الا جهري مَ شال غريب جي جهوپڙي.. جنهن غربت کي ويجهو کان ڏٺو هوندو ، انهن جو ته هان جهري پوندو ههڙا منظر ڏسي...
ادا سائين السلام عليڪم! توهان جيڪو ڦوٽو هڪ دل کي جهوريندڙ تحرير سان هت چٽيو آهي،ان کي ڏسندي ۽ هن ملڪ ۽ صوبي جي لاپرواه حڪمرانن جي ارڏاهي کي ڏسندي اسان جي ذهن ۾ شاه سائين جي شاعري مان بار بار هڪ لائينن ذهن جي محور ۾ گردش ڪري پئي جيڪا اوهان جي نظر” ڀلي بک برهم جي شال نه وڃي شان” هن غربت واري تونگري ۾ به اسان جا سٻجهڙا ماروئڙا پنهنجي شان کي اوچو ڪرڻ لاء محل ۽ ماڙين کي ڌتڪارين ٿا.