سوشل ميڊيا جي اڄڪلهه جي رَوش تي سوشل ميڊيا تي ئي ڪافي فعال دوست حفيظ ڪنڀر جو چوڻ آهي ته اڄڪلهه سوشل ميڊيا ”پوسل ميڊيا“ ٿي پئي آهي جتي ڪو به اُتي ڦرندڙ مڇرن جي وبا جو شڪار ٿي سگهي ٿو. سچ پچ ته آهي به ايئن. ڪير به سِر ڦريو اُٿي ڪنهن شريف النفس شخص بابت، ڪنهن تاريخي حقيقت يا ماڳ مڪان بابت ڪا به مغالطي ڀري ڳالهه ڪري ته ”يار“ نه ڪندا پڪ نه تصديق بس ان جي ماءُ ڀيڻ هڪ ڪري ڏيندا. جيسين وڃي ڳالهيون چٽيون ٿين تيسين ڪم لهيو وڃن. ايئن ئي تازو فنڪشنل ليگ جي هاڻوڪي سينيٽر ۽ اڳوڻي وڏي وزير سان پڻ ٿيو جڏهن ٻوليءَ بابت هڪ بل سينيٽ ڪميٽيءَ وٽ پيش ٿيو جنهن جي مخالفت ۾ وؤٽ ڪرڻ تي کيس سوشل ميڊيا تي هر آئي وئي پئي گهٽ وَڌ چيو. ڪنهن به اها زحمت نه ڪئي ته سائينءَ جو مؤقف ٻُڌجي ته هُن ايئن ڇو ڪيو؟ ڇِرڪيو ته پهريان آءُ به هُئس ته هڪ سنڌي ميمبر اهڙي بِل جي ڇو مخالفت ڪئي جيڪو سنڌ جي مفاد ۾ هو. پر سياڻا چوندا آهن ته ”ڏِٺي مان به ڏِسجي“، مطلب ته اکين ڏٺي ڳالهه به هر رُخ کان ڏسي وائسي پڪ ڪري پوءِ ان تي ردِ عمل ڏجي. تنهنڪري ڏسڻ وائسڻ کان اڳ ان تي ڪو تبرو نه ڪيم. ان بل کان اڳ ۾ مختصراً پاڪستان جي آئين ۾ ٻولين بابت ٻن آرٽيڪلز جو ذڪر ڪجي ته بهتر آهي. هڪ آهي آرٽيڪل 251 جيڪو قومي ٻوليءَ بابت آهي جنهن ۾ اردوءَ کي قومي ٻوليءَ طور ڄاڻائيندي ان سان ڪنهن به ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ کان سواءِ علائقائي ٻولين جي تحفظ ۽ بهتريءَ لاءِ صوبن کي اجازت ڏني وئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ صوبائي ٻولين کي سرڪاري لکت ۾ ڪم آڻڻ جي اجازت مليل آهي. ٻيو آهي آرٽيڪل 28، جنهن ۾ مٿئين آرٽيڪل سان مشروط علاقائي ٻولين جي تحفظ ۽ بهتريءَ جي ڳالهه ڪيل آهي. مطلب ته قومي ٻولي اردو جي تحفظ کي يقيني رکندي صوبائي اسيمبلين کي مُلڪ جي ڪنهن به علائقي جي منفرد ٻولي توڙي ثقافت جي پرچار جو آئيني حق حاصل آهي. آرٽيڪل 251 (3) without prejudice to the status of the National language ,a Provincial Assembly may be law prescribe measures for the teaching ,promotion, and use of provincial language in addition to the national language. آرتيڪل 28 Article 28 of 1973 const. Preservation of language, script and culture. Subject to Article 251 any section of citizens having a distinct language ,script or culture shall have the right to- preserve and promote the same and subject to law,establish institutions for that purpose . هاڻي اچون ٿا ان بل طرف ج يڪو پيش ٿيو. اوهان ھيٺ ڏسو ته جيڪو بل پ پ پ جي.سينيٽر ڪريم خواجه پاران پيش ڪيو ويو اُن ۾ آرٽيڪل 251 جو ته ذڪر ئي ناهي. اهو ته آرٽيڪل 28 جي ڪُجهه توسيع سان ان ۾ اٺ ٻولين کي شامل ڪرائڻ جو بل آهي. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته انهي بل پيش ڪرڻ جو مقصد سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي طور مڃرائڻ هو ئي ڪونه بلڪه آرٽيڪل 28 ۾ سنڌي ٻولي کي شامل ڪرائڻ هو. هاڻي اچون ٿا نتيجي طرف. سچ اهو آهي ته جيڪڏهن اهو بِل منظور ٿي وڃي ها ته سنڌ ٻولي سدائين لاءِ هڪ علاقائي ٻولي تسليم ٿي وڃي ها جيئن سرائڪي، بلوچي يا ڍاٽڪي وغيره آهن ۽ سنڌيءَ جي قومي ٻولي ٿيڻ جو رستو ئي بند ٿي وڃي ها. جيڪڏهن بل پيش ڪرڻو ئي هو ته آرٽيڪل 251 ۾ اردوءَ سان گڏ سنڌي يا ٻين ٻولين کي شامل ڪرڻ جو بل پيش ٿئي ها. ان مان صاف ظاهر آهي ته مظفر حُسين شاهه کي جيڪو گهٽ وڌ ڳالهايو ويو اهو غلط هو ۽ هو ”يارن“ کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪري ته جائز هوندو. گهڻن ”يارن“ جيان جذبات جي ان ڌارا ۾ اسان جو وڪيل ۽ قانوني ماهر دوست ڪريم چانڊيو پڻ وهي ويو، پر جڏهن پوري ڳالهه سمجهي ويٺو ته نه رُڳو پشيمان ٿيو پر ان تي هڪ وضاحتي پوسٽ پڻ فيس بُڪ تي رکيس. (ٿي سگهي ٿو روايت موجب هن پوسٽ کي ڪنهن جي ونگار وهڻ طور پڻ سمجهيو وڃي پر پنهنجي نه ته ڪا فنڪشنل ليگ سان سياسي/جذباتي/روحاني وابستگي نه ڪا مظفر حُسين شاهه يا سندس چاهيندڙن جي ڪمداري مليل آهي. هي هيءَ سڄي وضاحت رُڳو هڪ غلطي جي تصحيح خاطر ۽ هٿ ٻَڌي التجا لاءِ ته ٻيلي خدا جي واسطي ڪنن ٻُڌي ڳالهه تي ڪنهن جي خلاف به گُٿو نه ڳالهايو. بلڪه اخلاقي تقاضا آهي ته خبر جي پڪ ٿئي ته به چڱن لفظن جي چونڊ سان اختلافي راءِ ڏيو)