• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

طوفان جي درميان نه ڪنارن جي ڳالھ ڪر،

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ علي ظفر
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن

طوفان جي درميان نه ڪنارن جي ڳالھ ڪر،



خواجه شمشير الحيدري
طوفان جي درميان نه ڪنارن جي ڳالھ ڪر،

مون سان نه زندگي جي بهارن جي ڳالھ ڪر.

آهن پسند مون کي خزان جو نوازشون،

اي همنشين ! نه مون سان بهارن جي ڳالھ ڪر.

آئي نه راس مهرو محبت جي زندگي،

ڇا ٿي پيو، تون چنڊ ۽ تارن جي ڳالھ ڪر.

اي دوست منهنجي تشنگيءِ ديد کي ته ڏس،

دامن ڪش نگاه، نگارن جي ڳالھ ڪر.

منهنجي اڳيان گلن جي وفا جو نه ڳالھ ڪر،

ها، پر سبيل تذڪره خارن جي ڳالھ ڪر.

ميخانهءِ جھان ۾ لٽائي شراب زيست،

اي دوست! زندگيءَ جي بهارن جي ڳالھ ڪر.​
 
اڄ مون کي خبر پئي ته ادا علي توهان به شوقين آهيو ........................................................... شاعري جا ادا
 
ڀائڙا علي علي
سائين شمشير جي شاعري پڙهي، روح کي تازگي ملي وئي، شمشير سان بهارن جي ڳالهه ته ڪري نٿي سگهي جو هو خزان سان مقابلو ڪري ڪري ان جو عادي ٿي ويو آهي، زندگيءَ جي طوفان مان ٻيڙيءَ کي بچائيندي بچائيندي طوفان کي چاهڻ لڳو آهي ...
ڌڻي کيس نظر بد کان بچائي ... آمين
ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا
shal judy hujeen
 
HaqMojood

سائين مون کي حيدري صاحب جي شاعري پسند آئي ۽ صفا دل کي لڳي مون اوهان سڀني سان شيئر ڪئي ۽ مون کي ته اها خبر نه هئي ته اوهان سائين جن کي رڳو سڃاڻو ئي نٿا پر ان جا تمام ويجها عزيز به آهيو سائين کي مهنجي طرفان سلام ياعلي مدد ۽ کوڙ ساريون دعاون ضرور پهچائجو
۽
pasand

shal judy hujeen​
 
ادا علي علي شاعري دل کي لڳي، الله رب العزت توهان جي سر بخت ڏانهن خير ڪري ڀلا بچاءُ ٿيو، دل کي جيڪا شيءِ لڳندي آهي، الله معافي ڏي۔
 
ادا دل کي لڳو ڪجه تڏهن ته اوهان پرين سان مليا سين هونئن به ته هئا سين پر اڌورا اڌورا ادا اهڙا ڏکيا سوال نه پڇندو ڪر پرين وري اسان وٽ ويجها ڊاڪٽر نه نه آهن يار زماني جو ماڻهون آهين سمجهي وڃ
 
Back
Top