• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اهو عشق نچڻو ...

ڪافي نما نظم
اهو عشق نچڻو ...
__________________
اهو عشق نچڻو نچي پيو ٿو نانگو ڪري ڪين سانگو
طلب ۾ تنواري اندر باه ٻاري اٿي پيو اڙانگو ......
حب ۾ حري ٿو چاهت چري ٿو لڳل آهي لوري
امنگ اهڙي ڏي ٿو پڄڻ ڪين ٿي ٿو اهڙو مله مهانگو
حورون پريون سڀ لڳي من نه هن جو ڪري تنگ تهڙو
بره باهيون ڀڙڪا شعله شوق ششدر هي چاهت جو چانگو
ادا سالکو ٻڌايو اسانکي ڇا ٿي ٿو توهان کي حجر جو هي هانڃو
اسان يار سڄڻن جيئڻ بن جلون ٿا وري ڀي کلون ٿا ٿئي ڪو سهانگو
الفت هي اهڙي سلڻ سڪ نه جهڙي سڪڻ ڄڻ شهيدن
ارمان ڪٽجي ڪري ويا سڙي سڀ ڪري جيءَ جهانگو
.
.
.
لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top