• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سوال آهي هڪ وفاقي اداري جي منسٽيريل اسٽاف جونيئر ڪلرڪ جي ملازم کان ٽيڪنيڪل فيلڊ جو ڪم وٺي سگهجي ٿو؟

ايم ايڇ جمالي

سينيئر رڪن
مان جيئن ته حيسڪو واپڊا جي اداري ۾ بطور ايل ڊي سي (جونيئر ڪلرڪ) 2012ع کان ڪمپيوٽر ٽائيپسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهيان...اچانڪ اسانجي موجوده سپرينٽينڊنگ انجنيئر، آپريشن سرڪل حيسڪو نواب شاهه طرفان منهنجو غير قانوني آفيس آرڊر ٺاهي آپريشن سرڪل جي ٽاسڪ فورس ٽيم ، ٽيڪنيڪل اسٽاف جنهن ۾ (ايم اينڊ ٽي) جي اسسٽنٽ لائين مينن ۽ لائين مينن، ميٽر ريڊرس ۽ لائين سپريٽيندنٽن سان ڊيوٽي ڪرڻ جو آفيس آرڊر ڏنو ويو.
جڏهن مون مذڪوره سپرينٽينڊنگ انجنيئر، آپريشن سرڪل حيسڪو نواب شاهه جي غير قانوني آفيس آرڊر جي کين پاڻ کي ئي ڪريسپانڊنگ ڪئي ته سائين هي آفيس آرڊر سول سرونٽس رولز، ليبر رولز، ۽ هيومن رائيٽس جي سڀني حقن، قانون ۽ قاعدن ۽ ان کان علاوه آئين پاڪستان جي ليبر رائيٽس جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن جي مطابق توهان ڪنهن به گورنمينٽ سول سرونٽ کان صرف صرف ۽ صرف ان جي مجاز ۽ متعلقه ڊيوٽي وٺي سگهو ٿا، نه ڪي ان جاب کان هٽي ڪري اوهان ان کان ڪا ڊيوٽي وٺي سگهو ٿا. اهڙي قسم جي ايپليڪيشن سپرينٽينڊنگ انجنيئر، آپريشن سرڪل حيسڪو نواب شاهه کي انورڊ ڊاڪ ۾ موڪلي ڏني، پر اها اڃان تائين ڊسائيڊ نه ٿي آهي... جڏهن ته مونکي مذڪوره فيلڊ ۾ ڪم ڪندي هڪ هفتي جو ٽائيم ٿي چڪو آهي، منهنجو مذڪوره آرڊر ڇنڇر ڏينهن بتاريخ 29 آڪٽوبر 2016 تي مونکي ڏنو ويو. مجبورا! مون پي ايس او ٽو سي اي او حيسڪو حيدرآباد، پنهنجي يونين جي عهديدارن ۽ ان کان علاوه منسٽري آف هيومن رائيٽس ۽ منسٽري وف واٽر اينڊ پاور ڊويلپمينٽ اٿارٽي کي ايميل ذريعي اهڙي قسم جي آگاهي ڏيڻ ۽ نوٽيس وٺڻ جو چيو...
هاڻي مونکي هن پليٽ فارم تان وڌيڪ قانوني صلاح مشورن ۽ همدردي جي ضرورت آهي، ڇو جو ڪڙو سچ ڳالهائڻ جي ڪري منهنجي ڊيوٽي داوَ تي لڳل آهي....
مونکي اوهانجي انيڪ مشورن ۽ همدردين جو انتظار رهندو..
اوهانجو پنهنجو ايم ايڇ جمالي
ايل ڊي سي حيسڪو نواب شاهه
 
ادا اميد ڪريان ٿو ته اوهان کي ڪا واه ملي وڃي .. باقي سرڪاري آفسن ۾ ايئن ئي ڪم ٿيندو آهي. ۽ ماڻهو مجبورن ڪندا آهن.
 
Back
Top