تفاخر ڇا جي لاء جڏهن مان ڪڏهن ڪڏهن وڏين وڏين گاڏين مان تفاخر سان گردان اڪڙائي ماڻهون کي ٻاهر نڪرندي ڏسندو آهيان، يا وري مڇون کي وڪڙ ڏيندي، پڱ جي پيچ ٺيڪ ڪندي ڪنهن وڏيري يا چوهدري کي ڏسندو آهيان، يا وري ڪنهن کي پنهنجي نالي جي اڳيان فخر سان الحاج ،علامه ،ڊاڪٽر،پروفيسر،يا ٻيا القابات لڳائيندي ڏسندي آهيان ته ......سوچيندو آهيان ته ڇو نه مان به ڪنهن ڳاله تهي فخر ڪيان،آخر ڪجه ته هجي جنهن تي مان فخر ڪيان ، ڪا ته شيء هجي جنهن تي مان به گردن اڪڙائي هلائن.پر خبر نه آهي ته ڇا ماجرو آهي ته جڏهن مان حسب ونسب تي فخر ڪرڻ جو سوچيندو آهيان ته حضرت نوح عليه السلام جي پٽ جو سمنڊ ۾ ٻڏڻ ياد اچي ويندو آهي.جيڪڏهن مان مال واسباب تي نازان ٿيڻ جو سوچيندو آهيان ته قارون جو زمين ۾ غرق ٿيڻ ياد اچي ويندو آهي،جيڪڏهن مان علم و فن وعبادت تي فخر ڪرڻ جو سوچيندو آهيان ته ابليس(شيطان) کي ڌتڪارڻ ياد ايندو آهي..........ان وقت ڪنن ۾ هڪ آواز گونجندو آهي: فان خلقنکم من تراب ثم من نطفته .....(الحج 5) ” پس اسان توهان کي مٽي سان پيدا ڪيو،پوء نطفه سان.......” ان آواز سان منهنجون سڀ سوچون سلڀ ٿئي وينديون آهن.سڀ شيون بي مايه،بي قيمتي ؤ بي وقعت لڳڻ لڳينديون آهن.دماغ مان غرور ؤ تڪبر جو خيال نڪري ويندو آهي ۽ شدت سان پنهنجي گهٽتائين جو احساس ٿيندو آهي.پوء سوچيندو آهيان ته منهنجو رب ڪيڏو نه ڪريم آهي جنهن مون کي منهنجي اوقات کان وڌيڪ نوزايو آهي،علم ؤ شعور عطا ڪيو آهي،منهنجي عيبن جي پرده پوشي ڪئي آهي ،.مون کي اهو به عطا ڪيو آهي جنهن کان مان واقف نه هئس.اهو خيال ايندي مان پنهنجي پيشاني زمين تي ٽيڪي ان جي عظمت ؤ وڏائي ۽ پنهنجي ڪمزوري جو اعتراف ڪندو آهيان .الله پاڪ شل اسان جي توبه قبول فرمائي.آمين