مرد حضرات ڪيڏا نه ايمان دار آهن....... ڳالھ ٿاڪن ته هڪ ڪاٺير جي جهنگ ۾ ندي ڪناري وڻ جي شاخ ڪپيندي ڪهاڙي پاڻي ۾ ڪري پئي. غريب ڪاٺير ندي ڪناري ويهي زور زور سان روئڻ لڳو. هڪ رحمدل فرشتو ظاهر ٿيو. ڇو ٿو روئين؟ منهنجي ڪهاڙي ندي ۾ ڪري پئي آهي. فرشتي مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو. پاڻي مان ٽٻي هڻي سون جي ڪهاڙي ڪڍي آيو.... هي ڪهاڙي تنهنجي آ. ڪاٺير چيو نه. وري ٽٻي هڻي چاندي جي ڪهاڙي ڪڍي آيو. هي تنهنجي ڪهاڙي آهي. لڪڻ هار چيو نه. ٽيون دفعو ٽٻي هڻي نڪتو ته سندس هٿ ۾ اصلي ڪهاڙي هئي. ڪاٺير خوش ٿيو. فرشتي سندس ايمانداري ڏسي ٽئي ڪهاڙيون کيس انعام ڏنيون. گهر ۾ خوش الحالي ٿي. ٽي وي به ورتائين خوب فلمون به ڏٺائين. ڪجهه سالن بعد زال سان گڏ سير تي نڪتو. ندي ڪناري زال جو پير ترڪي ويس وڃي پاڻي ۾ ڪري. هي ويهي روئڻ لڳو. هڪ دفعو وري ٻيهر فرشتو ظاهر ٿيو. ڇو ٿو روئين؟..... زال پاڻيءَ ۾ ڪري پئي آهي. فرشتي مدد جو وعدہ ڪيو. پهرين چڪر ۾ ڪترينه ڪيف نڪتي. هي عورت تنهنجي آهي. جي سائين اها ئي منهنجي عورت آهي. لڪڻ هارو خوش ٿي ويو. فرشتي کي ڪاوڙ لڳي. ڪوڙ ٿو ڳالهائين. ڪاٺير جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. وضاحت ڪندي بيان ڪيائين ته مهربان ملائڪ. جي مان نه ڪيان هاڻ ته ٻئي چڪر تي تون ڪرينه ڪپور ڪڍي اچين هاڻ. وري مان چوان هاڻ نه ته پوء منهنجي اصلي زال ڪڍي اچين هان. پوء ٽئي انعام ۾ ملن هان هاڻي توهان انصاف ڪيو هن ڏڪار واري مهانگائي واري دور ۾ مان ٽن زالن کي ڪيئن ٿوسنڀالي سگهان پالي سگهان.............. نتيجي طور ويچاري فرشتي کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هن ڪهاڻي مان سبق حاصل ٿيو ته پنهنجي مطلب لاء مرد کان وڌيڪ ڪو ايماندار ڪونهي.