائين ۽ ٻيئ جو نالو هو پير رکيل سائين. پير رکيل ريلائي جي ولادت باسعادت ڳوٺ درس تعلقي موري جي ڀرسان هڪ ننڍڙي واهڻ ۾ ٿي. جتي ٻه ٽي گهر ريلائي پيرن جا هئا. سندس والد سڳوري جو نالو پير خان محمد هو. سندس جنم جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. ان وقت سندس عمر اٽڪل اسي پنجاسي ورهيه چئي وڃي ٿي. سندس ڪرامتون مشهور آهن. پاڻ هڪ لاطمع درويشن مان هو. سالڪ ۽ اهل دل هو. پاڻ شادي ڪانه ڪئي هئائين ۽ جتي ستي هو. آخر عمر ۾ جڏهن بيمار ٿيو. تڏهن لونگ فقير بردي وٽ ڪڪڙ ۾ رهيل هو، جتان عزيز ۽ مريد کيس ڏوليءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ کڻي ويا. پهريائين ضعيف آهي، مبادا هن جهان مان سفر پورو ٿيڻ وارو هجي، ان ڪري پنهنجن ڪکن ۾ هلڻ بهتر آهي. تڏهن صبر ڪري کڻي اکيون ٻوٽيائين(1). درگاهه تي هر سال تاريخ 28،27 ۽ 29 محرم مهيني ۾ وڏو ميلو لڳندو آهي. 27 محرم پير صاحب جي وفات وارو ڏينهن آهي. جنهن ۾ تمام وڏي خلق ايندي آهي.