• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وڃي ٿي هاڻي وهي اسان کان ...

نظم
جيءَ ۾ تو لئه جهروڪا جهيڙا وجود وڙهندي عمر گذاري
وڃي ٿي هاڻي وهي اسان کان ملي سڄڻ ڪيو پو ئواري
اسان جي تو کي سڏيو آ سڪ ۾ اچو اچڻ جو ڪيو تياري ...
نه ڪوئي ٻيو آ اسان لئه بهتر اوهان سان رکي جڏهن کان ياري
جهان ۾ جي رهو اسان سان اسان نه وچڙون وري پو ٻي سان
سدائين تنهنجي پو سڪ ۾ سوچون نظر رکون نه ٻي تي ساري
اسان اياڻا اڃا به آهيون نه سمجه آئي عمر وئي گذري ...
چريا ٿياسين عقل وڃائي سڄي حياتي نه ٿي اجاري
روح لئه ڪو راڻو گهرجي اسان به بيوس برن ۾ ڄڻ هون ...
نه ڪو وڻي ٻيو اسان کي آدم هڪ سان پڇراسان جي پياري
وجود ۾ جو ويهاريو آهي چاهتن جي چڪر ۾ پئجي
ساه جهڙي سڪ آ جنهن سان انهيءَ کي منهنجي خبر آ ساري
فرشتن جهڙو سڀاءُ جنهن جو معصوم ماڻهو اسان وڻي ٿو ..
.ساڻ تنهن کي ڪري او سائين اسان جو هئي هت رات گزاري
تارا ڪتيون ڳڻيندي گذريا صبح وهائو اچي هو نڪتو
پچر هن سان نه ٿي جو پوري وري به پل هئي ورتي اڌاري
وري ورڻ جا واعده ڪندي پٿر پنهنجي دل تي رکندي
اسان ڪئي هئي موڪلاڻي طلب تات ڪڏهن نه ماري


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top