• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساسمنگ گليڪسي نوٽ 7 نه وٺو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
m4v4ZaJ.jpg

سامسنگ ۾ مسئلا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. نوٽ 7 جنهن جي باري کوڙ ويبسائٽن ٻُڌايو هو ته هِي مڪمل ۽ بهترين سمارٽ فون آهي، پر هِن ۾ به بيٽري جو ڌماڪي سان ڦاٽڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن. سام سنگ ڪمپنيءَ نوٽ 7 خريد ڪندڙن کي چيو آهي ته هِن کي واپس ڪري مُفت ۾ نئون نوٽ 7 حاصل ڪريو جيڪو وڌي محفوظ آهي. پر بدقسمتي سان وڌيڪ محفوظ نوٽ 7 بيٽري جي بيٽري ڦاٽڻ جا واقعا پيش اچڻ لڳا. گذريل ٽِن هفتن کان گھٽ ۾ گھٽ پنج اهڙا واقعا پيش آيا آهن.
اهڙن حالتن ۾ سامسنگ کي وڏو مالي نقصان پهتو آهي، پر هي مالي نقصان اُن جي شهرت کي پهچندڙ نقصان سامهون ڪُجھه به ناهي. هاڻ سامسنگ آخرڪار هڪ انتهائي اهم کڻندي نوٽ 7 جي سڀني صارفن کي درخواست ڪئي آهي ته هُو اِن جو استعمال مڪمل طور بند ڪَن. هيءُ اعلان انهن خبرن کان پوءِ سامهو آيو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته سامسنگ ڪمپنيءَ نوٽ 7 ٺاهڻ ڇڏي ڏنا آهن.
اطلاع هِي به آهن ته سامسنگ ڪمپنيءَ S8 سمارٽ فون تيزيءَ سان ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ انهن جي ڪوشش آهي ته ان کي ايندڙ سال فيبروريءَ ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو وڃي. هن ڪوشش جو مقصد نوٽ 7 مان ٿيندڙ مالي ۽ شهرت کي پهچندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ آهي.


سامسنگ نوٽ 7 چارجنگ دوران گاڏي کي باھ به لڳي وئي.. تفصيل ڏِسو..
screen-shot-2016-09-09-at-6-19-19-pm.png


http://www.cbsnews.com/news/cpsc-warning-samsung-note-7-phones-fire-explosions/
 
آخري ترميم:
Back
Top