اڄ ٻني تي کٽ تي ويٺوهوس.سيراندي کان هڪ موٽرسائيڪل اچي بيٺو،گاه واري مڪئي جوهڪ پراڻوواپاري موٽر سائيڪل تان لٿو،ساڻس هڪ نوجوان گڏ هو،ان جو تعارف ڪرائيندي چيائين ته هي مراد علي جو پٽ آهي.مون مسڪرائيندي پچيومانس ته مراد علي کي ڇو ڇڏي آيا،ڪو ڪم ٿي پيس ڇا؟ سدائين گڏ ايندا آهيو،ڇوڪري کي به ڪم ٿا سيکاريو ڇا؟ هن درد ڀري انداز ۾ پڇيو ته توهان کي خبر ڪانهي ڇا؟ آئون به پريشان ٿي ويس ڇو ڇا ٿيو؟ وڌيڪ پڙهو