ڪشمور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط ايندئي ايجنٽن جا ٺٺ ! انتظاميه جي اکين تي رشوت جي پٽي ٻڌل..

'تازيون خبرون' فورم ۾ خان محمد شر طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2016۔

  1. خان محمد شر

    خان محمد شر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    نيوز انچارج ريڊيو ايف ايم 104 ڪشمور
    ماڳ:
    ڪشمور
    ڪشمور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط ايندي ئي ايجنٽن جا ٺٺ ٿي ويا، اي ٽي ايم آفيس ايجنٽن جو اڏو بڻيل، اختيارين نوٽيس نه ورتو
    ڪشمور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط ايندي ئي ايجنٽن جا ٺٺ ٿي ويا، ان سلسلي ۾ مستحق عورتن ۽ مردن صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايجنٽ شهر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن کان ايندڙ مستحق ماڻهن جي مجبوري مان ناجائز فائدو وٺندي 4500 جي قسط مان دلالن 500 کان 1000 رپيا في ڪارڊ تي وٺڻ جو ڌنڌو پنهنجي عروج تي پهچائي ڇڏيو آهي. ايجنٽ مافيا غريب ماڻهن کي ڦري رهيا آهن، اي ٽي ايم مشينن تي به ايجنٽن پنهنجي بادشاهي قائم ڪري ڇڏي آهي، انتظاميا جي لاپرواهي جي ڪري غريب عورتن کان ڦر لٽ واري بازار گرم ٿيل آهي شهر جي باشعور عوام اعليٰ انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته اهڙن ايجنٽن جي خلاف جلد کان جلد ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ غريب بي پهچ ماروئڙن سان انصاف ڪيو وڃي.
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو