لارڊ رپن کي مان پتر ڏيڻ تي ‘سنڌ سڀا’ ۾ اختلاف:

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    لارڊ رپن کي مان پتر ڏيڻ تي ‘سنڌ سڀا’ ۾ اختلاف:

    هندستان ۾ ميونسپل ۽ تعليمي سڌارا آڻڻ سبب لارڊ رپن سڄي هندستان ۾ مقبول ٿي چڪو هو. سندس ايامڪاريءَ ۾ جيڪا تعليمي ڪميشن قائم ڪئي وئي هئي. سنڌ سڀا ان ڪميشن جي ڪاررواين ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌ سڀا سنڌ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ هڪ ڪاليج کولڻ لاءِ ڀرپور ڪيس تيار ڪيو. ان سلسلي ۾ ديوان ڏيا رام گدو مل هڪ يادداشت نامو تيار ڪيو. جنهن ۾ هن سنڌ ۾ ڪاليج جي قيام جي ضرورت ڇو آهي؟ کي بنياد بڻائي تاريخي حوالا به ڏنا. اهو مئمورڊيم اڳتي هلي ڪتابي صورت ۾ شايع به ٿيو. هندستان جو وائسراءِ لارڊ رپن پنهنجي ايامڪاريءَ جو مدو پورو ڪري، واپس وطن ورڻ جي تيارين ۾ هو. لارڊ رپن کي هندستان جي مختلف حصن مان، مان پتر (عزت ڀريو خط) ڏيڻ جون تياريون ڪيون ويون هيون. اٽڪل هڪ هزار مان پتر تيار ڪيا ويا، اُهي مان پتر، نومبر 1884ع تي، بمبئي جي ٽائون هال ۾، لارڊ رپن کي، هندستان جي جدا جدا جماعتن پاران ڏنا ويا.
    “سنڌ سڀا پاران مان پتر ڏيڻ جي سلسلي ۾ آڪٽوبر 1884ع ۾ هڪ گڏجاڻي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي ويئي، جتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ته لارڊ رپن کي مانپتر ڏنو وڃي. “سنڌ سڀا ۾ به اها رٿ آئي ته سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ کيس مان پتر ڏجي. خانبهادر حسن علي خان آفنديءَ رٿ ڏني ته مان پتر ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، فقط خط لکي موڪلجيس ته بس آهي. ڏيارام ڄيٺمل انهيءَ جي مخالفت سخت لفظن ۾ ڪئي. چيائين ته جڏهن هندستان جي هر هڪ ڀاڱي مان کيس مان پتر ملي رهيا آهن، تڏهن جي سنڌ مانپتر نه ڏنو ته....... (هتي ڏيا رام ڄيٺمل اگرو لفظ ڪتب آندو). انهيءَ تي خان بهادر حسن علي صاحب کي تمام گهڻي چڙ لڳي ۽ لعنت، لعنت، چوندو سڀا مان نڪري ويو ۽ وڃي مسلمانن جي جدا انجمن ٺاهيائين، جنهن جي تحرڪ سان مدرسو برپا ٿيو. ڏيارام صاحب کي سخت اَفسوس ٿيو؛ ۽ ساري عمر چوندو هو ته زبان مان لفظ تمام سنڀالي ڪڍڻ گهرجن، جو ڏسو ته هڪڙي لفظ لعنت مان ڪيترو ڦيٽارو پئجي ويو”.
    ان جي باوجود لارڊ رپن کي اُهو مان پتر سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل نمائندن ديوان ڏيارام گدو مل، ساڌو هيرانند، فتح علي طيب جي، ڀائي هيرانند مسند شڪارپوري ۽ لاڙڪاڻي جي وڏي ۾ وڏي زميندار سرائي ٺاري خان لاهوري جي وڏي پٽ ڏنو.
    حسن علي آفندي عليگڙهه جي نواب جي جوڙيل ‘انڊين محمدن ايسوسيئيشن’ جي طرز تي ‘سنڌ محمدن ايسوسيئيشن’ جوڙي. جنهن سنڌ مدرسو به قائم ڪيو ۽ اڳتي هلي سنڌي مسلمانن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪيائين. ان سانحي سبب سنڌيت جو ٻج سڙي ناس ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿيڻ لڳو ۽ صدين کان پيار ، محبت سان رهندڙ مسلمان ۽ هندو مذهبي بنيادن تي ورهائجڻ لڳا. ‘سنڌ محمدن اسيسوسيئيشن’ اڳتي هلي مذهبي لاڙن کي هٿي ڏني ۽ مسلم ليگ جي قيام لاءِ ماحول تيار ڪيائين. ‘سنڌ سڀا’ به ‘سنڌ هندو سڀا’ جي نالي سان انڊين نيشنل ڪانگريس جي ويجهو ٿي پئي. ان ڏس ۾ حميد سبزوئي لکي ٿو ته “سنڌ جا ٻه ڏاها ان مامري تي اهڙو ته اٽڪيا جو سنڌ صدين جي صدمن ۾ اچي وئي ۽ فرقيواريت هٿان نهوڙجي اڃا تائين سک نه ٿي سنڀري”.

    حوالہ ::
    ڦيرواڻي شيوارام نرسنگهداس پروفيسر، راج رشي ديوان ڏيا رام گدو مل، (جيون چرتر)، ڇاپو ٻيو ، سگا ڪراچي، 2000ع. ص 28_29
    .
    ۔
    سبزوئي حميد، فاني جڳ لافاني ماڻهو (ڏيا رام گدو مل شاهاڻي)، ڪويتا حيدرآباد، 2011ع، ص. 22

    کاپی شدہ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو