رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
ڏور بيت
________
حياتي
______
اڳي ائين نه هئاءِ جيئن هاڻي ٿيا هڏڙا
جوت وئي جسي مان سڏ نه بڌي سڏڙا
ڪنن ٻڌڻ ڇڏيو تاڙيون تاڪ پيڙا
هينئون به ناه پنهنجي وس هلن اوسيئڙا
عضون اثر ڇڏيو ڏسڻ ڪين ٿيئڙا
سرت به ناه ساه کي چون سڀ وڏڙا
خواهش وئي خم ٿي هلن پيا دمڙا
ڏاڏاڻي ڏيه جا مٽيون وڻن مٽڙا
ننڊ به ناه نيڻن کي جاڳن جوڳيئڙا
وئي وندر ورونهن ڏکن ڏوجهرڙا
وئي جواني جوءِ مليان پيو هٿڙآ
دوستن بن ڇاهوندا جيون ۽ جيئڙا
پوئين وهي پسي سڙندا رهيا ساهڙا
گمان ٿيا گڏ سالم نه ٿيا پنڌڙا
وٺي لٺ هلڻ ٿيواهڙا به ٿيا ڏينهڙا
ٻڌايان ڪهڙا جا بچي ناه بانور ۾
.
.
. لبستم دائود پوٽه
________
حياتي
______
اڳي ائين نه هئاءِ جيئن هاڻي ٿيا هڏڙا
جوت وئي جسي مان سڏ نه بڌي سڏڙا
ڪنن ٻڌڻ ڇڏيو تاڙيون تاڪ پيڙا
هينئون به ناه پنهنجي وس هلن اوسيئڙا
عضون اثر ڇڏيو ڏسڻ ڪين ٿيئڙا
سرت به ناه ساه کي چون سڀ وڏڙا
خواهش وئي خم ٿي هلن پيا دمڙا
ڏاڏاڻي ڏيه جا مٽيون وڻن مٽڙا
ننڊ به ناه نيڻن کي جاڳن جوڳيئڙا
وئي وندر ورونهن ڏکن ڏوجهرڙا
وئي جواني جوءِ مليان پيو هٿڙآ
دوستن بن ڇاهوندا جيون ۽ جيئڙا
پوئين وهي پسي سڙندا رهيا ساهڙا
گمان ٿيا گڏ سالم نه ٿيا پنڌڙا
وٺي لٺ هلڻ ٿيواهڙا به ٿيا ڏينهڙا
ٻڌايان ڪهڙا جا بچي ناه بانور ۾
.
.
. لبستم دائود پوٽه