رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
ناتو نڀاءِ مون سان ...
_____________________
ناتو نڀاءِ مونسان تو سان حجون هلان ٿو
تون ئي ته منهنجو دلبر جنهن کي ڏسي کلان ٿو
گل خوشبو توکان ورتي هر هر چئي پئي سرتي
تنهنجو خيال مونکي جنهن کان نه مان ڀلان ٿو
صورت سکي صنوبر جنهن ۾ لڳي ٿي برتر
سڪ جو صدائون تو ۾ تو سان ملڻ هلان ٿو
ڪل ڪائنات تنهنجي مٺ ۾ وئي آ بند ٿي
ٻاهر رڳو صنم تون ڏيکاءُ آ ڏسان ٿو
ڪومل ڳراٽڙيون هي نرماهٽن ۾ نرمي
اهڙي وري ٿي گرمي جنهن جوش ۾ جلان ٿو
تنهنجا پيارا گيسو تنهنجو نه مٽ ٻيو سائين
تو لئه فراق ۾ ٿي راهون رلي رلان ٿو
ملڻين به ناهين مونکي پڪ پيار ۾ اها آ
تو کي نه جي ملان ٿو سڪ ۾ وري ڇلان ٿو
لبستم دائودپوٽه
_____________________
ناتو نڀاءِ مونسان تو سان حجون هلان ٿو
تون ئي ته منهنجو دلبر جنهن کي ڏسي کلان ٿو
گل خوشبو توکان ورتي هر هر چئي پئي سرتي
تنهنجو خيال مونکي جنهن کان نه مان ڀلان ٿو
صورت سکي صنوبر جنهن ۾ لڳي ٿي برتر
سڪ جو صدائون تو ۾ تو سان ملڻ هلان ٿو
ڪل ڪائنات تنهنجي مٺ ۾ وئي آ بند ٿي
ٻاهر رڳو صنم تون ڏيکاءُ آ ڏسان ٿو
ڪومل ڳراٽڙيون هي نرماهٽن ۾ نرمي
اهڙي وري ٿي گرمي جنهن جوش ۾ جلان ٿو
تنهنجا پيارا گيسو تنهنجو نه مٽ ٻيو سائين
تو لئه فراق ۾ ٿي راهون رلي رلان ٿو
ملڻين به ناهين مونکي پڪ پيار ۾ اها آ
تو کي نه جي ملان ٿو سڪ ۾ وري ڇلان ٿو
لبستم دائودپوٽه