• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي ماڻهو آ ملڪ منهنجي ...

هي ماڻهو آ ملڪ منهنجي
________________
هي ماڻهو آ ملڪ منهنجي جنهن جو نه گهر آ ڀاتي
هن لئه هي ڏيه ڏکيو دردن جو ديس ذاتي
ڀل دنيا ناچ ۾ ٿي نچندي رهي سڄي رات
سڀ پور هن لئه پل ٿيا گهڙيون نه ٿيون سڀاتي
ڪنڊن جي سيج هن لئه ڌرتي ٿيا وهاڻا
چادر مٿان فلڪ جي اوڍي سمهي اثباتي
هن جا به ها ڪي ارمان هن کي به هئي خواهش
سڀ ٿي سگهيا نه پورا ٿيندو وڃي مماتي
ڪهڙا ڏوراپا توکي ظاهر زمانه ڏيان مان
ڪنهن تي ته آهين راضي ڪنهن لئه ڇڙو تون ڪاتي
.
.
. لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top