غزل

منصور سيتائي

سينيئر رڪن
دوستو درياءُ يا ساگر نه هو
عشق هو الله پيغمبر نه هو
مان به اڏران هان مٿي آڪاش تي
پر سلامت ڪو به منهنجو پر نه هو
چنڊ تارن ڪهڪشائن ۾ ته ڇا
مون ڏٺو تنهنجو ڪٿي همسر نه هو
جو وٺي ڏئي سنڌ کي آزادگي
ڪنهن جي اهڙو ذات ۾ جوهر نه هو
چنڊ ڀي رولاڪ رلندو ٿو رهي
ڇو جو هن جو مون جيان ڪو ًگهر نه هو
تو ن ائين ٺوڪر هڻين اڇلين نه هان
راه جو منصور ڪو پٿر نه هو
 
جواب: غزل

واهه منصور صاحب تمام بهترين شاعري آهي اوهان جي ۽ اميد آهي ته توهان ائين ئي پنهنجيون شاعريون اسان سان شئير ڪندا۔۔
 
Back
Top