• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آءِ فون ”ڪيبورڊ سنڌي“ جو نئون ورشن

خليق جمالي

سينيئر رڪن
اڄ واندڪائي جي وندر سمجهي مسلسل 11 ڪلاڪن جي محنت بعد آءِ او ايس جي ڪيبورڊ جو نئون ورشن جوڙيو آهي. ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته نئون ڪي بورڊ اءِ فون جي سسٽم ڪي بورڊ جيان ڏسڻ ۾ اچي. ان سلسلي ۾ هيٺيون ورشن هاڻي هاڻي ايپ اسٽور تي چڪاسڻ (رويو) لاءِ جمع ڪرايو آهي، اميد ته ڪي بورڊ ۾ ڪا خامي نه هوندي ۽ ايپ اسٽور جي ٽيم چڪاسڻ بعد ان کي 2 يا 3 ڏينهن ۾ پبلش ڪندي.
آءِ فون 4 کان وٺي نئين آيل آءِ فون 7 ۽ 7پلس ۾ ڪيبورڊ بلڪل (زري گهٽ ;) ) سسٽم ڪي بورڊ جيان لڳندو، جڏهن ته آءِ پيڊ جي مختلف ڊوائيزس ۾ ممڪن آهي ڪجهه خاميون هجن جيڪي وقت ملڻ تي درست ڪرڻ جي ڪوشش جاري رهندي.
وڌيڪ هن تصوير ۾ اوهان ڏسي سگھو ٿا ته ڪي بورڊ جو نئون ورشن ڪيئن هوندو.

yBB3OP.jpg
 
تمام زبردست ڪَم.. پيارا ڇا اهو ڪيبورڊ آئي.فون جي ايندڙ ورزين سان مطابقت رکندڙ هوندو ؟؟
مهرباني ادا!
فلحال ته آءِ ايس او 8 کان 10 تائين ۽ اءِ فون 4 کان 7 پلس جي ڪيبورڊ سان گھڻي قدر مطابقت رکندڙ آهي، ڪبيورڊ ايندڙ سيپٽمبر تائين ته ڪارائتو آهي، ان کان پوءِ شايد نئون ڊوائيس يا او ايس اچي ته ڏسبو!!!ـ
 
Back
Top