خليق جمالي
سينيئر رڪن
			
		اڄ واندڪائي جي وندر سمجهي مسلسل 11 ڪلاڪن جي محنت بعد آءِ او ايس جي ڪيبورڊ جو نئون ورشن جوڙيو آهي. ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته نئون ڪي بورڊ اءِ فون جي سسٽم ڪي بورڊ جيان ڏسڻ ۾ اچي. ان سلسلي ۾ هيٺيون ورشن هاڻي هاڻي ايپ اسٽور تي چڪاسڻ (رويو) لاءِ جمع ڪرايو آهي، اميد ته ڪي بورڊ ۾ ڪا خامي نه هوندي ۽ ايپ اسٽور جي ٽيم چڪاسڻ بعد ان کي 2 يا 3 ڏينهن ۾ پبلش ڪندي. 
آءِ فون 4 کان وٺي نئين آيل آءِ فون 7 ۽ 7پلس ۾ ڪيبورڊ بلڪل (زري گهٽ
 ) سسٽم ڪي بورڊ جيان لڳندو، جڏهن ته آءِ پيڊ جي مختلف ڊوائيزس ۾ ممڪن آهي ڪجهه خاميون هجن جيڪي وقت ملڻ تي درست ڪرڻ جي ڪوشش جاري رهندي.
وڌيڪ هن تصوير ۾ اوهان ڏسي سگھو ٿا ته ڪي بورڊ جو نئون ورشن ڪيئن هوندو.
		
		
	
	
		
	
				
			آءِ فون 4 کان وٺي نئين آيل آءِ فون 7 ۽ 7پلس ۾ ڪيبورڊ بلڪل (زري گهٽ
وڌيڪ هن تصوير ۾ اوهان ڏسي سگھو ٿا ته ڪي بورڊ جو نئون ورشن ڪيئن هوندو.