• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مٽِيءَ جو ماڻهو ...

مٽيءَ جو ماڻهو
______________
مٽيءَ جو هي هو ماڻهو پٿر جو ڪنهن آ ٺاهيو
جنهن جي نه سيني دل آ جنهن کي نه رحم آيو
ماڻهو کي ماري ماڻهو ڪهڙو وڃي ٿيو انسان
احساس سڀ مري ويا جيئري کي ڪنهن جلايو
ظلمت وڏو آَ ظالم ڪري ڪوس هي قتل سڀ
لالچ حوس ۾ انڌي آ انسان سڀ لڄايو
ڪيني عداوتن ۾ احساس کان هي عاري
بت اهڙو هي بڻيو آ ماريو هي سڀ مٽايو ...
انسان مان هي جانور ٿيندو وڃي ٿو هردم
هٿيار هي جديدن آ جنون جنهن وڌايو
.
.
.لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top