جواب: youtube پر ادا اهو مرنرجر ت ناهي مونکي ڊائونلوڊ مينيجر فهرجي مان وٽ براڊ بينڊ به پر وي وائرليس جي ڪنيڪشن آهي
جواب: youtube سائين هي وٺو لنڪ اميد آهي توهان کي پسند ايندي، http://www.filehippo.com/download_realplayer/download/9eeba1825a10ea2a593c41674e8076b5/
جواب: youtube بختاور سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار شال خوش هجو ۽ آباد هجو توهان هي ويب سايٽ استعمال ڪري ڏسو مان يو ٽيوب ويڊيو ڊانلوڊ ڪرڻ جي لاء اها ئي سايٽ استعمال ڪندو آهيان ۔ ۽ هر فارميٽ ۾ ويڊيو ڊائلوڊ ڪندو آهيان پر اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ جاوا سپورٽ هجڻ ضروري آهي http://keepvid.com/
جواب: youtube ادي بختاور هوئن ته سڀني جوابن ۾ توهان کي مختلف سافٽويئرز جي صلاح دوستن ڏني آهي ۽ خود ادا علي علي پڻ هڪ ويب سائيٽ جو ذڪر ڪيو آهي۔۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان اڃان مطمئن نه ٿيا هجو ته هيٺيان ٻه سافٽويئر حاضر آهن ۔۔۔۔ YouTube Downloader 2.5.3 سادي انٽر فيس جو حامل هي ڊائونلوڊر آسان ۽ تڪڙو رستو اختيار ڪندي يوٽيوب وڊيوز کي flv فارميٽ ۾ ڊائونلوڊ ڪندو آهي جنهن کي توهان پنهنجي مرضي جي فارميٽ ۾ پڻ هن سافٽويئر جي ذريعي تبديل ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ هن سافٽويئر جي اها به خوبي آهي ته بس يوٽيوب url ڪاپي ڪريو ۽ سافٽويئر کوليو جتي توهان جو ڪاپي ڪيل يو آر ايل پهرين کان ئي پيسٽ ٿيل هوندو ۔۔۔ ان کانسواءِ هن سافٽويئر جي بهترين خوبي اها به آهي ته هي ڊائونلوڊر سان گڏو گڏ وڊيو ايڊيٽر پڻ آهي ۔۔۔ چاهيو ته ڊائونلوڊ ڪيل وڊيو کي ٻئي فارميٽ ۾ تبديل ڪرڻ دوران وڊيوز ۾ موجود ناپسنديده حصن کي مٽايو يا وري وڊيوز ۾ موجود سائونڊ ختم ڪريو۔۔۔ هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو Youtube Downloader HD هن جي ذريعي پڻ توهان يوٽيوب وڊيوز ڊائونلوڊ ڪري مختلف فارميٽس ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ هن جو خاص فيچر آهي ته هن سافٽويئر ذريعي ڊائونلوڊ ٿيندڙ وڊيوز جي ڪوائلٽي بهترين سٽينڊرڊ جي هوندي۔۔۔۔ ان کانسواءِ ڪيتري به وڏي وڊيو ڇو نه هجي هن سافٽويئر جي ذريعي مڪمل هاءِ ڊيفينيشن ۾ ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿي۔۔۔۔ هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪندا۔۔۔
جواب: youtube ادي ڀيڻ ۔۔۔۔ سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔۔۔ توهان savevid.comويب سائيٽ استعمال ڪري ڏسو۔۔۔ انهيءَ جي ذريعي اوهان هڪ وڊيو کي مختلف فارميٽس ۾ ڊائونلوڊ ڪري سگهيو ٿيون
جواب: youtube ادا رشيد پهرين لنڪ کي چيڪ ڪجو اهو نه پيو کلي جيڪو ويڊيو اڊيٽر ب آهي ان لنڪ م ڪا خرابي آهي شايد
جواب: youtube ها ادي هي ريئل پليئر 10 آهي پر هن کي انسٽال ڪرڻ کان پو توهان نيٽ تان هر وڊيو ڊاونلوڊ ڪري سگهو ٿا ، آئون انٽرنيٽ ڊاونلوڊر يوز ڪري رهيو آهيان پر يوٽيوب ۾ هن جو آئڪن شو نٿو ڪري جنهن جي ڪري مون ريئل پليئر 10 انسٽال ڪيو ان کي انسٽال ڪرڻ کانپو ڪنهن حد تائين منهنجو مصئلو حل ٿي ويو آهي،
جواب: youtube ڀائو رشيد ڇا اسين هن ڊائونلوڊر سان هڪ کان وڌيڪ وڊيو ز لوڊ ڪري سگهون ٿا۔ وضا حت سان سمجهائيندا۔ مهرباني۔