• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿرتي شاعري

للر لاڻيون ڏسان روح راڻيون رسان
دل چئي ٿي سڄو ٿرگهمي مان نچان
گهاگهري۾ هجي گهور گهايل ڪري
ڪين بن جنهن سري پيار تنهن جو پسان
ڇيڪ ڇيلا چرن ڌڻ ڌنار هجن
مال مارو موچارا ڏسي پيو ٺران
جيء کي جهوري آ لنون اندر لوري آ
واري ٿڌڙي وڻي پير جنهن تي پوان
ڪارونجر هو جبل سائو ويس هجي
ڀونء هي سڀ ڀليلوڪ کي ٿو چوان
چاڏيون کير ٿين گهر ڌياڻيون ڏھن
وير وهڙاٽڏن گگن سارو گهمان

لبستم دائود پوٽه
 
Back
Top