ورلڊ ايڪنامڪ فورم مطابق بنيادي تعليم جي شعبي ۾ سنڌ ۾ پنجن سالن دوران تعليم جي بجيٽ 48 اربن کان وڌائي 140 ارب روپيا ساليانه ڪئي ويئي آھي بجيٽ ۾ ٽيڻ تي واڌ جي باوجود جيڪو سنڌ ۾ بجيٽ سان حشر ڪيو ويو آھي تنهن جو مظهر هيءُ آھي جو 46 هزار پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن مان 99 سيڪڙو اسڪولن کي لائبرري ڪونهي، 60 سيڪڙو اسڪولن پريڪٽيڪل ڪرن لاءِ ليبارٽري ڪو نهي ،75 اسڪولن سيڪڙو راند جي ميدان ناهن ،62 سيڪڙو بجلي،53 سيڪڙو پيئڻ جي پاڻي ،46 سيڪڙو ليٽرين ۽ 44 سيڪڙو اسڪول چوديواري کان محروم آھن. ان تباهي جو حساب ڪير ڏيندو. ڏسجو ا يندڙ نسل اسان کي گاريون ڏيندا.
ايندڙ نسل پري جي ڳالھ آ ادا موجوده نسل ئي گاريون ڏئي رهيو آهي ! سوال آهي ته انهي ايڏي وڏي تباهي جو تدارڪ ڪيئن ٿئي ، ڪهڙا اُپاءَ ڪيا وڃن ، استاد ، شاگرد ۽ والدين يا عام ماڻهون ڪهڙو ڪردار ادا ڪن؟ ۽ انهي تباهي جيڪا زوال جي برابر آهي انجو ذميوار ڪير آ ؟ ۽ انهي تباهي جي ذميوارن کي ڪيئن جنجهوڙي ۽ ننديو وڃي؟ تبصرا ڪريو سوچيو ۽ انفرادي طور ئي ڪوشش ڪري نوجوانن کي انهي تباهي جو مقابلو ڪرڻ ۽ پنهنجي محنت پاڻ تحت اڳتي وڌڻ جي ترغيب ڏياريو !
ًًًًاداشاه فرمايو ته ٻڏان ته ٻن، اولجان ته ان پار ڏي، ڪنڌي اڀا سپرين، مان، ٻر ٻر ڪن، مياءِ سين تن، جيڪر اٿي مڙان.
موجوده تباهي جو ذميوار ڪنهن فرد ، ڌر يا اداري کي نہ ٿو ٺِهرائي سگھجي . هتي هر فرد ذميوار آهي ڪا به سچائي نه رهي آهيجيڪو جاٿي آهي اتي گوٿناڪيون پيو ڪري . ان جو حل اهو ئي آهي فرد پاڻ کي سڌاري هڪ جي پٺيان ٻيو سڌرندو اهڙي طرح قوم سڌري سگھي ٿي . ٻين کي ذميوار سمجھي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ مان ڪو فائدو ڪو نه ورندو . جنهن جي حصي ۾ جيڪو ڪم آهي اهو پورو ڪري تڏهن به غنيمت ،گھٽ۾ گھٽ اهو گارين کان بچي پوندو .ٻين تي وس ڪونه هلندو انهن مان ڪهڙيون اميدون . ڀاءُ عبدالرحيم گجراتي چواڻي ((پنهنجي محنت پاڻ تحت اڳتي وڌڻ جي ترغيب ڏياريو)) شاھ سائين فرمايو آهي ته مفتي من ويهار ، ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿئين
معذرت سائين عبد الغني لوهار صاحب ..اوهان جي چوڻي ڀل ۾ عبد الرحيم گجراتي جي حوالي سان لکي ڇڏي....آ اتي ترميم ڪرڻ کان بهتر ٿو سمجهان ته غلطي پنهنجي جا تي موجود هجي