قريشي شبير احمد
سينيئر رڪن
گلقند........
ٻڌ ڀلا جمي جا پيءُ ..موبائيل مان منهن ته ڪڍ.
چئو....؟؟؟
اڄ شام جو شادي هال ۾ ڳاڙهو وڳو پايان نه ؟
ڀلي پاءِ.!
پر اڳين شادي تي به ساڳو وڳو پاتو هئم ....
ڀلي نه پاء.!
واڱڻائي وڳو ڪينئن رهندو.
ڀلي پاء !
پر توکي رنگ نه ٿو وڻي نه .؟
ڀلي نه پاء!
هاڻي بس گلابي ڪاٽن وارو ئي بهتر رهندو.
ڀلي پاء!
پر ساڳي رنگ جو وڳو تو واري ڀيڻ وٽ به آهي نه.؟
ڀلي نه پاء!
ڪارو وڳو منهنجي اڇي رنگ تي ڪنٽراس ۾ واه جو ٺهندو .
ڀلي پاء.!
پر ماڻهو ڇا چوندا ته شادي تي ماتمي وڳو پائي آئي آ...
ڀلي نه پاء!
تون ته ڪا صلاح ئي نه ٿوڏين ڀلا نيوي بلو وارو رنگ مونکي سوٽ ڪري ٿو نه؟
ڀلي پاء!
پر تمام ڳرو آهي موتين جو ڪم گھڻو ٿيل اٿس...
ڀلي نه پاء !
انهيء کان ته نيرو وڳو بهتر رهندو.
ڀلي پاء!
پر سينڊل ميچ وارو ڪونهي نه.
ڀلي نه پاء.!
اڙي ! ها ،هو طوطائون سائو به ته آهي ان جا ميچ ڪنگڻ به آهن .
ڀلي پاء !
مار پويس انهيء رنگ جي نيل پالش ڪونهي.
ڀلي نه پاء.!
اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي ڪيڏي نه بد نصيب آهيان جو شادي ۾ پائڻ لاء ڍنگ جو وڳو نه آهي.
ڀلي پاء.! (منهن موبائيل ۾)
توکي ته منهنجو خيال ئي ڪونهي.
ڀلي نه پاء !
الا ان کان موت اچي ڀلا !
ڀلي مر!
تون ته خوش آهين ته مان مران.!
ڀلي نه مر!