امر جليل : سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو نثر نويس محمد سليمان وساڻ سنڌ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪار، نثر نويس، ناول نگار، ڪالم نگار ۽ ڊرامه نگار امر جليل جو جنم 8 نومبر 1936 تي سنڌ جي تاريخي شهر اروڙ يعني هاڻوڪي روهڙي شهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو قاضي عبدالجليل ولد عبدالغني آهي. ابتدائي تعليم رتن تلاء پرائمري اسڪول ڪراچي ۾ حاصل ڪيائين جنهن جو ذڪر سندس آتم ڪٿا ۾ موجود آهي. بي اي تائين نوابشاه ۽ وري ان کانپوء واپس ڪراچي اچي ايم اي اقتصاديات ۾ڪراچي يونيورسٽيء مان ڪيائون. ان کانسواء پاڻ سنڌ يونيورسٽيء مان ايم اي تاريخ ۾ به ڪيائون. پاڻ آمريڪا جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽيء مان ايجوڪيشن ۾ گريجوئيشن جو ڪورس به ڪيائون۔ امر جليل ڪرڪيٽ راند جو گهڻو شوقين ۽ اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ ٽيمن جو ڪپتان پڻ رهيو آهي. اين جي وي اسڪول جي نمائندگي کانسواءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ٿوري عرصي لاء وڪيٽ ڪيپر بئٽسمين طور حصو ورتائون. امر جليل جي ادبي سفر جي شروعات نوابشاه جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ شاگردي واري دور کان شروع ٿي جڏهن سندس ويجهي ساٿي ۽ سنڌ جي ناليواري اديب قمر شهباز کيس ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ وٺي وڃڻ شروع ڪيو.شروع ۾ “جليل پريمي ” ۽ پوء قمر جي هم قافيه “ امر ”جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين. 1956 ۾ سندس پهرين ڪهاڻي “ اندرا ” جي عنوان سان نوابشاه مان نڪرندڙ سنڌي رسالي ادا ۾ ڇپي. 1963 ۾ سندس پهريون اسٽيج ڊرامو “ انسان ” نيشنل ٿيٽر ڪراچي م پيش ڪيو ويو. هن جو ريڊيو لاء لکيل پهريون ڊرامو “ درياء توتي دانهن ” 1967 ۾ ريڊيو حيدرآباد تان نشر ٿيو. 1968 ۾ سندس لکيل پهرين فلم ڪهاڻي “ نوري ڄام تماچي ” هئي. انکانسواء امر جليل گهونگهٽ لاه ڪنوار ، بادل ، مٺڙا شال ملن ۽ البيلا جهڙن سنڌي فلمن جون ڪهاڻيون پڻ لکيون. تنهنجون منهنجون ڳالهيون جي عنوان سان سندس پهريون اخباري ڪالم 4 مئي 1972 تي روزاني هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. ساڳئي نالي سان سندس ڪالمن جو مجموعو پڻ ڇپيو. ان کانسوء سندس ڪالمن جو ٻيو مجموعو“ سنڌو منهنجي ساھ ۾ ” پڻ ڇپيل آهي. سندس اردوء ۾ پهريون ڪالم “ ڪڇ سچ ڪڇ جهوٽ ” اپريل 1974 ۾ هفتيوار الفتح ۾ ڇپيو. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “ دل جي دنيا ” آهي جيڪو جيڪو پهريون دفعو 1968 ۾ ڇپيو هن ڪتاب جا ڪيترائي ايڊيشن اچي چڪا آهن ۽ هي ڪتاب ٻين ٻولين م به ترجمو ٿيو آهي. امر جليل کي هن ڪتاب تي ادبي انعام به مليل آهن. سندس ڪهاڻين ۽ ڪالمن جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن جن مان هيٺيان ڪتاب قابل ذڪر آهن. ڪجهه مجموعن جا ته ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن : • دل جي دنيا • سنڌو منهنجي ساه ۾ • تنهنجون منهنجون ڳالهيون • منهنجو ڏس آسمان کان پڇو • تاريخ جو ڪفن • جڏهن مان نه هوندس • ٽيون وجود • راهون جدا جدا • هن ڄار ۾ • رني ڪوٽ جو خزانو • جيجل منهنجي ماءُ • امر جليل جون اوائلي ڪهاڻيون • چنڊ وسامي ويو • لهندڙ سج جي لام • سرد لاش جو سفر • ادب ۽ سياست • چيني ۽ چرٻٽ جون ڪهاڻيون • سنڌ نامو • امر ڪهانيان (ويچار ڊاٽ ڪام پاران سرائڪي ۾ ڇپايل) • قانون جو ڪفن • آتم ڪٿا • ڪُراڙو گِدڙ • زوال جو عڪس • منهنجي نصيب ۾ تون ناهين • Love, longing & Death • جمود • سنڌو بقا، مان فنا آهيان • ادب ۽ سياست ان کانسواء سندس واحد لکيل ناول “ نيٺ گونگي ڳالهايو ” جيڪو عبرت گروپ جي سنڌو رسالي ۾ هفتيوار ڇپبو هو مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا. ماڻهو پورو هفتو ٻي قسط جو شدت سان انتظار ڪندا هئا. اهو ناول پوء ڪتابي صورت ۾ به ڇپيو ۽ ان جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپيا. هن ڪتاب جون 10 هزار کان مٿي ڪاپيون فروخت ٿيون. هي ناول اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌين ۽ انهن سان ٿيندڙ ويساه گهاتين سان گڏ ان وقت جي سياسي حالتن تي لکيل هو. اسلام آباد ۾ رهندڙ هر سنڌي هن کي پنهنجي ڪهاڻي سمجهندو هو. ان وقت امر جليل مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگرديءَ بابت جيڪو لکيو سو 100 فيصد سچ ثابت ٿيو. امر جليل سنڌي ادب جي افسانه نگاريءَ جو اهم ٿنڀو آهي. سندس افسانه پنهنجي وقت ۽ ماحول جي مڪمل عڪاسي ڪن ٿا. کيس اذيتون سهڻيون پيون ۽ سندس ڪتاب پڻ ضبط ٿيا پر هو سچ لکڻ کان ڪٿي ٿو رَهي. سندس لکڻين ۾ مزاح ۽ چٿر جي خاصيت اهم آهي. امر جليل جي تحرير جو اسلوبِ بيان دلڪش ۽ بي مثال آهي. امر جا هِلال پاڪستان اخبار ۾ ۽ پوءِ هينئر ڪاوش ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم پڻ انهيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا ته سندس لکڻيون ڇرڪائيندڙ، جذباتي ۽ مزاحيه هوندي به سنجيده ۽ پراثر آهن. جليل صاحب سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ ڊائيلاگ ڪهاڻي متعارف ڪرائي. سندس انوکا ۽ ڇرڪائيندڙ ڊائيلاگ جن سان ڪهاڻيءَ ۾ واڌ ويجهه ٿيندي آهي منفرد آهن. سندس ڪهاڻيون حقيقت پسندي ۽ مختلف موضوعن جي ڪري مقبول آهن، امر جليل جا ڪردار عوامي آهن. سندن ٻولي به عوامي آهي. هو پنهنجي ڪردارن سان جيئي ۽ مري ٿو. سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ لاءِ محبت جو جذبو ۽ سنڌي عوام سان سندس سچي محبت کي ظاهر ڪري ٿو. پاڻ پنهنجي ڪردارن جي ذريعي سجاڳيءَ جو پيغام سنڌي عوام کي ڏنو اٿن. سادن ۽ بيوقوف ڪردارن کان عقل وارا نڪتا ۽ گفتا سمجهايا اٿن. “ پل صراط ” سندس عوامي ڪردار نگاريءَ جي بهترين ڪهاڻي آهي. سندن چوڻ مطابق ٻوليءَ جي وسعت جو استعمال ليکڪ لاءِ ضروري آهي، ان ڪري مان جمال ابڙي،محمد ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز کي بار بار پڙهندو آهيان ته جيئن لفظ، جملا ۽ ٻولي تازه رهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ بي حساب وسعت آهي ۽ لکڻ لاءِ ٻوليءَ ۾ مطالعو تمام ضروري آهي. پاڻ گهڻو ڪري سنڌ جي پيرن، زميندارن، جاگيردارن، وڏيرن، نام نهاد سياستدانن ۽ ڪرپٽ آفيسرشاهيءَ کي پنهنجي قلم جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي. ماضيءَ ۾ پنهنجي انقلابي تحريرن سبب اڪثر حڪومت جي عتاب جو شڪار رهيو آهي. سندس ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي ريجنل مينيجر جي ملازمت ڇڏڻ جو وڏو سبب به اهوئي هيو. مشهور سهڻي رسالو سندس ڪهاڻي سرد لاش جو سفر ڇپجڻ ڪري پابنديء هيٺ رهيو. سختين هوندي به لکڻ نه ڇڏيائين. سندس ٽي وي تي لکيل ڪيترائي اردو ۽ سنڌي ڊراما هلي چڪا آهن. کيس مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا آهن. سنڌ ٽي ويءَ تي سندس ڪلاس روم کان ڪير اڻ واقف هوندو. نوجوان کيس گهڻو پڙهن ٿا، گهڻو ٻڌن ۽ امر جليل سان عشق ڪن ٿا، اهو عشق ڀلي عورتن وارو يا معاشقي وارو ناهي پر نوجوانن جو جذباتي ۽ دلي لڳاءُ هڪ ليکڪ لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. 27 سال اسلام آباد ۾ ۾ رهيو جتي علامه اقبال يونيورسٽيءَ جو باني ڊائريڪٽر ۽ وائيس چانسلر به رهي چڪو آهي. پاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي جو وڏو ماهر آهي پر اسان کيس هڪ ليکڪ يا ڪهاڻيڪار کان اڳتي سڃاڻي ناهيون سگهيا ۽ نه ئي سندس علمي تجربي جو فائدو حاصل ڪري سگهيا آهيون. ڪهاڻي “ اروڙ جو مست ” ڪري دوستن جي حلقي ۾ ان نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌي ۽ اردو ۾ سڀ ڪوڙ جي نالي سان به ڪالم لکندو رهيو آهي. ان کانسواء انگريزي اخبار ڊان لاء به ڪالم لکيا اٿس. کيس سنڌي ادبي سنگت پاران لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڏنو ويو آهي. سنڌ ٽي وي تان ڪلاس روم جي نالي سان مقبول ٽاڪ شو پيش ڪري رهيو آهي ۽ ڪيٽي اين تي پڻ مبصر طور شرڪت ڪندو رهي ٿو. سال 2008 ۾ امر جليل جي لکڻين جا پنجاه سال پورا ٿيڻ تي شاه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ،ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ حڪومت ۽ اڪيڊمي آف ادبيات پاران 29 جون 2008 تي ڪراچيء ۾ امر جليل جي لکڻين جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند سان تعلق رکندڙ اديبن سندس فن ۽ شخصيت کي ڀيٽا ڏني. کيس مليل ڪجهه اوارڊز جو ذڪر ڪبو ته انهن ۾: • پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ • شاه لطيف ايوارڊ • شاه لطيف ايڪسيلنس ايوارڊ • پاڪستان رائيٽرس ايوارڊ (ٻه دفعا) • سنڌ الاجي ايوارڊ • بيسٽ پلي رائيٽر آف ڊڪيڊ ايوارڊ • اکل ڀارت سنڌي ساهت سڀا نيشنل ايوارڊ ڀارت • سنڌي ادبي سنگت پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ڀلي ته اسان جي اديبن ۽ ادب دوستن جو هڪ حلقو سندس اردو ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ تي ارهو ٿئي پر هو پاڻ سنڌ سان عقيدت ۽ عشق جو اظهار ڪندي لکي ٿو: ”ٻولي اظهار جو ذريعو آهي، مان سنڌيءَ ۾ لکان، اردوءَ ۾ لکان، انگريزيءَ ۾ لکان، منهنجو موضوع سنڌ هوندو آهي. منهنجي سڃاڻپ سنڌ آهي، سنڌ کان سواءِ مان ويڳاڻو، بيڪار ۽ گم نام آهيان.“ مسلسل 60 سالن کان لکندڙ ۽ سنڌ ۾ هن وقت الطاف شيخ سان گڏ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ سنڌ جي هن تمام وڏي نثر نويس جيڪو مان سمجهان ٿو ته جمال ابڙي کان پوء سنڌي ڪهاڻيءَ جو سڀ کان وڏو نالو آهي جي لاء اسان دعاگو آهيون ته رب پاڪ کيس سٺي صحت ڏي، جيئن هو پنهنجي قلم ۽ آواز جي ذريعي سنڌي قوم کي جاڳائڻ ۾ اڳ کان اڳرو هجي.