ساري دنيا جا سنڌ دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ ۽ حق موجود ! ادا پُراڻي شاعري، ڪپڙا نوان پارائي آيو آهيان، پيالو پريت جو پِي ! پيار بنا هت ڪجهه به ڪونهي ، ادا نثار ابڙا ! هڪ پل جِي هن دنيا ۾ قرب ڪري وٺ ڪِي ! پيار بنا هت ڪجهه به ڪونهي ! سائين رحيم بخش صاحب ! بازِي بلڪل اُن جِي آهي ، جنهن به جلايو جِي ! پيار بنا هت ڪجهه به ڪونهي ! ، ادا مست ڄامشورائي زبردست ! دلبر جِي تُون محفل مان ، دُور ذرو نه ٿِي ! پيار بنا هت ڪجهه به ڪونهي ! ۽ سڀني سنڌ سلامت جي پيارن ساٿين سامهون ! ”ناز“ لڳائي نعرو هردم ، حق موجود جو هِي ! پيار بنا هت ڪجهه به ڪونهي، يار بنا هت ڪجهه به ڪونهي ! پيش آهي سنڌ سلامت جي اڱڻ جِي پنهنجي شاعري پيالو پريت جو پِي ! توهان جي محبتي راين جو شدت سان منتظر رهندس
جواب: پيار بنا هت ڪجهه به ته ڪونهي ! تمام بهترين ونڊ آهي سائين توهان جي شاعري پڙهي ڪري مون جي روح کي سڪون محسوس ٿيو الله پاڪ توهان کي وڏي ڄمار عطا ڪري آمين سدائين گڏ
جواب: پيار بنا هت ڪجهه به ته ڪونهي ! بيشڪ حق هميشه کان موجود آهي ۽ موجود رهندو، ۽ قرب، پيار، محبت ۽ عشق جا متوالا حق جي پيغام جا داعي ٿي پيا سور کائيندا ۽ ماٽي منجهه مهي جيئان پيا ولوڙبا ۔۔۔۔ اسانجو ”ناز“ به انهن محبتي انسانن مان آهي جيڪي پيار ۽ عشق جا داعي آهن ۔۔۔ اندر ۾ اڌما هزار پر پو به نعرا نيهن جا ۔۔۔۔ شاباس دوست، شاباس ۔۔۔
جواب: پيار بنا هت ڪجهه به ته ڪونهي ! لک لائق فقير وحيد ڦلپوٽا، توهان کي منهنجي هِي شاعري هن تيز گرمي ۾ جام شيرين يا روح افزا وانگر لڳي جو توهان جي روح جي تسڪين ٿي پئي ۔ توهان جي دُعا وڏي ڄمار واري لا ٿورائتو آهيان۔
جواب: پيار بنا هت ڪجهه به ته ڪونهي ! نصير چنا شال جُڙيو هُجين۔ نصير توهان منهنجي هي شاعري پڙهي بي اختيار واهه واهه چيو ٿورائتو آهيان توهان جو۔ ها ادا ڪجهه پنهنجي باري ۾ تفصيل سان تعارف واري شعبي ۾ تعارف ته ڪرائي ۔ توهان جي مڪمل انٽرو ڊڪشن جو شدت سان منتظر رهندس۔
جواب: پيار بنا هت ڪجهه به ته ڪونهي ! نثار ابڙا تنهنجون شاباسون قسم سان ايتريون ته دل کي ڏڍ ڏينديون آهن جو گهڻو ڪجهه لکڻ تي مجبور ٿي پوندو آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔ زماني جي خفن ۽ ڪمن ڪارين کان جڏهن واندڪائي ملندي آهي، ڪجهه ابتا سُبتا لفظ پنهنجي ڊائري تي لکي ڇڏيندو آهيان۔۔۔ بس يار پريم جا روڳي، جنين جا چاڪ سدائين انهي اڻانگي رستي تي هلندي چڪندا ئي رهندا آهن پر پو به هُو پنهنجي منزل پسڻ لا اڳتي وڌندا رهندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بلڪل ائين جيئن شمع جا پروانه هڪڙا جلندا آهن ته ٻيا وري شمع جي چوڌاري پيا طواف ڪندا آهن، سڙندا ويندا آهن ڀسم ٿيندا ويندا آهن، پو وري ٻيا جنهن دل پيتا عشق دا جام او دل مستو مست مُدام جا نعرا هڻندا پنهنجي جان جو سانگو لاهي لاري لڳندا آهن ۔ تنهنجي همت افزائين جو انتهائي ٿورائتو آهيان۔