رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه ...
_______________
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه ٽٽو جو ڪين آ ويساه
ڀري ڏند ڀور ٿي وياسڀ بت ۾ ڀي رهيونه ساه
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه...
نظر جا عڪس سڀ ڌنڌلا اکين جي ديد گهٽجي وئي
اڃا آئيني الفت ۾ ٻري ٿي بره شعله باه
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه ...
سڀئي وسري ويا هن سور نسريل نينهن تازو آ
ائين ڄڻ ڪله مليا ها سين گزري ويا سڀئي هي ماه
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه....
هلڻ ٿي ڪين پيرن کان هلي سوچن پيا آهيون
ٿڪائي ڪين پنڌ چاهت وڏي ويتر آ هي راه
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه ...
چمڻ ۾ هي ڏڪن چپڙا شايد پيري آئي آ
رڳو ٿا روح ۾ رلجون اسان وٽ اڄ به آ اتساه
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه....
.
.
.لبستم دائودپوٽه
_______________
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه ٽٽو جو ڪين آ ويساه
ڀري ڏند ڀور ٿي وياسڀ بت ۾ ڀي رهيونه ساه
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه...
نظر جا عڪس سڀ ڌنڌلا اکين جي ديد گهٽجي وئي
اڃا آئيني الفت ۾ ٻري ٿي بره شعله باه
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه ...
سڀئي وسري ويا هن سور نسريل نينهن تازو آ
ائين ڄڻ ڪله مليا ها سين گزري ويا سڀئي هي ماه
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه....
هلڻ ٿي ڪين پيرن کان هلي سوچن پيا آهيون
ٿڪائي ڪين پنڌ چاهت وڏي ويتر آ هي راه
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه ...
چمڻ ۾ هي ڏڪن چپڙا شايد پيري آئي آ
رڳو ٿا روح ۾ رلجون اسان وٽ اڄ به آ اتساه
هلي ٿو پيو اڃا هي چاه....
.
.
.لبستم دائودپوٽه