• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نظم

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
Poet: Omar Teewno
Translated by: Aman Kazi
Select :Masoom Sindhi
`````````````````````````````````````
نظم
ڪجه ساهه وجهون سرگوشين ۾
Let's infuse some soul into the whispers
ڪو خاموشين جو ڪنڌ ڀڃون
Breaking the stalemate;
ڪو رڙ واڪو ٿئي راڄن ۾
Let's make some hue and cry
Into the communities,
۽ جاڳي پنهنجي ڀونء سڄي
Reawakening the motherland
ڪو مڪلي مان آواز اُٿي ۽
Let there be some voice raising from the Makli Hills
۽ جاڳي ٻيهر جهوڪ کڻي
And let the whole Jhoke take over the vigilante
سن ٻيهر ٻيڙا ساڙي ۽
Let Sann burn its boats agian,
مخدوم بلاول مُرڪي پئي
And; May Makhdoom be gracious enough to smile over this land
ڪو کرڙي جو ميدان وري
And the Khariri plains
ڪنهن گهوڙن جي هڻڪارن سان
With the neighs of its horses
ڪنهن ويري تي ڪو وار ڪري
Unleash their offensive over the enemy camps
۽ ٻاگهل جو ٿئي ڀاءُ وري
Embracing Baghul as their sister;
هي هيڏي ساري خاموشي
This soul harrowing silence
ڄڻ نانگ سونگهي ويو نعرن کي
Is like the serpents hissing at our national slogans,
ڪو ٽلٽي جو ميدان اُٿي
Let there the plains of Tilti rise up,
۽ راڙ وجهي ڪو راڄن ۾
And the great roar echo up into the motherland
هي ڌرتي پنهنجي کسڪي پئي
Hearken! The motherland is slipping away from our feet,
هي پيرن هيٺان ڌيان ته ڌَرِ
او ڌرتي جا رکوال ڌڻي
O you the guardian of this motherland
او پنهنجي ڀونء جا ٻيڙياتا
O you the custodian of your land
ڪر نظر کڻي چئو ڦير کڻي
Look around,
هي سنڌ لڳي افغان پئي
This land displays an Afghan character, today.
هي پنهنجا واهڻ وستيون ۽
These alleys and hamlets of ours,
هي ويڙها سارا سٿجي ويا
These neighbourhoods abound
۽ وک وک تي ڏس ڏاڍن جا
And; at each step you find the usurpers in new guise and spirit,
ڪي روح لباس به مٽجي ويا
هي نادر شاه جو نسل نئون
The new offspring of Nadir Shah
ڪنهن جهيڙي خاطر سوچي پيو
Is planning to unleash collosal attacks,
تون ننڊ اڀاڳي ۾ ورتل
BUT; alas! You have fallen in some fatal sleep,
تون پنهنجي ڌرتي تي ڌاريو
You appear alien into your own lands,
او هڪجيڏا اچ ساٿ هلون
O you comrades! Let's rally out together
۽ دوله جو ڪردار ٿيون
Epitomizing the character of Doolah Darya Khan
يا وڙهندي پنهنجو موت وٺون
Either embrace death while fighting
يا جيتي پنهنجي جوء ڏسون
or regain our lost lands
ڪجه سرگوشين ۾ ساه وجهون
Let's infuse some soul into the whispers
۽ خاموشين جو ڪنڌ ڀڃون
And let's break the stalemate
اُٿ پنهنجو ماڳ اُٿاري چون
Let's reawaken our motherland
اُٿ پنهنجو ماڳ اُٿاري چون
Let's reawaken our motherland
 
آخري ترميم:
فڪري سطح تي اڄ جو نظم تهائين گهڻي پکيڙ ۾ آهي. ان وشالتا جو احساس تڏهن ٿئي ٿو جڏهن نئين سرجندڙ نظم کي معياري قسم جو ريڊر مليو وڃي. توسيع پسنداڻي ۽ پنهنجي غير منطقي وجود کي برقرار رکڻ جي نفسيات، سماجي ناخواندگيءَ جي سازشي هٿيار سان شعوري جاڳرتا ۽ ان جي ڦهلاءَ واري عمل جي رستي روڪ ڪري ڇڏي آهي.
۽ اهو اسان جو سماجي الميو آهي ته اسان جي ادب کي هيل تائين پنهنجي ان سڀ کان وڏي ۽ بنيادي دشمن جو ادارڪ ٿي ناهي سگهيو.
نئين شعري حسيت متن کي اڻانگو بڻائڻ ۾ اساسي ڪردار ادا ڪيو آهي. انساني سماج اساسي سطح تي زبردست تضاد جو شڪار آهي ۽ اهو تضاد عالمگيريت جو انت آهي، ان انت تي سوڙهاڻ ۽ ڦهلاڻ هڪ ئي وقت تي وقوع پذير ٿي رهي آهي. شعور جي مٿين سطح تي توسيع پسنديءَ جو رجحان غالب آهي ۽ هيٺين سطح تي اهو خوف وچان سوڙهو ٿي رهيو آهي. اهو تضاد اخلاقي سطح تي تباهي تي متنج ٿي رهيو آهي ۽ تخليقي سطح تي پيچيدگين ۽ مونجهارن جو روپ ڌاري رهيو آهي
ڳاڻ ڳڻين شاعرن وٽ الميو، جيڪو سندن اندر مان ڪر کڻندو هو ۽ ڪرب جي اميجري ۾ الهندو هو، هاڻ ذات کان وڌيڪ سماج مان ڪر کڻي خيال جي روپ ۾ شدت جي شڪل اختيار ڪري ٿو. ان ڪري اڄ جو نظم ڪرب انگيز سماجي بيانيه آهي. شاعر جي ذات هن ۾ جمالياتي سطح تي پنهنجو اظهار ڪري رهي آهي. سماجي ڀڃ ڊاهه جو عمل ايترو ته تيزيءَ سان جاري آهي جو شعري جماليات کي سمجهڻ ۽ اڄ جي شعري حسيت رکندڙ نمايان ۽ حقيقي شاعر پنهنجي ذات جي اشارن کي سماجي علامتن ۾ اظهارڻ تي مجبور آهي.
 
Back
Top