مخدوم بصر الدين جي سوانح ۽ رسالو سردارچنڙپاٽائي سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ پاٽ ۽ سيوهڻ جي ”صديقي خاندان“ جي تمام گهڻي اهميت رهي آهي. هن باوقار خاندان ۾ مسيح الاولياءَ حضرت شيخ عيسيٰ جند الله رحه جهڙو يگانه روزگار عارف ۽ عالم پيدا ٿيو، جو پنهنجي بزرگي ۽ فضيلت، علم ۽ عرفان وسيلي پوري برصغير ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪيو. سندس علمي عظمت جو پوري برصغير ۾ اهو عالم هو جو عظيم مغليه سپهه سالار مرزا عبدالرحيم خان خانان، سندس مدفن(برهانپور) تي پوءِ مقبرو جوڙايو. هن بزرگ جي عربي تصنيف”تفسير انوار الاسرار“ مشهور آهي. ان ئي هاڪاري خاندان جون ٻه شاخون مشهور ٿيون: هڪ برهانپور جي ۽ ٻي پاٽ جي. اڳتي هلي سنڌ جي شاخ جي ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي: هڪ سيوهڻ جا صديقي ۽ ٻيا پاٽ جا صديقي. حضرت مخدوم فخرالدين عبدالواحد ڪبير پاٽائي به هن ئي خاندان جو چشم وچراغ ٿي گذريو آهي، جنهن ”ڪشف الاسرار“ جهڙو نامور ڪتاب تيار ڪيو. مخدوم عبدالواحد جو هڪ فرزند مخدوم دين محمد صديقي، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ناميارو عملدار ٿيو. هتان سيوهڻ جي صديقي خاندان جي شاخ شروع ٿي. قاضي عبدالواحد جو ٻيو پٽ مفتي محمود ٿيو، جو پاٽ جي صديقي خاندان جو وڏو ڏاڏو هو. خاندان جي ٻنهي متبرڪ شاخن گذريل ٽن صدين دوران نهايت مانوارا افراد پيدا ڪيا، جن مان ڪي طبيب، فاضل، حافظ، قاري، فقيه، مفتي، عالم ۽ مفسر ٿيا، ته ڪي عارف، مجذوب، حال ۽ قال جا صاحب، روشن ضمير ۽ اهل دل، ۽ رشد و هدايت جا صاحب ٿيا. ڪجهه بزرگن ”قضا“ جي عهدن تي رهي عوام لاءِ مثالي انصاف ۽ عدل مهيا ڪيا ۽ اِن طرح مجموعي طرح ”صديقي خاندان“ سنڌ ۾ پنهنجو نيڪ نالو روشن ڪيو، جو تاحال جاري آهي. هن ڀلاري خاندان ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ روشن ضمير ۽ حاذق حڪيم حضرت مخدوم بصر الدين رحه1282هه/1865ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو مخدوم احمد هو، جو سندس ولادت کان اڳ حج تان واپس ٿيندي، راهه ۾ مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو. مخدوم صاحب جي پرورش سندس ڏاڏي مخدوم مجذوب عرف سيوهاڻي بزرگ ڪئي. مخدوم بصرالدين ديني تعليم سان گڏ انگريزي تعليم به ورتي. اِن طرح پاڻ سرڪاري ملازمت ۾ به آيو، ليڪن سُتت ئي نوڪري ترڪ ڪري ڇڏيائين. سندس خاص ۽ بنيادي سڃاڻپ ته ”حڪمت ۽طب“ جي حوالي سان ٿئي ٿي، پر حقيقت هي آهي ته مخدوم موصوف پنهنجي دوءر جو وڏو داناءُ، فلسفي، روحانيت وارو اهل الله ٿي گذريو آهي، جو قدرت سندس روشن قلب کي غير معمولي اوجر ڏني هئي. مخدوم بصرالدين رحه جي پنهنجي دور جي ناليرن انسانن سان خاص طرح سان محبت آفرين ٻاجهه ۽شفقت رهي. هن ڏس ۾ مولانا تاج محمد امروٽيءَ، مولانا عبدالغفور همايوني، مير علي نواز علوي شڪارپور واري، مولوي غلام محمد ملڪاڻي، سائين جي ايم سيد، سردار واحد بخش ڀٽي، حاجي مولا بخش سومري، مخدوم غلام حيدر هالائي، سردار بهادر صحبت خان گولي، ڊاڪٽر ضياءَ الدين شيخ، ڪريم بخش چنا ۽ ميان نور محمد مغل سيوهاڻي جا نالا وڏي اهميت رکن ٿا. هڪ طبيب ۽ حڪيم جي حيثيت ۾، سنڌ جي طبي تاريخ ۾ سندس درجو گهڻُو مٿانهون آهي. مخدوم صاحب سيوهڻ ۾ 1356هه/1938ع تي وصال ڪيو. مخدوم بصرالدين طب کان علاوه قلمي ۽ علمي ميدان ۾ به خوب پاڻ ملهايو. روايت آهي ته پاڻ شيڪسپيئر جي معيار جو انگريزي شعر چيائون، جو بعد ۾ پنهنجن هٿن سان ضايع ڪري ڇڏيائون. علمي دنيا ۾ سندس تحرير ڪيل باڪمال عربي ڪتاب ”البصائر“ واحد نشاني طور بچيو آهي. هي رسالو سڀ کان اول سال 1937ع ۾ ڇپيو هو. موجوده دور ۾ صديقي خاندان جي دلاويز علمي نشاني ۽ اسان جي روح پرور دوست مخدوم ميان سليم الله صديقيءَ صاحب جي ذاتي دلچسپي ۽ خصوصي توجهه سان هي ناياب ڪتاب، سنڌي ترجمي، تعارف ۽ مقدمي سان سينگارجي عربي متن سان گڏ ڇپيو آهي. ترجمي تي مولانا سعيد احمد ڀٽي وڏي محنت ڪئي آهي. مهاڳ نامور دانشمند ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکيو آهي، جنهن ۾ پاڻ ڪتاب جي نالي ۽ معنيٰ جي وضاحت هن ريت ڪن ٿا””مصنف هن ڪتاب جو نالو البصائر پنهنجي نالي بصرالدين جي مناسبت سان رکيو. بصر جمع آهي بصيرت جو، جنهن جو بنيادي (اشتقاقي) مادو بصر ئي آهي. بصيرت معنيٰ حقيقت کي ڄاڻڻ، سڃاڻڻ جي نرت، نظر ۽ پروڙ. ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو:”سنڌ ۾ مخدوم بصرالدين پهريون عالم هو، جنهن کي اسلامي ۽ مغربي علوم ۾ دسترس هئي. کانئس پوءِ اها علمي فضيلت ۽ عظمت علامه آءِ آءِ قاضي کي عطا ٿي. ٻنهي جو سنڌ جي وڏي علمي مرڪز پاٽ شريف سان تعلق هو ۽ ٻئي پنهنجي علمي ڄاڻ ۽ عرفان ۾ يگانا هئا.“ مهاڳ کان پوءِ ممتاز محقق ۽ فاضل ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جو عالمانه ”تعارف“ شامل ڪيو ويو آهي.. سومري صاحب ”ڪلام، منطق ۽ الاهيات“ جي سر سان پُر بهار مقدمو لکيو آهي، جو پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي علمي اهميت رکي ٿو. مترجم جا ٻه اکر ڏيڻ کان پوءِ فاضل مرتب مخدوم سليم الله صديقي صاحب، مخدوم بصرالدين رحه جي سوانح ڀرپور انداز سان تيار ڪري پيش ڪئي آهي. هن تفصيلي سوانح عمري ذريعي صاحبِ ڪتاب جي سوانح مبارڪ جا ڪيئي نوان ۽ منفرد گوشا نروار ٿي بيهن ٿا. اِن طرح صديقي خاندان جي شجري ڏيڻ کان پوءِ، اصل ڪتاب ”البصائر“ جو متن ۽ سامهون ترجمو ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو سٽاءُ ڏاڍو دلڪش قائم ڪيو ويو آهي. هڪ پاسي عربي متن ۽ ٻئي پاسي سنڌي ترجمو ڏنو ويو آهي. ميان سليم الله ڪتاب جي مهڙ ۾ ”ڀال ڀلايون“ عنوان سان هن ناياب ڪتاب جي ڇپرائڻ جي مقصدن تي روشني وجهندي انهن فاضلن ۽ دوستن جو شڪريو ادا ڪيو آهي، جن کيس هن املهه ڪتاب جي تياري ۽ اشاعت ۾ دل کولي ادبي مدد ڪئي. مخدوم سليم الله صاحب کي جس آهي، جو پاڻ پنهنجن نيڪنام وڏڙن جا قيمتي ڪتاب حواشي ۽ تعليقات، تحقيق ۽ تحشيه سان مرتب ڪري ڇپرائڻ جي شروعات ڪري چڪا آهن. ان سلسلي ۾ اڳ به ڳچ قيمتي ڪتاب ”اداره پاٽ هائوس“ حيدرآباد پاران شايع ڪري چڪا آهن. ان طرح ”درد نامو“ (ترتيب صوفي نورالله شاهه ۽ تعليم صوفي فضل الله شاهه قلندر جهوڪ شريف) جي اشاعت پڻ سندس تازه قابل تحسين ڪوشش آهي. اسان جي خيال ۾ مخدوم بصرالدين بابت هن ڪتاب جي ٻي اشاعت وقت ڪتاب جو اصل نالو ”البصائر“ قائم رکجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. دلڪش سرورق، بهترين ڪاغذ ۽ عمدي ڇپائي سان هيءَ ڪتاب ”اداره پاٽ هائوس“ قاسم آباد، حيدرآباد وٽ دستياب آهي. رورق، بهترين ڪاغذ ۽ عمدي ڇپائي سان هيءَ ڪتاب ”اداره پاٽ هائوس“ قاسم آباد، حيدرآباد وٽ دستياب آهي.