شري موهن گيهاڻي – منهنجي نظر ۾ : کيمن يو مولاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شري موهن گيهاڻي – منهنجي نظر ۾

    بقلم : کيمن يو. مولاڻي


    شري موهن گيهاڻي سنڌي ادبي جڳت جو ڄاتل سڃاتل نالو آهي. سندس جنم ڪراچيءَ ۾ 20 جنوري 1938ع تي ٿيو. هو زندگيءَ جون 79 بهارون ماڻي چڪو آهي. ڀارت جي ورهاڱي وقت سندس عمر 11-10 سال مس هئي. هن ننڍپڻ جا شروعاتي سال پنهنجي وطن ۾ گذاريا. ننڍپڻ جون اهي يادگيريون اڄ به سندس سيني ۾ سانڍيل آهن. اڪثر اهي ڳالهيون ڪندي ٽڙي پوندو آهي. هڪ دفعي ٻڌايائين ته ننڍپڻ ۾ پيءُ سان گڏ هر روز ستسنگ تي ويندو هوس. اتي هڪ ڏينهن هڪ سنت منهنجي پيءُ کي چيو ته تنهنجو هيءُ پٽ يوگي آهي، جيڪو پنهنجي ڪيل ڪنهن غلطيءَ سبب وري مانش جنم وٺي آيو آهي. هيءُ يوگي بڻجندو .اهو ٻڌائڻ کان پوءِ گيهاڻي صاحب کلي چوندو آهي يار، مان يوگي ته بڻجي ڪونه سگهيس پر ساهتڪار ضرور بڻجي ويس. مان چوندو آهيانس ته سائين ساهت سرجڻ به ته جوڳ پچائڻ مثل آهي.ان سنت صحيح اڳڪٿي ڪئي هئي.
    شري موهن گيهاڻيءَ شروعاتي پڙهائي ته سنڌ ۾ شروع ڪئي هئي، پر ورهاڱي کان پوءِ گجرات ۾ سال ٻه گجراتي به پڙهيو.ان کان پوءِ جڏهن سندس وڏا ممبئيءَ ۾ وڃي ٿائينڪا ٿيا تڏهن ممبئي جي گرانٽ روڊ علائقي ۾سنڌين جي قائم ڪيل سنڌ ماڊل اسڪول ۾ داخلا ورتائين. شري گيهاڻيءَ لکڻ ڪيئن شروع ڪيو ان جي به هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي. جڏهن هو 15 سالن جو هو ته سنڌ ماڊل اسڪول وارن “ جوت” نالي هڪ سالياني مخزن ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. ان مخزن جو ايڊيٽر سائين ڪنعيالعل ڪان کي مقرر ڪيو ويو ۽ ٻارن کي چيو ويو ته اهي پنهنجون رچنائون لکي سائين ڪنعيالعل ڪان وٽ کڻي وڃن.جيئن اهو ڏسي انهن کي مخزن ۾ شامل ڪري سگهي. موهن کي به ڪڏ کنيو ۽ هڪ ڪوتا لکي کڻي ويو. سائين ڪنعيالعل ڪان کيس چيو ته پٽ، ڪوتا ۾ ماترائون ٿينديون آهن. تو ڪوتا ماترائن تي ڪانه لکي آهي.پوءِ کيس ماترائن جي باري ۾ سمجهايائين. ان کان پوءِ هن سخت محنت ڪري ماترائن تي ڪوتا لکي کيس ڏني، جيڪا مخزن ۾ شايع ٿي.اها ٻي ڳالهه آهي ته گيهاڻي صاحب هاڻي ماترائن تي ڪوتا ڪونه ٿو لکي، گهڻو اڳتي هلي جيڪو سندس پهريون ڪوتائن جو مجموعو “پوپٽ پڪڙيندي” ڇپيو ان ۾ شامل ڪوتائون ماترائن تي ٻڌل ڪونهن.
    شروعاتي دؤر ۾هن پنهنجي سر گرو رابيندرناث زٽئگور جي ڪهاڻي “ ڪابلي والا” جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ممبئيءَ مان نڪرندڙ “ هندواسي ” هفتيوار ڏانهن ٽپال رستي موڪلي ڏنو.پر ان ۾ اها ڪهاڻي ڪانه ڇپي. هي انتظار ئي ڪندو رهيو. تنهن هوندي به هن همٿ ڪانه هاري. پوءِ پنهنجي هڪ اصلوڪي ڪهاڻي سنڌيءَ ۾ لکيائين. ان وقت سنڌ ماڊل اسڪول ۾ شري ڪيرت ٻاٻاڻي به ماستر هوندو هو. گيهاڻي اها ڪهاڻي ان وٽ کڻي ويو. ان ڪهاڻي پڙهي کيس چيو ته پيڊر روڊ تي جئه هند ڪاليج ۾ هر ڇنڇر تي شام جو ادبي ڪلاس لڳندو آهي. ٻيا به اديب ايندا آهن . سڀ پنهنجون رچنائون پڙهندا آهن انهن تي ٻيا پنهنجا رايا ڏيندا آهن. جيڪڏهن تون اتي اچي پنهنجي اها ڪهاڻي پڙهندين ته سڀني جا رايا ٻڌي توکي سٺي رهنمائي ملي پوندي. موهن گيهاڻيءَ جڏهن اها ڳالهه پنهنجي دوست اندرو مانسنگهه سان ڪئي ته ان چيس اڙي، تون ڪهڙي ٿو ڳالهه ڪرين. اتي ته سڀ ڪميونسٽ ويندا آهن. تون ڪانگريسي آهين. اتي ويندين ته اهي توکي به ڪميونسٽ بڻائي ڇڏيندا. گيهاڻيءَ چيس ڇڏ يار اهي ڇا مون کي ڪميونسٽ بڻائيندا. مان انهن سڀني کي ڪانگريسي بڻائي ڇڏيندس. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو انهن کي ڪانگريسي ته ڪونه بڻائي سگهيو. البت پاڻ ڪميونسٽ بڻجي ويو ۽ اڄ تائين ان ويچار ڌارا سان نڀائيندو پيو اچي. هو ڪانگريسي ڪيئن بڻيو اهو قصو به توهان کي ٻڌائيندو هلان. ٿيو ائين جو ڪراچيءَ ۾سندس وڏو ڀاءُ آر. ايس .ايس. جي شاخا ۾ ويندو هو . ان ڪري جي رد-عمل ۾ هن َ انڊين نئشنل ڪانگريس دواران هلندڙ سيوا دل ۾ وڃڻ شروع ڪيو ۽ ڪانگريسي بڻجي ويو.
    ادبي ڪلاس ۾ وڃي جڏهن هن پنهنجي اها پهرين ڪهاڻي پڙهي ته سڀني ان ڪهاڻيءَ جي ڏاڍي ساراهه ڪئي.خاص ڪري ڪهاڻيءَ جي ٻوليءَ تي کيس گهڻو داد مليو. گيهاڻي صاحب ٻڌائيندو آهي ته مون ان ڪهاڻيءَ ۾ همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني ڪردارن کي ماري ڇڏيو هو. سندس ٻين ڪهاڻي “ ۽ ست نارائڻ نه آيو ” 1955ع ۾ “ هڪ سيکراٽ جي ڪهاڻي” طور “ نئين دنيا” مخزن ۾ ڇپي، جيڪا ان وقت نامياري سنڌي ادبي مخزن ليکي ويندي هئي. اهڙيءَ طرح موهن گيهاڻيءَ سنڌي ساهت جي کيتر ۾ پنهنجو قدم رکيو.ان کان پوءِ هو ڄڻ ’ نئين دنيا’ ڪٽنب جو حصو ٿي ويو ۽ ان ۾وقت به وقت سندس ڪهاڻيون، طنزون ۽ ادبي مضمون ڇپجڻ لڳا. انهن سندس هڪ ڪهاڻي “ بادشاهه سلامت” پنهنجي مجموعي“سنڌي شارٽ اسٽوريز” انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇاپي ۽ ائين کيس برک ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ شموليت ملي.ان وقت هر ليکڪ لاءِ ‘ نئين دنيا’ ۾ ڇپجڻ ادبي طور تسليميءَ جو سرٽيفڪيٽ ليکيو ويندو هو.
    ڊسمبر 1956ع ۾ جڏهن دهليءَ ۾ ايشيا جي ليکڪن جي ڪانفرنس ٿي ته ان ۾ سدا حيات سائين منگهارام ملڪاڻيءَ جي اڳوانيءَ هيٺ سنڌي ليکڪن جي ڊيليگيشن شامل ٿي هئي. موهن گيهاڻي به ان وفد ۾ هو. ادبي ڪلاس ۾ ويندي هڪ اهڙو به موقعو آيو جو کيس شريمتي ڪلا پرڪاش کان پوءِ ان جي جڳهه تي ساندهه ٽي سال سنڌي ساهتيه منڊل جي جوانئٽ سيڪريتريءَ جو ڪم سنڀالڻو پيو. جتي کيس هر بئٺڪ جا منٽس لکي ايندڙ بئٺڪ ۾پڙهڻا پوندا هئا، سندس چوڻ آه ته هن سنڌي ٻوليءَ جي مشق اتي پچائي. منهنجي خيال ۾ ان ڪري اڄ به سندس ٻولي مائيدار آهي.
    سنڌي ساهتيه منڊل ۾ رهندي شري موهن گيهاڻي سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتيه سنوڌان جي اٺين شيڊول ۾ شامل ڪرائڻ واري تحريڪ سان جڙي ويو. ان ڳالهه تي سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ 1957ع ۾ دهليءَ ۾ پهريون ڪنوينشن ٿيو. جنهن جو ادگهاٽن ڊاڪٽر راڌا ڪرشنن ڪيو. ٻيون ڪنوينشن 1958ع ۾ ممبئيءَ ۾ ۽ ٽيون ناگپور ۾ ٿيو.ناگپور ۾ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جي جوڙجڪ تيار ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ويئي ، جنهن جو ڪنوينئر شري اي.جي.اُتم کي بڻايو ويو. اها جوڙجڪ 1960ع ۾ آديپور ۾ ٿيل سميلن جي موقعي تي بحال ڪري لاڳو ڪئي ويئي.ان جوڙجڪ لاڳو ٿيڻ کان ترت پوءِ سڀا سال1961ع ۾ڀوپال ۾ سميلن ڪوٺايو. 1962ع جئپور ۾ سميلن ٿيڻو هو پر 20 آڪٽوبر تي چين ڀارت تي ٿيل اوچتي حملي جي ڪري اهو سميلن مهمل ڪرڻو پيو. هالانڪ سميلن جون سڀ تياريون مڪمل ٿي ويون هيون ۽ گهڻا ڊيليگيت جئپور پهچي به ويا هئا سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ واري ان تحريڪ سان وابسته اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جا سڀ تفصيل “سنڌيت جو سفر” نالي ڪتاب ۾ڏنل آهن. جيڪو ڪيرت ٻاٻاڻيءَ سان جناب هري پنڪج ۽ موهن گيهاڻيءَ گڏجي تيار ڪيو آهي.اهو سندس پنجون ڪتاب آهي. ان ڪتاب ۾اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا جو سمورو اتهاس ڏنل آهي.ان ڪري ان بابت وڌيڪ لکڻ ضروري نٿو لڳي.
    انهيءَ دؤر ۾ سنڌين جي سڃاڻپ قائم رکڻ لاءِ سماجي، ثقافتي۽ ادبي رسالو “ سنڌو ڌارا” هفتيوار اخبار شايع ڪئي ويئي هئي ان اخبار کي چالو ڪرڻ ۾ هن پنهنجو خاص رول ادا ڪيو.ان وقت موهن گيهاڻي جيڪي ڪهاڻيون، طنزيه ليک ۽ ٻيون رچنائون لکندو هو اهي ‘نئين دنيا’ سان گڏ ‘سنڌو ڌارا’ ۾ لاڳيتو ڇپجندا رهندا هئا.
    شري موهن گيهاڻيءَ جو پهريون نين ڪوتائن جو مجموعو “ پوپٽ پڪڙيندي” آگسٽ 1993ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. ان ۾ 76 نيون ڪوتائون ڏنل آهن. انهن ڪوتائن ۾ وقت جا چٽر آهن، فلئش آهن، جيڪي ڌيان ڇڪائين ٿا ۽ انهن ۾ اظهاريل ڪومل احساس ڪويءَ جي حساس دل هئڻ جي ثابتي ڏين ٿا. “ مون صبوح جو/ سج کي/ڳترا ڳترا ڪري/اچلائي ڇڏيو./ مون پاڻ کي محفوظ ڀانيو/ سوچيم/وقت ڪٽجي ويو./ ٻئي ڏينهن وري صبوح جو/سج مشڪيو./“ انهن ڳترن ۾ تنهنجو وجود ئي ته هو” ( صفح-38 ) موهن گيهاڻيءَ کي ٿورن لفظن ۾گهڻو چوڻ جو ڏانءُ آهي. هن ڪوتا ۾ به شاعر جي وقت جي بند مان پنهنجي جان ڇڏائڻ جي ڇٽپٽاهٽ صاف ظاهر آهي. پر ڪير وقت کان پاڻ ڇڏائي سگهيو آهي. هر چيز ان جي قيد ۾آهي.سج وقت جي علامت آهي . اهو روز صبوح جو مشڪندو اچي ٿو ۽ چوي ٿو تون ڇا مون کي ڳترا ڪندين انهن ڳترن ۾تنهنجو وجود هوندو.
    شري موهن گيهاڻيءَ جو شروع کان سنڌ جي اتهاس ۾ دلچسپي رهي آهي. سندس ٻيون ڪتاب “ سنڌ جو اتهاس” ( جهلڪيون) نالي سان ڇپيو. اهو هڪ وڏو تحقيقي ڪم هو. جنهن جي سنڌي عوام آجيان ڪئي. ان ڪتاب تي کيس سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد انعام به عطا ڪيو. ان ڪتاب جا هندي ۽ انگريزي ترجما به شايع ٿي چڪا آهن. هندي ترجمو کيمن يو. مولاڻيءَ ۽ انگريزي ترجمو هن پاڻ ڪيو آهي.اهي اهي ٻئي ترجمي وارا ڪتاب به عوام کي بيحد پسند پيا آهن.. هيءُ سنڌ جو مختصر اتهاس آهي. جنهن ۾ 30 ننڍا ننڍا مضمون آهن. جن ۾ آدي ڪال کان وٺي ڀارت جي ورهاڱي تائين جي سنڌ جي اتهاس جو ٿوري ۾ ذڪر ڪيل آهي.
    شري موهن گيهاڻي تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون لکڻ ۾ ماهر آهي.اختصار سندس مضمونن جي خوبي آهي.سندس ٽيون ڪتاب “ جا چتايم چت ۾ ”مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪو بيسٽ سنڌي سڀا، ممبئيءَ وارن ڏياريءَ جي موقعي تي سال 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان ڪتاب ۾ ڪل ست مضمون شايع ٿيل آهن، جن ۾گيان جو ڀنڊار آهي. انهن ۾“ لاکيڻو لعل” سري وارو هڪ مضمون به شامل ڪيل آهي، جنهن تي 1965ع ۾کيس نئين دنيا مخزن ممبئيءَ پاران رکيل هڪ چٽاڀيٽيءَ ۾ ٽيهن روپين جو انعام مليو هو. ان وقت اها رقم ننڍي ڪانه ليکي ويندي هئي. مضمون جي باري ۾ شري اليگزينڊر اسمٿ جو رايو آهي ته :
    “ The essay as literary form, resembles the lyric,in so for as it moulded by some central mood –whimsical, serious or satirical.Give the mood and essay,from the first sentence to the last,grows around it as the cocoon grows around the silk- worm.”
    شري موهن گيهاڻيءَ جو چوٿون ڪتاب “ منهنجو نگر ڪهڙو.....؟” نين ڪوتائن جو مجموعو آهي. جيڪو سورٺ پبليڪيشن ممبئيءَ وارن 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن جو مهاڳ برک غزلگو شاعر محترم ارجن حاسد جو لکيل آهي. منهنجي ويچار ۾هنن ڪوتائن ۾ سندس خيالن جا عڪس ۽ اولڙا آهن.منظر ڪشي اهڙي جو هڪوار پڙهندڙ سوچ ۾ ٻڏي وڃي. توهان به ڏسو. چوي ٿو :
    “ اڄ/ هڪ سنڌي ٻار جو ضد/سڀ وئڪيشن ۾ ڳوٺ وڃن ٿا/مون کي ڳوٺ وٺي هلو/سنڌي سيٺ پوٽي جي کيٽي ڪارڻ/رمز سوچڻ ۾ غلطان.”
    شاعر هن ڪوتا ذريعي انهن سنڌي هندن جي دکندڙ رڳ کي هٿ رکيو آهي جيڪي ڀارت جي ورهاڱي وقت جنم ڀوميءَ کي زوريءَ ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿيا ۽ هاڻي سندن پيڙهيون پنهنجي سڃاڻپ ڳولهي رهيون آهن ۽ هو پاڻ پنهنجي سڃاڻپ قائم رکڻ لاءِ سرگردان آهن. اڄ جڏهن سندن نئين پيڙهي کانئن پڇي ٿي ته منهنجو نگر ڪهڙو آهي؟ ته هو رمز سوچڻ ۾ غلطان ٿي ٿا وڃن.
    شري موهن گيهاڻيءَ صرف ڪهاڻيون، ڪوتائون ۽ مضمون ئي ڪونه لکيا آهن، پر هن ننڍا ۽ وڏا ناٽڪ به لکيا آهن، جن مان ڪي اسٽيج تي اچي چڪا آهن ۽ سنڌي عوام جي واهه واهي حاصل ڪري چڪا آهن. 2009ع ۾ سندس ناٽڪن جو مجموعو ڇپجي ظاهر ٿيو، جنهن ۾ ٽي وڏا ۽ چار ننڍا ناٽڪ ڏنل آهن. ان ڪتاب تي 2011ع ۾ساهتيه اڪادميءَکيس انعام سان نوازيو. اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾تواريخي ( اتهاسڪ) ناٽڪن جي اڻاٺ آهي.پر خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هن ڪتاب ۾ ٻه اتهاسڪ وڏا ناٽڪ ڏنل آهن.هڪ “مٽيءَ لڌو مان” جو سنڌوپتي مهاراجا ڏاهر جي جيون ۽ ڪارين تي آڌارت آهي ۽ ٻيو“سنڌو ڌارا”. “مٽيءَ لڌو مان ” اسٽيج ماڻي چڪو آهي ۽سنڌي درشڪن کي بيحد پسند پيو آهي.
    شري موهن گيهاڻيءَ سنڌين جي مايناز ڪلاڪار شريمتي انيلا سندر کي ٻه سنڌي بئلي “ سنڌو –ڌارا” ۽ “ زال ڪڏهن زير ڪڏهن زبر” نالي ٻه بئلي لکي ڏنا. اهي ٻئي بئلي به سنڌي عوام بيحد پسند ڪيا آهن.
    شري موهن گيهاڻيءَ جي ڪوتائن جو مجموعو “رڻ پٽ ۾” ايڪويهين صديءَ جي شروعاتي ٻئين ڏهاڪي ۾ سال 2013ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. اهو سندس ستون ڪتاٻ آهي.ان مجموعي ۾ ڏنل ڪوتائون به اڳين مجموعن وانگر فلئشز آهن جيڪي پاٺڪ کي سوچ جي سمنڊ ۾ ٻوڙي ٿيون ڇڏين.لکي ٿو : “ هن تنبيهه ڪئي/ تون تکي ڊوڙ ٿو پائين/توکي ڊگهي ڊوڙ جو سوچڻ کپي/سج کي آزادي ڪٿي آهي؟/ مون کي؟/کنوڻ ٿي/ آزادي ماڻڻي آهي.” (صفح-47) سندس اهي ڪجهه ٿورا لفظ سوچڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڏين ٿا. اڄ جو انسان تکي ڊوڙ پائي جلد از جلد ڪاميابي حاصل ڪرڻ ٿو چاهي. موهن گيهاڻي به اهڙي انسان جو طرفدار آهي. هو تنبيهه ڪندڙ کان ئي خودکي سوال ڪري پڇي ٿو ته سج کي آزادي ڪٿي آهي؟ ان کي ته هر روز مقرر راهه تي هلڻو آهي.مون کي ته کنوڻ بڻجي چمڪاٽ ڪري چئن سان ويهي آزادي ماڻڻي آهي. هن ڪتاب جي هڪ خوبي اها به آهي ته هر ڪويتا جي بئڪ گرائونڊ ۾ شري مڪيش تلوڪاڻيءَ جا ريکا چتر ڏنل آهن. جيڪي ڪويتا جي موضوع سان واسطو رکن ٿا.هن ڪتاب جي صفح 35 تي ڏنل هيءَ ڪوتا ڪوٽ ڪرڻ کان به پاڻ کي روڪي نٿو سگهان.ليڪ جي باري ۾ ڏسو ته ڇا ٿو چوي-“ ليڪ هٿ ۾ قسمت/ليڪ نقشي تي سرحد/ليڪ رستي تي روڪ/ليڪ چپن تي مرڪ/ليڪ نرڙ تي سوچ/ليڪ آسمان ۾ کنوڻ/ليڪ تارن ۾مؤت/ليڪ واريءَ تي فريب/ليڪ افق تي صبوح/ليڪ من ۾.../ليڪ پيئي ڪٽجي/نانگ مري وڃڻ کان پوءِ” هيءَ ڪوتا جناب موهن گيهاڻيءَ جي تخليقي قوت جو مثال آهي. هڪ ننڍڙي ليڪ انسان وانگر هر جڳهه تي پنهنجو رنگ روپ مٽائي الڳ الڳ ڪردار نڀائي ٿي.
    2013ع ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي آديپور ڪڇ وارن سندس مقالن ۽ تنقيدي مضمونن جو شاهڪار ڪتاب “ ٽڙيل پکڙيل پنا” نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو.266 صفحن واري ان ڪتاب ٽيهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين باب ۾مختلف ادبي سيمينارن ۾ پڙهيل ڪي مقالا ۽ ٻيا ادبي مضمون آهن. ٻئين باب ۾دبئيءَ جي ادبي ڪلاس ۾ پڙهيل طنزيه مضمون آهن، جن ۾ طنز و مزاح ذريعي پاٺڪن کي الڳ الڳ وشين تي ذهني غزا ميسر ڪري ڏني ويئي آهي.ٽئين باب ۾ ڪن ادبي دوستن سان گهاريل گهڙيون قلمبند ڪيو ويون آهن.مٿي چيو ويو آهي ته شري موهن گيهاڻي سنڌيت جي هلچل سان واڳيل رهيو آهي. هن ڪتاب جي چوٿين باب ۾ سنڌيت جي هلچل سان وابسته مضمون ڏنل آهن. هن ڪتاب جي انهن سڀني مضمونن ۾ سندس گهري اڀياس ۽ سوچ جو اولڙو صاف نظر اچي ٿو. هيءُ ڪتاب سچ پچ سانڍڻ جهڙو آهي.هيءُ ڪتاب موهن گيهاڻيءَ جي گوناگون موضوعن تي حاصل دسترس جي ثابتي آهي. سندس اڀياس گهرو، ڇيد تکو ۽منطقي آهي.جنهن ڪري هو هڪ سوچيندڙ ليکڪ طور ظاهر ٿئي ٿو.
    مول انگريزي ڪتاب:
    موهن گيهاڻيءَ جو اٺون ڪتاب پوپٽي هيراننداڻيءَ تي لکيل مونو گراف آهي. .جيڪو مرڪزي ساهتيه اڪادمي، نئين دهليءَ وارن“ ميڪرس آف انڊين لٽريچر ”سيريز تحت 1913ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان ڪتاب ۾ پوپٽي هيراننداڻيءَ جي جيون ۽ ڪارين تي هر ڪنڊ کان روشني وڌي ويئي آهي. انگريزيءَ ۾ لکيل اهو ڪتاب جن به پڙهيو هوندو اهي منهنجي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيئي سگهندا.
    1915ع ۾ مرڪزي ساهتيه اڪادمي دهليءَ وارن “ ميڪرس آف انڊين لٽريچر ” سيريز تحت شري موهن گيهاڻيءِ جو لکيل نائون ڪتاب پرڀو وفا جو مونو گراف انگريزيءَ ۾ ڇپايو. اهو ڪتاب به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. پرڀو وفا جي شاعريءَ جي هر صنف جو ترجمو ڪندي هن جيڪا محنت ڪئي آهي اها ساراهڻ جوڳي آهي. ڪتاب پڙهي من اصل ٺري ٿو پوي. ڪوتائن جو ترجمو ڀلي نثر ۾ آهي پر اهو شاعر جي ڀاو جي پوري پوري معنى ڇڏائي ٿو، ان ڪري پڙهڻ ۾ مزو اچي ٿو.
    ورهاڱي کان پوءِ اسان هندو سنڌي ڀارت ۾ لڏي آياسين. ان وقت اسان لاءِ پاڻ کي ڪٿي ٿائينڪو ڪري ورسڻ جو سوال اهم هو. چوندا آهن ته رت دانگيءَ تي ورندو آهي. اهڙي اؤکي وقت ڪڇ ڀڄ جي مهاراءُ صاحب شري وجيه راجي جنهن جا وڏا اصل سنڌ جا حاڪم رهيا هئا. تنهن اسان سنڌي ڀائرن کي آڇ ڏني ته ڀائرو هتي ڪڇ کي اچي وسو. سندس سڏ اونائي ڀائي پرتاب “سنڌو ريسيٽلمينٽ ڪارپوريشن” برپا ڪيو. ان ڪارپوريشن کي ڪڇ جي مهاراءَ 15000 ايڪڙ زمين پنهنجن سنڌي ڀائرن کي ورسائڻ لاءِ ڏني. ڀائي پرتاب ان زمين تي آديپور، گانڌيڌام اڏايو. ان ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون درپيش آيون.موهن گيهاڻيءَ ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته 15000 ايڪڙن مان زمين 2600 ايڪڙ ڪيئن ٿي، اهو سوال ڇو منجهايو ويو ۽ 1954ع ۾ حل ٿيو، جڏهن سنڌي ٻين هنڌن تي ٿائينڪا ٿي ويا هئا.انهن ڳالهين جي تهه ۾ وڃڻ ضروري آهي ته سنڌي قوم سان ڪهڙن نيتائن ڊوهه ڪيو آهي.ڀارت سرڪار ڪراچي پورٽ جي عيوض ڪنڊلا پورٽ اڏائڻ شروع ڪيو. اڄ ڏسو ته اتي ان جهنگل ۾ منگل ٿي ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پيٽ گذران جي ڪري اسان مان گهڻا اتي وسي نه سگهيا ۽ ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٽڙي پکڙجي ويا پر سنڌيهندن تي نازل ان تواريخي زلزلي تي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪٿي به قلم ڪونه هلايو ويو هو. ستهٺ سالن بعد اهو تواريخي ڪم موهن گيهاڻيءَ سرانجام ڏنو. هن انگريزيءَ ۾“ڊزرٽ لئنڊ ٽو هوم لئنڊ” لکيو جنهن ۾وڏي محنت ڪيل آهي.اهو ڪتاب1915ع ۾انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي آديپور (ڪڇ ) وارن ڇپائي پڌرو ڪيو.هن ڪتاب ۾ ڪجهه تواريخي دستاويز به ڇپيل آهن. مون کي اميد ئي نه پر پوري پڪ آهي ته ورهاڱي جو هيءَ دستاويزي ڪتاب نه صرف سنڌ پر سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي قوم جي ايندڙ پيڙهين لاءِ پريرڻا جو سرچشمو ثابت ٿيندو. پر غير سنڌي ودوانن لاءِ به هڪ ريفرينس بوڪ ٿي ڪتب ايندو.
    انگريزيءَ ۾ ترجما
    شري پريتم ورياڻيءَ جي ڏهن ڏيهي ڪهاڻين واري ڪتاب جو انگريزي ترجمو شري موهن گيهاڻيءَ ڪيو آهي جيڪو انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور وارن ڇپائي پڌيو ڪيو آهي. هن پنهنجين چونڊ سنڌي ڪوتائن جو پاڻ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جن کي شريمتي مينڪا شوداساڻيءَ ايڊت ڪيو. انهن ڪوتائن کي سال 2015 ع ۾ ڪاپر ڪوائن پبلشنگ پرائيويٽ لميٽيڊ، دهليءَ وارن“ برٽل آئيس” نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.سندس انهن انگريزي ڪتابن جي ڪري دنيا جي ٻين ٻولين جي وچ ۾سنڌي ساهتيه جو مان مٿاهون ٿيو آهي.ان لاءِ بيشڪ هو داد جو حقدار آهي. انگريزيءَ ۾سنڌي ساهتيه کي ڦهلائڻ لاءِ هن ٻيا به ڪيترا مقالا ۽ مضمون لکيا آهن، جن کي ڇاپي جو انتظار آهي.ان کان سواءِ به هن سنڌي ٻوليءَ مان انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمي جا ڪئين ٻيا ننڍا وڏا ڪم ڪيا آهن.
    سنڌي ترجما
    ڪپلا واتساين جي ڀرت ناٽيه شاستر تي انگريزيءَ ۾ڪيل ٽيڪا جي ڪتاب جو شري موهن گيهاڻيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ سهڻو ترجمو ڪيو. اهو ڪتاب 2013ع ۾ مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ ڇپائي پڌرو ڪيو.هيءُ ڪتاب سنڌي فنڪارن کي ضرور پڙهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اوائلي دؤر جي ڀرت منيءَ هر قسم جي لطيف فن تي پنهنجا جيڪي ويچار ظاهر ڪيا هئا، اهي اڄ جي دؤر ۾ بيحد ڪارائتا آهن.ترجمو سولي سنڌي ٻوليءَ ۾ هئڻ ڪري پڙهڻ ۾ آنند ٿو ڏئي.ڪٿي به ائين ڪونه ٿو لڳي ته اهو ڪنهن ٻي ٻوليءَ تان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب آهي. اها ئي ڪنهن ترجمي جي ڪاميابي ليکي ويندي آهي.اها ساڳي خوبي سندس ترجمو ڪيل ٻئي سنڌي ڪتاب ۾ به نظر اچي ٿي. موهن گيهاڻيءَ مليالم ٻوليءَ جي ڪوي او. اين. وي. ڪروپ جي ڪوتائن جي ڪتاب جو سنڌي ٻوليءَ ۾“ اهو پراچين سر منڊل” نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو مرڪزي ساهتيه اڪادمي دهليءَ وارن 2014ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اهي ڪوتائون پڙهڻ سان مليالم نه پر ڄڻ سنڌي ڪوتائون ٿيون لڳن. افسوس رڳو اهو آهي ته اسان سنڌين ۾ڪو سنڌي ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ جي عادت ذرا گهٽ آهي.سٺا ڪتاب پڙهڻ سان سوچ جو دائرو وڌي ٿو. اها ڳالهه اسان شايد ڪونه ڄاڻون.
    ڪلچر ۽ ادب صدين جو مامرو آهي. وقت جي وهندڙ وهڪري تي ڪيترا ئي پن، گل ۽ ٽٽل ٽاريون ڏسبيون آهن.انهن کي ڏيکاري ( Visiblity) ٿيندي آهي، جڏهن ته موتي عميق ۾ غوطاخورن کي ملندا آهن. مون کي اميد ئي نه پر پوري پڪ آهي ته ايندڙ وقت ۾ جڏهن ڪو غوطاخور عميق ۾ ٽٻي ڏيندو ته کيس جيڪي موتي ملندا انهن مان ڪي ضرور موهن گيهاڻيءَ جا به هوندا.
    ( سماپت )


    Khiman U. Mulani
    A-New 14/134, Bairagarh,
    BHOPAL- 462030
    Mob: 09425051715& 09827343735
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو