واقعا حسرتن جو احترام نه ڪندا آھن

'ڪالم' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2016۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    واقعا حسرتن جو احترام نه ڪندا آھن
    غلام رسول چانڊيو

    ھُن جي سوچ جي نِڙي، ھر پل اٽڪي ٿي پئي. گھڻو ڪجھ سمجھڻ ٿي چاھيائين پر واقعا حسرتن جو احترام ڪٿي ڪندا آھن!؟ ڪائنات جي اسرارن تي سوچڻ ٿي لڳو ته ڪروڙين انسانن جي بک کيس سوچن جي جُھريل پٽڙيءَ تان گھلي اوجھل ۾ اڇلائي ٿي ڇڏيو ۽ وري جڏھن بک جي سببن تي غور ٿي ڪرڻ لڳو ته ڀري بازار ۾ ڪنھن بم ڌماڪي، سندس سوچُن کي ٻارن جي معصوم رت سان رڱي ٿي ڇڏيو. ھن ڌرتي ۽ آسمان لاءِ ائين ڪڏھن به نه سوچيو ھيو ته ڪو ان تي بارشن بجاءِ دونھين جا بادل ھوندا، ڌرتيءَ تي محبتون ۽ امن قيدي ھوندو ۽ بندوق جي ناليءَ مان نڪتل گولي ڪبوتر جي حفاظت ڪندي.
    ختم ٿي ويل ٻيلن ۽ جھنگلي جيوت جي تباھي جڏھن وٽس دانھين ٿي آئي ٿي ته وري سندس سوچن مٿان ٽي وي تي ڊيڄاريندڙ ميوزڪ سان جھازن جي اوچتي حملي واري بريڪنگ نيوز ڪيئي ميزائيل ڪيرائي ٿي وڌا. ھو ھن جھان مان اچي ڦاٿو ھيو. ھن ته عدم کي ڳولڻ چاھيو ھيو پر ان گمان سندس ڳولا جا پير وڍي ڇڏيا ھئا ته خدا جي خدائي سان انساني جنگ ۾ يا ته عدم شھيد ٿي ويو ھيو يا وري وجود ڌاري بارود جي بوءِ ۾ تنبوري جي تارن ۽ ڍولڪ جي ٿاڦ تي عدم ڪنھن آخري جنگ ۾ مصروف ھيو. ھن حساب لڳائڻ چاھيو شام وارن ٻارڙن جي رانديڪن جو جيڪي شھيد ڪيا ويا ھئا پر ليکي کان ڳالھ چڙھيل ھئي...
    کيس عدم جي شھيد ٿي وڃڻ جو الڪو ورائي ويو ھيو ۽ حيرتزده به ھيو ته عدم وجود وٺي آخر مرڻ ڇو ٿي چاھيو!؟ ڇا عدم پنھنجي آخري نتيجن ۾ ڪا ھستي به ھيو؟ جي ھا ته پوءِ ھن ڪھڙو گيان، ڌيان ۽ عبادت ڪري عدم جو روپ ڌاريو ھيو؟ ھزارين سوالن ھُن جي سوچن کي زخمي ڪري رت سان وھنجاري ڇڏيو ھيو، پر پوءِ به سوچڻ سان ٻروچڪي ڪرڻ کان نه ٿي مڙيو. ڳالھ ئي ڪجھ اھڙي ھئي.
    مسجدن اندر سجدن ۽ صلواتن جا رتو رت چيٿڙا، بازارن اندر معصومن جا ڪاراين کان ڪٽيل ننڍڙا ھٿ ۽ چھرن تي رانديڪن جي حسرتن واري آخري مرڪ ۽ ماءُ جي ڇاتين مان ٽمندڙ رت جھڙي ٿڃ، آسمان تي جھوتون ڏيندڙ جھازن جي ڊپ ۾ اڏاڻل پکين جي تيز ڌڙڪندڙ دل ۽ رسن جي قيد ۾ ٽاھ کائي،ڪِلا ڀڃندڙ جانورن جون ڊوڙون ۽ ڍِڪون، ٻين ڪيترن لاءِ ته کڻي معمول ھجي پر ھن لاءِ اھي سڀ انياءَ ڪائنات جي معصوميت جي قتل کان گھٽ نه ھئا.
    ھن ته ندي ڪناري ويھي پکين جو ٻوليون ۽ لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ پير پسائي، ڪنھن مجاز جو انتظار ٿي ڪرڻ چاھيو، ھن ته پاڻي تي رقصان ٻيڙي ۾ ويھي محبوب جي اڏندڙ زلفن کي ڏسڻ ۽ ھوا تي وچڙيل وارن کي سميٽي چوٽي جو روپ ڏيڻ ٿي چاھيو ۽ لطيف سائين جي سامونڊي جا آلاپ ڪن ھٿ ڏئي چنڊ کي ٻڌائڻ ٿي چاھيا. دنيا جي سڀن معصوم ۽ پکين سان پيار ڪندڙ انسانن وانگر ڇا ڇا نه چاھيو ھيو....!؟ پر بارود جي بوءِ ھن جا سڀ ارادا ۽ اميدون ڄڻ ته ڪينسر جي آخري اسٽيج تي پھتل انسان وانگر موت کان ڪجھ گھڙين جي مھلت لاءِ منٿون ڪري رھيون ھيون.
    ھن پنھنجي زندگي جي ٻوٽي کي وڏي نفاست سان پالڻ ٿي چاھيو ۽ تجربن جي اڻ کٽ جھان مان گذري، ڪائنات جي انتھائن جا پنڌ پچائي، ازل جي پھرين وک کي گول ليڪو پائڻ ٿي چاھيو. انتھا ۽ ابتدا جا سوال، نفي ۽ اسبات جون ڳجھارتون، عدم ۽ وجود جا مامرا، ھستي ۽ فنا جون پروليون، سائنس جو ساگر ۽ ڳُجھ جا لامحدود پنڌ، ارتقا ۽ انقلاب، نفرتون ۽ محبتون، مذھب ۽ ماڻھو، تاريخ، ڪھڪشائون، سيارا ۽ ستارا، حد ۽ لاحد، تخليق ۽ تخليقار کان ويندي انساني احساسن ۽ انھن جي ابتدا ھن جي اولين ايجنڊا ھئي پر نه ڄاڻ ڪھڙي ڏوھ سبب ھن جي سموري ايجنڊا بارود جي دونھين ۾ ٻوساٽجي مرڻ ڪنڌيءَ اچي رسي ھئي. 15 سالن جي ڄمار کان ھو اھو ئي سوچيندو رھيو ھيو ۽ اھو ئي پڙھندو رھيو ھيو. ھن مشرق ۽ مغرب کي ايترو پڙھيو ھيو جو ھتان جي دانشورن تي رڳي پنھنجي مزاج جي ڪري نه کلندو ھيو، باقي کلڻ ضرور چاھيندو ھيو. ھڪ دفعي چيائين “ ھو جو ڦلاڻو پاڻ کي ڏاھو سمجھندو ۽ سڏرائيندو آھي اھو اصل ۾ گھڻا ڪتاب پڙھندو آھي ۽ انگريزي ادب نه پڙھڻ سنڌي سماج جو وڏو الميو آھي”، ۽ وڌيڪ چيو ھئائين “ ڏاھپ جي ڪک مان تخليق جنم وٺندي آھي ۽ گھڻا ڪتاب پڙھي انھن کي حوالي طور پيش ڪرڻ سٺي ڳالھ آھي، پر گھٽ پڙھيل سماج ۾ ٻين جون تخليقون پنھنجون ڪري پيش ڪرڻ نه رڳي تخليق سان مذاق آھي پر ھڪ علمي ڏوھ پڻ” ۽ پوءِ ان ڏاھي جي تقريرن جا حوالا ڏيندي مغربي ادب جي ڪتابن مان صفحا نمبر به ٻڌايا ھئائين جن کي اھو ڏاھو پنھنجون تخليقن طور تقريرن ۾ پيش ڪري پنھنجي ڏاھپ جو ڌاڪو ڄمائيندو آھي.
    اھڙو آھي ھي شخص جنھن کي نه ھئڻ جي برابر ماڻھو سڃاڻندا آھن تنھنڪري ڪنھن کي ڪھڙي ڪل ته ان شخص وٽ وڻ جي ڇانءَ جي به پنھنجي معنيٰ آھي ۽ ھو مجاز جا مرحلا به ھڪ تجربي طور طئي ڪرڻ چاھي ٿو ۽ جي مائٽن جو زور نه ھجيس ته ھو اھي مرحلا تصورن ۾ ئي طئي ڪري گھڻو تِھائين گھڻو اڳتي نڪري وڃي. ھن جو درد ڪنھن حسينا جو ماڻا ڪري رسي وڃڻ نه پر پکين جي ڪيترن ئي نسلن جي ختم ٿي وڃڻ جو درد آھي. خاموش ڳوڙھا ھن جا دوست آھن. عجيب ماڻھو آھي يا ته وٽس ڪنھن سوال جو جواب ناھي ھوندو يا وري ھر سوال جو جواب! ڳالھائيندو تمام ٿورو آھي پر جي ڳالھائيندو ته وري پَھر کُٽائيندو...
    ڪيئي سوال کڻي جيئندڙ ھن شخص جا الميه زوال ڏانھن ويندڙ انسانيت ۽ ڪائنات جا اسرار آھن. ھو مون کي ڪڏھن ڪڏھن نفسياتي مريض به لڳندو آھي ته وري ڪڏھن بنھ انوکو شخص ۽ چاھيندو آھيان ته اڄوڪي سنڌ کي اھڙن ماڻھن جي ضرورت آھي جيڪي رت کان نفرت ڪندي تنبوري جي تارن مان نڪرندڙ “تون” واري راھ جا راھي ھجن ۽ اھو سچ آھي ته “تون” جھڙي تکي ۽ تيز تراڙ ٻي ڪا ٿي ئي نه ٿي سگھي. اوتارن ۽ مڪانن واري تصوف کي ڇڏي “تون” جا ڪيئي تبديلي وارا تصوفي رنگ ۽ راھون آھن جن سان انساني المين جو ڪنڌ ڪپي سگھجي ٿو، جيئن ھي شخص تصوف کي سائنس کان وٺي فلسفي جي مدلل دائرن ۾ پرکي ٿو. ھو تصوف جي فرار واري رياستي تشريح جو سخت مخالف ھوندي تصوف جي سماجي ڪارج جا ھزارين رنگ پسائي ٿو. ھن ھڪ صوفي يونيورسٽي جو خواب ڏٺو ھيو ۽ ان لاءِ نصاب جوڙي ڪيمبريج ۽ آڪسفورڊ سميت دنيا جي يونيورسٽين ڏانھن جڏھن موڪليو ھئائين ته اھي پروفيسر پريشان ٿي ويا ھئا ۽ کيس سنڌ ڇڏڻ جون آڇون ڪيون ھئائون پر ھن کي وڏي عمر واري بڙ جي ان گھاٽي وڻ جي ڇانءَ وڃڻ نه ڏنو ھيو، الاءِ ڇو بارود جي بوءِ واري ملڪ جي باشندي ھجڻ باوجود ھن کي شايد ڪنھن تمنا روڪي رکيو ھيو، کيس پتو ھيو ته ھو ان ديس جو باشندو آھي جتي “مان” جي حڪمراني آھي ۽ “تون” صرف لطيف سائين جي درگاھ تائين محدود ڪئي وئي آھي پر پوءِ به ھن کي “تون” جي طاقت تي يقين آھي تڏھن ته ھو ڪڏھن ڪڏھن لطيف سائين جي فقيرن جي الو ميان اڳيان سر نوائي ويٺل ڏسبو آھي.
    ھو سوچي ٿو ته ڪائنات جيڪڏھن حادثو آھي ته پوءِ اھا ھڪ ضابطي ۽ قانون تحت ڇو ھلي رھي آھي؟ ۽ جيڪڏھن ڪنھن منصوبي تحت جُڙي آھي ته ان منصوبي جو مالڪ ۽ وري مالڪ جو مالڪ ڪير آھي؟ ھو اھو به سوچي ٿو ته اسان آھيون به يا وري ماڳھين ڪنھن خارجي يا داخلي ھستي جو خيال آھيون؟ جي ائين آھي ته پوءِ اھا ھستي ڪير آھي؟ ھو ملحد به نه آھي جو خدا جي ھستي کي مڃڻ جا ھن وٽ ھزارين دليل آھن ۽ نه مڃڻ جي سلسلي ۾ صرف اھو چوندو آھي ته “بحث رڳي ان شي يا ھستي تي ٿئي ٿو جيڪا ھجي ٿي ۽ جي انڪاري آھن ته انھن کي بحث به نه ڪرڻ گھرجي” ، ھو خدا کي لطيف جي فلسفي مان سمجھندڙ ۽ مڃيندڙ آھي، ھا ان سلسلي ۾ وٽس بحث جو اڻ کٽ سلسلو ضرور آھي، جيڪو ھو ھر ڪنھن سان ناھي ڪندو.
    ھو انھن ماڻھن منجھان آھي جيڪي صوفي راڳ سان عشق ڪندا آھن ۽ پنھنجي منھن ويٺا ڳائيندا آھن.. ھو بمن جو بدلو آلاپن کي سمجھي ٿو ۽ سمجھي ٿو ته سنڌ بارود کان به گھڻي قدر ان ڪري بچيل آھي، اڃان جڏھن ھالبروڪ جيئرو ھيو ته ان کان گھڻو اڳ ئي ھن چيو ھيو ته سنڌي ڪڏھن به انتھا پسند ٿي نه ٿا سگھن جو وٽن تند ۽ تنوار، موسيقي ۽ موھ آھي . ھا البته غربت ۽ غلامي جي ڪري وڌندڙ آبادي جي ڪک مان انتھا پسندي جو خطرو شڪارپور جي پھرين ٿيل ڌماڪي کان به گھڻو اڳ ھيو پر پوءِ به ھو انتھا پسندي کي آخري پساھن ۾ سمجھندي پاڻ کي مطمعن رکي ٿو ۽ چاھي ٿو ته صوفي ازم کي ھاڻ باقائده ھڪ ضابطي جي ضرورت آھي، سنڌ جي سماجي مسئلن ۽ غير انساني قدرن لاءِ ھو معاشي اڻ برابري ۽ غلامانه ورتاءَ کي جوابدار سمجھي ٿو.
    حقيقي پنڌ جا ھن وٽ جدا دليل آھن، ھو جو ڪنھن به ڳالھ کي آخري ۽ حتمي سچ نه ٿو سمجھي ۽ ھر سچ کي دائمي سچ ڏانھن ويندڙ راھَ سمجھي ٿو ان وٽ سنڌ جي منزل رڳي آجپي تائين ڪيئن محدود ھوندي! ھو آزادي سان بيحد پيار ڪرڻ باوجود گھڻو اڳتي سوچي ٿو...
    اڪيلائي کيس تمام گھڻو وڻندي آھي جو ھو اڪيلائيءَ ۾ به اڪيلو ناھي ھوندو. ڪيئي سوالن جا جواب پنھنجي ڪمپيوٽر کان گھرندو آھي ۽ ملندڙ جوابن مان به سوال ڦلھوري ڪڍندو آھي. مون کي ته ھو خود به وڏو سوال لڳندو آھي، ھڪ اھڙو سوال جنھن جا لطيف سائين جي شاعريءَ وانگر ھزارين جواب ھوندا آھن ۽ انھن جوابن ۾ وري ھزرين سوال!!
    سوالن ۽ جوابن جي ھجومن ۾ رھندڙ ھن شخص جا ڪيئي ذاتي الميا به آھن، ننڊ ته لاڳيتي ننڊ ۽ جاڳ ته لاڳيتي جاڳ. ٻنھي صورتن ۾ وٽس خواب آھن ۽ اھڙا خواب جن ۾ انساني جياپي، وقار ۽ آزادي جو اھو عروج ھجي ٿو جنھن ۾“ ھر ڪا پسي پرينئن کي” بڻجي پوي، ماڻھپي جي توحين ڪرڻ جي ڪنھن ۾ به جرعيت نه ھجي ۽ عورت جا ھن ڪائنات جي گھڻ رخي عظمت آھي، انھيءَ جو ھر رشتي ۽ ھر روپ ۾ خدا جي اڻ کٽ رحمتن جيترو مانُ ۽ شان ھجي. ھو جاڳ ۽ ننڊ ۾ به بس اھي ئي خواب ڏسي ٿو.... ٿي سگھي ٿو ٻيا به ڪي خواب ھجنس! پر نيٺ خواب ته خواب ئي ٿين ٿا، ساڀيان جو پنڌ صدين کان جاري آھي نه ڄاڻ ان ساڀيان جو ڇيڙو ڪٿي دنگ ڪري ٿو!؟ انساني پنڌ جا پيرا کڻجن ٿا ته پيرن جي نشانن جي ڪا حد ئي نه ٿي ملي. ڇا زندگي رڳي پنڌ آھي؟ جي ھا ته ان جي ڪھڙي منزل ٿي سگھي ٿي؟ موت وڏي حقيقت ھوندي به جڏھن دستڪ ڏئي ٿو ته انسان جي اکين جا بند آخري دفعو ڇو ٽُٽَنِ ٿا!؟ ڇو نه ٿو ماڻھو ھي دنيا ڇڏڻ چاھي!؟ بارود ۽ بمن جي ھن دنيا ۾ انسان ھر ڪرڀ ۾ رھي ڪري به جيئڻ چاھي ٿو ۽ ڄاڻي به ٿو ته عبد تائين جيئڻ سندس وس ۾ نه آھي!!؟ زندگي جي مختصر عرصي ۾ کيس ڇا جي ڳولا آھي ۽ ڪنھن لاءِ ڳولا آھي؟ انسان آخر ڇا ٿو ڪرڻ چاھي؟ اھي سڀئي سوال جڏھن ان شخص اڳيان رکان ٿو تڏھن ھو ڪيئي پل خاموش رھڻ کان پوءِ ھڪ مخصوص ڪيفيت ۾ اچي ڳالھائڻ شروع ڪري ٿو. انسان جي پيچيده ڪيفيتن تي ڳالھائيندي ھي شخص مونکي سماجي سائنسدان لڳندو آھي ۽ انسان جي نفسياتي ۽ شعوري مسئلن تي ڄڻ پي ايڇ ڊي ٿيل ھجيس. ھو ڳالھائڻ لڳي ٿو: “ پرينئن کي پسڻ رڳي جسماني ميلاپ جو نالو نه آھي، سوال ان شعوري معيار جو آھي جنھن ۾ پرينئن جي ھستيءَ جو ادراڪ ھئڻ ضروري آھي” . ھو ڳالھيون سمجھائڻ لاءِ انگريزي جملا گھڻا استعمال ڪري ٿو پر آءُ مقصد سمجھي وڃان ٿو. “ ھستي ئي محبوب آھي، جڏھن انسان پنھنجي ھستي کي نيستي ۾ تبديل ڪري ٿو تڏھن محبوب جو ظھور ٿئي ٿو، محبوب ڪا جدا شي ناھي، اھو انسان جي ھستي اندر ئي رھي ٿو، ائين جيئن انسان آئيني اڳيان بيھي پاڻ پسي ٿو، تيئن محبوب به پاڻ ھجي ٿو ۽ سامھون واري ذات يا محبوب کي سمجھڻ لاءِ شعور جي ان معيار جو ھجڻ ضروري آھي
    ڳالھ رڳي اتي دنگ نه ٿي ڪري پر “ھر ڪا پسي پرينئن کي” جو اصل مفھوم ۽ معنيٰ ئي ھيڪڙائي/وحدت وارو عظيم تصور، دنيا اندر لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ئي ھن دنيا جو اصل حسن سامھون ايندو. ھو ڳالھائيندو رھي ٿو
    “ ۽ سماجي احترام جا پيرا معاشي اڻ برابري تي دنگ ڪن ٿا، معاشي ھڪ جھڙائي ئي انساني احترام جي ان عالمي تصور کي جنم ڏيئي سگھي ٿي جنھن ۾ رنگ، نسل، ذات پات ۽ مذھب جا تصور يا ته رھندا ئي ڪو نه ۽ جي رھندا ته اھي به پنھنجي حقيقي سونھن سان سرشار ھوندا”.
    ھو چوندو رھي ٿو “انسان جي اھا فطرت رھي آھي ته ھو ڪيترين ئي اڻ ڏٺل شين ۽ ڳالھين تي اعتبار ڪندو آھي ۽ ڪيترين ڏٺل ۽ تجربي ھيٺ آيل ڳالھين تي به اعتبار نه ڪندو آھي، اھو مسئلو انسان جي نفسيات سان تعلق رکي ٿو، جيئن انسان ٻئي جي موت کي اکين سان ڏسندو آھي، کيس ھٿ سان مٽيءَ ۾ لاھيندو آھي پر سندس شعور ۾ اھا ڳالھ ويٺل ھوندي آھي ته اھا ساڳي وارتا ساڻس نه ٿيندي ۽ جي ٿيندي به ته ان ۾ صدين جي دير آھي ۽ جي ائين ٿيو به ته ھو وري جنم وٺندو ۽ ماڻھو گھڻو ڪري موت کي ان وقت حيرتزده ٿي ڪري قبوليندا آھن جڏھن موت مٿائن اچي بيھندو آھي”
    انساني سفر تي ڳالھائيندي ھو چوي ٿو “ شڪ تجسس کي جنم ڏئي ٿو ۽ تجسس تحرڪ کي! بنيادي طور انسان کي ڪائنات جي زري زري ۾ شڪ آھي جيڪو عقلمند لاءِ جائز ۽ سطحي عقل رکندڙ وٽ يا ته اھو شڪ آھي ئي ڪو نه جي آھي ته به اھو سندس شعور موجب آھي، تنھنڪري ماڻھن جي ان طبقي کي پاسي تي رکندي اھو سمجھڻ ضروري آھي ته با شعور ماڻھو صدين کان ھن ڪائنات ۽ پنھنجي ذات کي ڳُجھ سمجھندي ان جي ڳولا جي مسلسل سفر ۾ آھن ۽ اھو ئي تحرڪ شايد انساني تحرڪُ جو يقيني سبب ھوندي زندگي کي معنيٰ بخشي ٿو، يعني پنھنجي ڳولا يا ”تڪميل ذات جو سفر“.
    ھو زندگي،ڪائنات، موسيقي، شاعري، لا حاصل عشق ۽ سماجي پيچيدگين تي ڳالھائيندو رھي ٿو ۽ انساني روين، رجحانن ۽ نفسيات جا انيڪ روپ پسائيندو رھي ٿو ۽ آءُ غور سان ٻڌندي ٻڌندي ڪيتريون ڳالھيون سمجھڻ کان قاصر رھان ٿو پر پوءِ به جيڪو سمجھ ۾ اچي ٿو ان سان ڪائنات جا ڪيئي درشن ٿيندا رھن ٿا ۽ ان ديدار ۾ ايترو ته محو ٿي وڃان ٿو جو ان شخص کي ٻڌڻ بجاءِ پنھنجي سوچن جي سڏن تي نڪري وڃان ٿو ۽ ھن کي منھنجي ڪيفيت جو اندازو ٿي وڃي ٿو. ڳالھ کي اڌ ۾ روڪي چوڻ لڳي ٿو، “اٿ ته ھلي شيخ اياز جي مزار تي شاعري جو مزو وٺون”. آءُ شرمندو ٿيندي ڀٽائي جي اڱڻ تان اٿي ھن جي پويان ھلڻ لڳان ٿو ۽ سڪي ويل ڪراڙ جي ڪنارن تائين تنبوري جي تارن جي “تون” ڪنين پوندي رھي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو