• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عطيه جوڻيجو:

مير سردار چنڙ

سينيئر رڪن
عطيه جوڻيجو:
سردارچنڙپاٽائي
عطيه جوڻيجو 10 اپريل 1953ع تي پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو عصمت الله جوڻيجو آهي. جيڪو پاٽ جي برک زميندارن ۾ شامل ٿئي ٿو. عطيه جوڻيجو پڙهيل ڳڙهيل ۽ تعليم يافته آهي. پاڻ ايم. اي ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيون اٿس. کيس کي استادي پيشي سان لڳاءُ هو. ان ڪري درس ۽ تدريس جي پيشي سان وابسته ٿي وئي. پاڻ گرلس هاءِ اسڪول ميهڙ جي هيڊ مسٽريس به رهي آهي. ان عرصي دوران شعر و شاعري به ڪرڻ لڳي. سندس پهريون شعر جيجل، مارئي رسالي ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ سندس شعر ماهوار اديون نئين زندگي، روزانه عبرت ۽ سنڌ اخبار ۾ ڇپجندا رهيا. عطيه جوڻيجو گهڻو ڪري حب الوطني ۽ اسلامي جذبي تحت لکيو آهي. سندس آتم ڪهاڻي ترتيب ڏنل آهي. جيڪا اشاعت جي اوسيڙي ۾ آهي
 
Back
Top