• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۽ يونيفارمز

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
السلام عليڪم سنڌ سلامت سٿ سميت دوستن کي عرض آهي اميد ته رهنمائي ضرور فرمائيندا ، سڄي سنگت کي ٻڌائيندو هلان ته مان سن 2001 کان وٺي قطر اريبين گلف ۾ رهندو آهيان ۽ قطر ۾ ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت ڪندو هيس منهنجي فيملي ۽ رهائش ڪراچي ۾ سچل ڳوٺ ڀرسان مخدوم بلاول وليج نالي هڪ ننڍي سنڌي سوسائٽي ۾ گذريل پنجن سالن کان آهي ٻٽي مهينا پهريان مون هتان رزائن ڪئي آهي ۽ ٻٽن ڏينهن ۾ پاڪستان اچان پيو ۽ ڄاڻان به پيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري بُک ۽ بد حالي آهي مگر گهرو مصلحت ڪري اچي رهيو آهيان ، سچل ڳوٺ ۾ روشن تارا ، انڊس ۽ ان کان علاوه به ڪجھ اسڪول آهن ، روزگار جي حوالي کان ارادو ڪيو آهي ته سچل ڳوٺ ۾ ئي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۽ يونيفارز کان شروعات ڪيان ان سلسلي ۾ سموري سنگت کي صلاح مشورن ۽ تعاون ڪرڻ جي اپيل ٿو ڪريان اميد ته رهنمائي ضرور فرمائيندا لک لائق
 
ان سلسلي ۾ اوهان سان مڪمل تعاون ڪبو. اسڪول انتظاميا خاص ڪري روشن تارا ۽ سچل پبلڪ اسڪول جي انٽطاميا سان ملائبو ۽ اوهان سان گڏ هجبو.
لک قرب اوهانجا ، اوهان هميشه هر دوست سان گڏ رهيا آهيو ، سدا مرڪندا رهو شال
 
Back
Top