هاءَ بلوچستان ...

هاءِ بلوچ تنهنجو سوڳ
___________

هئي رات ڪاري جنهن ۾ سڪرات ٿي سراسر
معصوم ڪي سمهيا ها ڪي جاڳ ۾ برابر
ڌرتي سڄي ڌوين وئي غم ۾ ٿي چور آهي
افلاڪ ڀي روئي پيو وسڪارو مينهن وانگر
ڪهڙا ڪٺا تو ماڻهو امڙيون ٿيون ويڻ آهن
ڀينر ڪٽين ڇاتيون ڀيڙي ڀري هو ڀاڪر
بلوچ سڀ ڀري ويو آستان هاڻي ڇاجو
موزي مرين تون ميرا معصوم ڪيئه نه واهر
سوڳ ٿي ويو سارو روءِ زمين آهي
ابهام ٻچڙا ڪچڙا ماري ڇڏيا تو ٻاهر
قيامت جي ڏينهن توتي فرياد منهنجي آهي
الله سامهون توکان وٺندس حساب حاضر

.
.
. لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top