رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هن کي چئو رسي ڪين مونکان
___________________
هن کي چئو رڪجي نه ڏسڻ ۾
هن کي چئوڇا رکيو آ رسڻ ۾
هن کي چئو ياد تنهنجي آ چقمق
هن کي چئو ياد سڪ جو سبق
هن کي چئو تو بنا ساوڻيون
اڃ آهي اندر ڇه جون تامڻيون
هن کي چئو گيت گونجار توسان
هن کي چئو روح رمزن ۾ توسان
هن کي چئو ڪين وڇوڙا وڏا ڏي
هن کي چئو سڪ مونکي سڏي ڏي
هن کي چئو خوشبو آهي هوا ٿي
هن کي چئو تون اچين ٿي پئي
هن کي چئو هر طرف تون ئي تون
هن کي چئواچ هاڻي ملون
هن کي چئو چاه کي اچ چکون
هن کي چئو ڀاڪرين ٿي وڃون
هن کي چئو نينهن شينهن ٿي وانگر
هن کي چئو تس لاهي تونگر
هن کي چئو منينهن آهي وٺو
هن کي چئو ڇو تون آن رٺو
هن کي چئو چاه چسڪي ته وٺ
پوءِ پڇندومانءِ ڪيتري ويهين آ سٺ
هن کي چئو چنڊ چوڏس ٿيو
هن کي چئو انب پڪل رس ٿيو
هن کي چئو ڪڻڪ آڀون آيا
هن کي چئو لاڀ ڪٽجي ويا
هن کي چئو ساريون راهن پيا
هن کي چئو سنگ نسري ويا
هن کي چئو گرميون ٿي ويون جهڪيون
هن کي چئو ڪڏهن ڏيندين چميون
هن کي چئو رات سيارو ٿيو
هن کي چئو باه لامارو ٿيو
هن کي چئو ماڪ آهي وٺي
هن کي چئو ڇو تون آن رٺي
هن کي چئو بهاريون به آيون
مگر تون نه آئي مندو ملهاريون به آيون
ڪري ياد توکي وڻ ڀي سڪي ويا
سڄا سارا گوندر گاه سڪي ويا
اچڻ تو لئه اڻتڻ اڃا جئءَ کي آ
وڏو وقت ٿي ويو هيو جيءَ کي آَ
سمورا سڄا لوڪ هتڙي ته آهن
وڻن ڪين مونکي اندر جهير آهن
وڻن ڪين مونکي اندر جهير آهن
.
.
لبستم دائودپوٽه
___________________
هن کي چئو رڪجي نه ڏسڻ ۾
هن کي چئوڇا رکيو آ رسڻ ۾
هن کي چئو ياد تنهنجي آ چقمق
هن کي چئو ياد سڪ جو سبق
هن کي چئو تو بنا ساوڻيون
اڃ آهي اندر ڇه جون تامڻيون
هن کي چئو گيت گونجار توسان
هن کي چئو روح رمزن ۾ توسان
هن کي چئو ڪين وڇوڙا وڏا ڏي
هن کي چئو سڪ مونکي سڏي ڏي
هن کي چئو خوشبو آهي هوا ٿي
هن کي چئو تون اچين ٿي پئي
هن کي چئو هر طرف تون ئي تون
هن کي چئواچ هاڻي ملون
هن کي چئو چاه کي اچ چکون
هن کي چئو ڀاڪرين ٿي وڃون
هن کي چئو نينهن شينهن ٿي وانگر
هن کي چئو تس لاهي تونگر
هن کي چئو منينهن آهي وٺو
هن کي چئو ڇو تون آن رٺو
هن کي چئو چاه چسڪي ته وٺ
پوءِ پڇندومانءِ ڪيتري ويهين آ سٺ
هن کي چئو چنڊ چوڏس ٿيو
هن کي چئو انب پڪل رس ٿيو
هن کي چئو ڪڻڪ آڀون آيا
هن کي چئو لاڀ ڪٽجي ويا
هن کي چئو ساريون راهن پيا
هن کي چئو سنگ نسري ويا
هن کي چئو گرميون ٿي ويون جهڪيون
هن کي چئو ڪڏهن ڏيندين چميون
هن کي چئو رات سيارو ٿيو
هن کي چئو باه لامارو ٿيو
هن کي چئو ماڪ آهي وٺي
هن کي چئو ڇو تون آن رٺي
هن کي چئو بهاريون به آيون
مگر تون نه آئي مندو ملهاريون به آيون
ڪري ياد توکي وڻ ڀي سڪي ويا
سڄا سارا گوندر گاه سڪي ويا
اچڻ تو لئه اڻتڻ اڃا جئءَ کي آ
وڏو وقت ٿي ويو هيو جيءَ کي آَ
سمورا سڄا لوڪ هتڙي ته آهن
وڻن ڪين مونکي اندر جهير آهن
وڻن ڪين مونکي اندر جهير آهن
.
.
لبستم دائودپوٽه