توهان مان اڪثر فيسبوڪ جا سنگتي ”ٻهراڙيءَ“ سان تعلق رکندڙ هوندا، ڇا توهان ڪڏهن ڏٺو آهي ته ٻهراڙيءَ ۾ مايُون جهيڙو ڪيئن ڪنديون آهن؟ هُو پاڻ ۾ وڙهنديون ته زباني وَڍ ڏينديون، ڪڏهن ڪڏهن ڄُنڊن ۾ هٿ وجھي هڪٻئي کي گھلينديون پر اڪثر زباني وڍ ڏينديون آهن. ٻهراڙيءَ جون مايُون ڪوشش ڪنديون ته جهيڙو نه ٿئي! نه ته پوءِ ٻنهي ڌُرين جي مُڙسن کي خبر پئي ته ڪُهاڙيون اُڀيون ٿي وينديون.. جهيڙي جي شروعات ساڙ ۽ حسد کان ٿيندي آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي هڪٻئي جا پول پڌرا ڪرڻ لڳنديون آهن، ٻئي هڪٻئي جي عاشقن جا نالا وڏي واڪ چونديون آهن جو پُورو پاڙو ٻُڌندو آهي، پاڙيوارا سمجھندا ته ”هاڻ هِي ڪڏهن به نه ڳالهائينديون“ پر! جڏهن پاڙي ۾ ڪير گُذاري ويندو آهي ته ٻئي مايون هڪٻئي کي ڀاڪُرپائي پار ڪڍنديون آهن.. ۽ تنهن مَهَل مرد به حيرت ۾ پئجيو وڃن ته هِي ته ڪجهه ڏينهن هڪٻئي جي عاشقن کي پڌرو پيون ڪَن ۽ اڄ پاڻ ۾ کيرکنڊ ؟؟ ساڳيو حال اسانجي سنڌ جي اديبن ۽ ڪامريڊ سڳورن سان به آهي.. پاڻ ۾ الئه ڇو ٿا وڙهن ۽ وڙهندي صفا بي_ادب ٿيو وڃن.. بهرحال! چوڻ جو مطلب ته اسانکي ائين ٿيڻ گھُرجي! (هڪٻئي جا راز کولڻ بِنا) جيڪڏهن جھيڙو ٿئي به ٿو ته ڪُجھ ڏينهن ۾ پاڻ ۾ کيرکنڊ ٿيڻ گھُرجي.. نه ته ”انا“ انسان کي آسمان کان زمين تي ڪيرائيندي آهي.
ادا جڏنهن ٻه ماڻهون پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته ان جهيڙي ۾ مئين ڪردار سائيڊ رول وارن جو هوندو آهي جيڪي عامر جي ڳاله عبيد کي ۽ عبيد جي کاله عامر کي مرچ مصاحلو هڻي پيش ڪندا آهن ۽ عامر وري بنا تصديق جي انهن سائيڊ رول وارن جي ڳاله ٻڌي ان تي يقين ڪري انهن سائيڊ عبيد کي گهٽ وڌ چوندو آهي اڪثر سائيڊ وارا ماڻهو عامر ۽ عبيد جا راز ڳجهيون ڳالهيون جيڪي عامر ۽ عبيد لڪائي ويٺا آهن اهو ڄاڻڻ لاء جهيڙي کي ايئن وڌائيندا آهن جيئن ٻريل ٽانڊن کي هوا ڏني ويندي آهي انسان کي اڪثر اهو سوچڻ کپي ته مان پنهنجي ڪنن سان ته ڪون ٻڌو آهي ته پوء مان ڇو هنن تي يقين ڪري ٻئي جي لاء غلط ڳالهايان ؟
اصل ۾ شهر جون مايون فيسبوڪ تي به هونديون آهن ، ان ڪري انهن خلاف نٿو لکيو وڃي.. بهرحال!ٰ اهو ته هڪ چرچو هو.. منهنجي خيال ۾ سٻاجھڙيون، سُهڻيون ۽ سادڙِيون عورتون صِرف ٻهراڙيءَ ۾ ملن ٿيون، ان جي ڀيٽ شهر ۾ صفا گھٽ آهن. ٻيو ته ٻهراڙيءَ ۾ پاڙا (ويڙها) هوندا آهن ۽ رات جو مايون پاڻ ۾ سڀ گڏجي چُلهن تي ڪچهرِي به ڪنديون آهن ۽ اِن جي ڀيٽ شهر جون مايون صرف ٽيليويزن تائين ئي محدود هونديون آهن ،منهنجي خيال ۾ هِڪ سبب اِهو به ٿي سگهي ٿو..
اففففف... هاڻ ته اِهو ڊائلاگ پُراڻو ٿي ويو آ.. بس! هاڻ شادِي ڪڏهين به نه ڪَبِي.. جنهن سان ڪرڻِي هُئي سا ته وَئي....