هڪ تاثر . منهنجي امڙ. منهنجي امڙ مرحومه جي مولائي ڪائنات مغفرت فرمائي کيس جنت الفردوس ۾ آعلي مقام عطا فرمائي. آمين. ٻوڙ ورهائڻ تي ويهندي هئي پهرين چونگي خيرات نالي الله جي نڪرندي هئي. پوء ٻن نياڻين جي چونگي نڪرندي توڙي جو پرڻيل هيون . بابا سائين جي ماني. پوء مان وڏي پٽ ۽ سڪيلڌي هئڻ ناتي سٺي ٻوڙ جو حقدار بڻبس. بعد ۾ ٻه ڀائر. نياڻيون آخر ۾ هڪ ٿالهي ۾ گڏيل ٻوڙ. (کاڌي پيتي ۾ نياڻين جي هميشه حق تلفي ٿيندي هئي). هاڻي ڪُنو امڙ سامهون . ماني مفت. اسين پٽ بوکڙو ٻن مانين کان پوء به ٻوڪڙ امان اڃا ٻوڙ ماني ڏي. سڄو ڏينهن ڊڪ ڊوڙ ۽ حرڪتن ڪري بک به ڏاڍي لڳندي هئي. ديسي ڪڻڪ امان جي هٿ جي پڪل فل جمبو سائيز ماني. نيرن ڪرڻ بعد به امان ٻه ٽي اوڦراٽا دٻڪي ۾ رکندي هئي. ايڏا ته وڻندڙ هئا جو ايندي ويندي رُکا پيا کائيندا هئاسين. جڏهن به اضافي ٻوڙ گُهرڻ وڃان امڙ ديڳڙو پري ڪري دڙڪا ڏئي. مان سمجهان ته ٻوڙ لڪائي ٿي. پر امڙ جي حصي ۾ مون سوا ٻن ساون مرچن، رَهو ۽ ٿوري ٻَاگھُ جي (باگھ ڦودني ساون ڌاڻن مرچن جي چٽڻي). ڪجهه نه ڏٺو. مون کي ياد نه آهي ڪڏهن امڙ لاء ڪا ٻوٽي بچي هجي. هائي منهنجي مٺڙي امڙ تو ڪڏهن لکا نه ڏني، الائي ڪهڙي قوت بخشي رب تعالى تو ۾. اسان ڏَڪرن کي پالي وڏو ڪيئُ. کل خوشي غم سڀ اندر ۾. امڙ ننڍا هئاسين، بي سمجھ هئاسين. اسان کي معاف ڪر، تنهنجو دامن وسيع آهي. امڙ اڄ به 66 سال جي عمر ۾ ڪا تڪليف درپيش اچي ٿي، تنهنجي جهولي ياد اچي ٿي. جڏهن ابي جي يا استاد جي سختگيري درپيش هئي ته تنهنجي شفيق هنج ۾ پناه وٺندو هئس. ڪيڏو نه پيارو لهجو هوندو هئو *هينٺ ٿس پڻهين گهر اچي ته خبر ٿي لهانس* منهنجو روئڻ ختم. اڄ امڙ منهنجي درد جي ڪنهنکي ڪهڙي خبر. جيجل توکي، بابي مرحوم کي مولا جوار رحمت ۾ رکي. آمين.