• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مائڪروسافٽ سرفيس اسٽوڊيو متعارف ڪرائي ڇڏيو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
tvNpIMX.jpg

مائڪروسافٽ ڪمپنيءَ پهريون ڀيرو شاندار ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر ”سرفيس اسٽوڊيو“ متعارف ڪرائي ڇڏيو. هي ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر پنهنجي نوعيت جو هڪ انوکو ۽ جديد ترين ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر آهي جنهن ۾ 28 انچن جي ٽچ_اسڪرين شامل آهي.
مائڪروسافٽ، ”سرفيس اسٽوڊيو“ کي 3000 هزار ڊالرن (314295.00 روپين) ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو آهي جنهن ۾ ڪور_آئي.5 پروسيسر، 8 جِي.بي (گيگابائٽ) ريم، 1 ٽيرابائٽ اسٽوريج موجود آهي.
جڏهن ته هِن جو ٻيون ورزين 4199 هزار ڊالرن (439908.23 روپين) ۾ نيلاميءَ لاءِ پيش ڪيو آهي جنهن ۾ ڪور_آئي.7 پروسيسر، 32 گيگابائٽ ريم، 2 ٽيرابائٽ اسٽوريج موجود آهي.
هن شاندار ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر ۾ ٻيون ڪهڙيون صلاحيتون آهن، توهان هن وڊيو ۾ ڏِسي حيران ٿي ويندئو...
 
Back
Top