روحل واء جي راڻن جي نانءِ جعفر شاهاڻي ڀٽ جي پوڇانڊيءَ تي فطري رنگن ۽ ٻھراڙيءَ جي حسناڪين ۾ محبتون ۽ مرڪون ورهائڻ واري ڳوٺ جي املهہ ماڻهن سان منهنجو ايڏو پراڻو تعلق ناهي پر پوء بہ الاء ڇو روح جي تانگهہ مونکي لکڻ تي مجبور ڪيو، جنهن جو سبب مونکي بہ معلوم ناهي. هونئن تہ ٿر سڄو فطري حُسن ۾ ڪماليت رکي ٿو پر ڳالھ هجي ”روحل واءِ“ جي پس منظر جي ته هر باشعور جو ذھن به يقينن ان پاسي ئي ويندو جن جي سڃاڻپ سنڌ جي هر ساڃاھ وند کي آھي. ادبي سرگرمين ۾ پاڻ پتوڙيندڙ انهن اهل ڪتاب دوستن ۽ سنڌ سان چاھ رکندڙن ادب ذوق دوستن جو ذڪر نہ ڪجي تہ اها نہ صرف ڪم ظرفي آھي پر بنا پڄاڻي واري ڪهاڻي پڻ چئبي. روحل واء هونئن ته فطري سونهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آھي پر حليم باغي، ماما جمن دربدر ۽ هاڻ وارن جي سفيديءَ جو ڏيک ڏيندڙ محبتي مزاج وارو حاجي ساند بہ روھيڙي جي گلن جهڙا احساس رکندڙ ان ئي ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو. ادب جي دنيا جا نقاد سڳورا ان ڳوٺ جي اهل ڪتابن ۽ سنڌ سان چاھ رکندڙ خلاف ويڪائو هجڻ جا الزام هڻي ڀل پاڻ کي نقاد سڏائين پر اها ڳالھ سون ۾ ڪاراڻ مثل آھي، جنهن جي وقت گواهي ڏئي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ڪم ظرف ماڻهو اهڙا خيال رکندا به هجن مگر ”اڙي شھر جانان“ جو خالق حليم باغي صرف ڪتابي باغي آهي هو حقيقت ۾ بہ باغي آھي. سندس شاعري جو مجموعو ”اڙي شھر جانان“ جيڪو ڪيترا ئي سال اڳ شايع ٿيو ۽ جنهن جا هيستائين ڪيترا ايڊشن آيا آھن، انهن جي تصديق ته نه اٿم پر اها ڳالھ واضح آھي ته باغي جا اهي گيت اڄ نه صرف سنڌ ۾ گونجن ٿا پر سنڌ ٻاهر بہ باغي کي سڃاتو وڃي ٿو. هونئن بہ شاعري لکجي تہ اهڙي لکجي جو پڙھندڙ جو روح رهڙي وجهي نه ته باغي واري چواڻي جيئن؛ اجايو ٻوڙ نہ هارجي. ”سفيد ڪپڙن واري ڇا هئي، ڇا ناهي!“ ان قصي کي اتي ڇڏيون يا نه ڇڏيون ڇو ته بقول باغي جي، ”اهڙيون ڳالهيون اسان جي معاشرتي معتبرن کي هضم ناهن ٿينديون.“ حليم باغي جي بغاوت جا چرچا جتي وستي وستي واهڻ واهڻ آھن اتي، وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، ختم اونده ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو. وارين سٽن جو سرجڻھار ماما جمن دربدر بہ ڪنهن کان گهٽ ناهي. سندس شخصيت سنڌ سان محبت جي اها علامت آھي، جنهن جي گواهي ڏيڻ جي ڪا ضرورت محسوس نه ٿو ڪيان. آئون جڏھن ساڻس مليو آھيان سراپاء سنڌ سان عشق جي علامت ڏسڻ ۾ آيو آھي. هُن جي وجود سان سلھاڙيل خوشيون آھن يا ناهن پر مون اهو ضرور محسوس ڪيو آھي ته ھُن ڪڏھن به خوشين ڏانهن توجهہ ناهي ڏني ڇو ته هو مونکي هر وقت سنڌ جو مجسمو لڳو آهي. ماما ۽ باغي جتي پنهنجو مٽ پاڻ آھن تہ اتي حاجي ساند بہ گهٽ ناهي. سندس شخصيت ٿور ڳالهائو ۽ محبتي مزاج نہ صرف زباني ڪلامي آھي پر حقيقتََ بہ حاجي ساند انتهائي سلجهيل ۽ پنهنجي ڍنگ وارو پنهنجو الڳ مقام رکندڙ شاعر پڻ آھي. سندس هڪ شاعريءَ جو مجموعو ”پوڄارڻ“ پڌرو ٿيڻ بعد جيتري پزيرائي کيس ملي آھي ان جو يقينََ کيس گمان به نه هوندو. حاجي بنيادي طرح بظاهر رومانوي شاعر لڳي ٿو پر سندس مزاج ۾ جيڪي سنڌ سان چاهتون آھن اهي داد لائق آھن. ادبي سرگرمين ۾ بنا سوچڻ سمجهڻ ”ھا“ ڪيائين تہ ڇا بہ ان ڳالھ تي ثابت قدم رهي اهو ڪم ڪري ڏيکاريندو. پاڻ پيشي جي لحاظ کان استاد هجڻ سان گڏ سٺو شاعر ۽ بهترين ڪمپيئر پڻ آھي. ھِن وقت ضلعي عمرڪوٽ ۾ ادبي سرگرمين ۾ پاڻ پتوڙيندڙ ادب دوستن سان هم قدم رهڻ وارو حاجي ساند جيترو سنجيده مزاج آھي، اوترو ئي محبتون ورهائيندڙ ۽ يارن جو يار پڻ آھي. رڳو اها ڳالھ به اتي دنگ ڪو نه ٿي ڪري ڇو ته اسحاق ساند ۽ انور ساند جو تعلق به انهي ڳوٺ سان آھي. اسحاق نه رڳو سٺو ڪهاڻيڪار پر باشعور ھجڻ سان گڏ سٺو ڪمپيئر به آھي ته انور ساند به ڪمپيئر هجڻ سان گڏ نثر نويس پڻ آھي. آئون جيتري قدر روحل واءِ جي راڻن کي پرکي سگهيو آھيان، اوترو لکيو ته نه اٿم پر اها ڳالھ به اوڀر کان اڀرندڙ سج جيئن آھي ته، خاص طور تي ھِن وقت روحل واء جي آسپاس ۾ اڀرندڙ ادب دوستن کي اتساھ ڏئي اڳتي آڻڻ ۾ روحل جي راڻن جا گهڻا هٿ آھن. منهنجي دعا آھي ته سدائين اهي محبتي مزاج وارا يارن جا يار، سنڌ جا عاشق سدائين مرڪندا رهن ۽ کين ڪڏھن اُتر جو ڪوسو واء به نه لڳين.