• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي جيون ...

هي جيون ...
_________
اڙي جيون ڪڏهن تون پيار
اڙي جيون ڪڏهن تون خوار
تون جيون آن ڪڏهن ونهوار
تون جيون آن ڪڏهن بيڪار
ڪڏهن تو لئه امنگون ٿين
ڪڏهن تون ساه ۾ سڏڪن
ڪڏهن ساعت آهين پياري
ڪڏهن تو سوز ۾ گهاري
ڪڏهن تون ڏين ٿو سک سائين
ڪڏهن سورن کي وڌائين
ڪڏهن تون جوت جيون جي
ڪڏهن تون ريت غمن جي
ڪڏهن تون قرب ڪچهريون
ڪڏهن روئندي اسان گهاريون
ڪڏهن تون سڪ سڀاءُ سولو
ڪڏهن غم جو تون ڄڻ گولو
تو کي جو آهي سمجهيو هت
اهو ڀي ڪين سمجهيو ڪٿ
تون رونڪ ڀي آهين راهن
ڪڏهن سڪرات آ ساهن
ڪڏهن پاڇا پريتن جا
ڪڏهن تون غم گيتن جا
تو کي ڪهڙو ڏجي نالو
يا هڻجي ڪو توکي ڀالو
خوشين ۾ ڀي گذر ٿين ٿو
غمن ۾ ڀي هلڻ ٿين ٿو
تنهنجو هڪڙو پاسو پيارو
تنهنجو ٻيو آ ڄڻ خارو
اسان تي تون ڄڻ اوٿارو
هلين ٿو پيو سڄو سارو
هلين ٿو پيو سڄو سارو ...
.
.
.لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top