رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هليا هياسين هن ڏي
______________
هليا هياسين هن ڏي پنڌ هي هيو پري جو
ديدار يار درپن دلڙي به ڏک ڏري جو
معصوم منهنجو سهڻو تابش تکي به آهي
موسيٰ جو طورسينا جيئن باه ٿي ٻري جو
سڪڻي اسان جي سڪ هئي اڌماٽ جو ڪري پئي
ڪيئي بهانا هوندا هن ها ڪيا بري جو
هي حسن جون پريون هت لامارا ڏيندي ڏسجن
پر ڪان هئي ڪا هن مان دل ٿي ادا گهري جو
هوريان هلو ڪويليو دلبر جو ديس آهي
ماڻهو نه ڪن شڪايت آواز بي سري جو ....
لبستم دائودپوٽه
______________
هليا هياسين هن ڏي پنڌ هي هيو پري جو
ديدار يار درپن دلڙي به ڏک ڏري جو
معصوم منهنجو سهڻو تابش تکي به آهي
موسيٰ جو طورسينا جيئن باه ٿي ٻري جو
سڪڻي اسان جي سڪ هئي اڌماٽ جو ڪري پئي
ڪيئي بهانا هوندا هن ها ڪيا بري جو
هي حسن جون پريون هت لامارا ڏيندي ڏسجن
پر ڪان هئي ڪا هن مان دل ٿي ادا گهري جو
هوريان هلو ڪويليو دلبر جو ديس آهي
ماڻهو نه ڪن شڪايت آواز بي سري جو ....
لبستم دائودپوٽه