رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هن کي به عشق آهي ....
””””””””””””””””””
هن کي به عشق آهي مان به چاه چران ٿو
غربت وڃي منجها ملڪ اهڙو ائين گهراٿون
محبت هن کي من ۾ مونجهارا جيءُ جنهن جو
پنهنجا ته سور ساٿي نغمه ٻڌي جهران ٿو
هن کي لڳي آ هي سڪ سهڻن لئه سوچ ۾ ٿيو
پنهنجي پرين هي پيڙا جنهن ڏي سڄو سران ٿو
ڪو خواب دلبرين جا اڻندو رهي ٿو راتيون
منهنجا ملير مارون سوچيندو تن رهان ٿو
هن کي چئو ٻڌائي ڌرتي دلاري ڪيئن آ
سرسبزهئي جا سائي تنهن کي ڏسي ٺران ٿو
هو سونهن جو آ شاعر مان درد جو ديوانو
هو سونهن تي مري ٿو مان ڏک ڏسي ڏران ٿو...
.
.
. لبستم دائودپوٽه
””””””””””””””””””
هن کي به عشق آهي مان به چاه چران ٿو
غربت وڃي منجها ملڪ اهڙو ائين گهراٿون
محبت هن کي من ۾ مونجهارا جيءُ جنهن جو
پنهنجا ته سور ساٿي نغمه ٻڌي جهران ٿو
هن کي لڳي آ هي سڪ سهڻن لئه سوچ ۾ ٿيو
پنهنجي پرين هي پيڙا جنهن ڏي سڄو سران ٿو
ڪو خواب دلبرين جا اڻندو رهي ٿو راتيون
منهنجا ملير مارون سوچيندو تن رهان ٿو
هن کي چئو ٻڌائي ڌرتي دلاري ڪيئن آ
سرسبزهئي جا سائي تنهن کي ڏسي ٺران ٿو
هو سونهن جو آ شاعر مان درد جو ديوانو
هو سونهن تي مري ٿو مان ڏک ڏسي ڏران ٿو...
.
.
. لبستم دائودپوٽه