حاجي عبدالله قريشي پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو ڳالهه ٿا ڪن ته نصرپور ڪڏهن ميونسپالٽي هوندي هئي . ان ميونسپالٽيءَ جو شمار نني کنڊ ۾ انگي سرڪار جي پهرين جوڙيل ميونسپالٽين ۾ ٿئي ٿو . پر ان ڳالهه جي قطع نظر تاريخ جا ورق نصرپور شهر کي سنڌ سونهاريءَ جي وڏن شهرن ۾ شمار ڪن ٿا سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي آباد هي ميلن ۾ پکڙيل شهر سنڌو سڀيتا ۾ هڪ اهم ۽ مانائتي جاءِ والاري ٿو زماني جي گردشن جي لوڏن هن شهر کي ڇا ڪونه ڏنو اهو هڪ عجيب و غريب ڊگھو داستان آهي .رڳو ورهاڱي کان اڳ واري نصرپور تي نظر ٿي ڪجي ته ڪيترو امير ۽ سکيو ستابو شهر هوندو هو ورهاڱي واري لڏپلاڻ هن شهر جون سموريون رونقون تاراج ڪري ڇڏيون ۽ اسان واري سانڀر ٻالڪپڻ ۾ جيڪا نصرپور ڏٺي تنهن جو خاڪو ڪجھه هن ريت ٿئي ٿو . ٻئي بس اسٽاپ ڪونه هئا اڏيرو لعل وارو بس اسٽاپ ته رڳو وڏا واريءَ جا دڙا هو . حيدرآباد واري بس اسٽاپ تي سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪچين جاين جي ٻيو ڪجھه به ڪونه هو . نصرپور جون سموريون گھٽيون بلڪل ڪچيون ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جي نالين کانسواءِ هيون بجلي نه هئڻ سببان سج لٿي کان پوءِ گھٽين ۾ اندوهه ڪاري ٻاٽ هوندي هئي گھران نڪربو هو ته لالٽين هٿ ۾ کڻي نڪرڻو پوندو هو .اسان جي اڄوڪي هن مضمون جو هيرو چاچو حاجي عبدالله قريشي مرحوم آهي اهڙي نصرپور جي بستيءَ ۾ سرڪار طرفان جوڙيل نوٽيفائيڊ ايريا جو چيئرمين ٿيو ۽ اهو زمانو 1960 ع واري ڏهاڪي جي شروع وارو زمانو آهي .هندن واري دور جو ٺهيل ميونسپل هال نوٽيفائيڊ ايريا جي پهرين آفيس بنيو ۽ ان کان پوءِ اها آفيس ان جاءِ تي کڄي آئي جتي ڊاڪٽر محمد بخش ڀاڻو جي اسپتال ، وتايو فقير لائبرري ۽ پريس ڪلب هوندي هئي اها جڳهه به چاچي حاجي عبدالله قريشيءَ جي ذاتي دلچسپي سبب جڙي هئي .شهر جي گھٽين ۾ باقاعده رٿا بندي سان پڪين سرن سان فرش بندي ٿي ۽ ان سان گڏ پڪين سرن جون ناليون جڙيون شهر جي گھٽين جي مختلف چو واٽن تي گاسليٽ سان ٻرندڙ شمعدان لڳايا ويا ۽ انهن لاءِ نوٽيفائيڊ ايريا جو هڪڙو ملازم رکيو ويو شهر جي صفائي لاءِ ڀنگين کي باقاعده پگھار تي ملازم رکيو ويو نوٽيفائيڊ ايريا خرچن جي پورائي لاءِ شهر ايندڙ مختلف شين تي ناڪو ٽيڪس لڳايو ويو ان سان گڏ ڀاڄي ، گوشت ۽ مڇي جي مارڪيٽ جي لاءِ عمارت جوڙائي ويئي .ڀاڄي ، گوشت ۽ پلي واري مارڪيٽ مان به ٽيڪس ذريعي آمدنيءَ جو وسيلو ڪڍيو ويو .بهتر رٿا بندي ۽ سندن ذاتي ايمانداريءَ سببان نوٽيفائيڊ ايريا نصرپور هميشه بچت واري بجيٽ پيش ڪئي .نصرپور شهر واسين کي ممڪن حد اندر شهري سهولتون ڏيڻ ۾ سندن ذاتي شوق ۽ دلچسپي يقينن بنيادي حيثيت رکن ٿا .نصرپور شهر ۾ بجلي جي آڻڻ ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم جاري ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ تاريخ جو رڪارڊ آهي . پاڻ اصول جا ڪا ۽ سچائي جي راهه جا راهي هئا . ان ڪري خود غرض ماڻهن ۾ سٺي نگاه سان ڏٺا ويندا هئا وقت بوقت ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ ڪڏهن به پاڻ ووٽ جي ذريعي سوڀ ماڻي ميمبر نه بنجي سگھيا .سندن ڀرپور شخصيت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي مولانا عبدالرحمان قاضي مرحوم جي والد حضرت مولانا تاج محمد قاضي مرحوم جي سٿ جا ساٿاري هئا هتي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو به عرض ڪندو هلان ته ان سٿ جا ٻه بيا املهه موتي مولانا محمد صالح ميمڻ ۽ مولانا علي محمد ميمڻ صاحب جن هئا خلافت تحريڪ ۾ نصرپور شهر انهن بزرگن جي ڪري ئي پنهنجو پاڻ موکيو .پاڻ شيخ الهند واري تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن هئا ۽ ان حوالي سان آل انڊيا ڪانگريس سان روحاني، اڪير ۽ جاکوڙ ۽ان سان گڏ عملي وابستگي سندن صحت مند سچي شخصيت جو دليل آهي آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جو يونٽب نصرپور ۾ 29 آڪٽوبر 1937ع زير صدارت شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني قائم ٿيو پاڻ ان جا باني ميمبر هئا مولانا عبدالحق رباني جڏهن ٻن سالن کان پوءِ ذاتي ۽ ديني مصروفيتن سبب اهو عهدو ڇڏيو ته پاڻ نصرپور يونٽ جا صدر ٿيا آخري وقت تائين ان تي فائز رهيا.هندو مسلم ايڪتا لاءِ مذهبي رواداري واري اصول تي سختيءَ سان نظر رکڻ سندن صحتمند ڪردار جو روشن گڻ آهي . مذهبي تفرقي بازيءَ کان ڪوهين ڏور چاچو حاجي عبدالله قريشي عقيدي ۾ پڪو موحد .شهر جي گھڻين بند پيل مسجدن جو متولي ۽ انهن جي سار سنڀال لهندڙ ،لباس ۾ پڪو ڪانگريسي سفيد کاڌيءَ جي سلوار پهراڻ ۽ ان مٿان سائي واسڪوٽي ۽ مٿي تي سائي پٽڪي سندن انفرادي شخصيت جو امتيازي شان هئي . سندن گذر سفر جو ذريعو پراڻي شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو دوڪان هو جيڪو صاف سٿرو ۽ سهڻي نموني جو سجايل نظر ايندو هو ننڍي وڏي سان محبت پيار سان پيش اچڻ ۽ ڏاڍي سان مهاڏو اٽڪائڻ سندن خاص امتياز هو .ڪاش اڄ به سندن نقش قدم تي هلڻ وارا چند جوان پيدا ٿي پون ته مخلوق خدا وندي سک ۽ سانت جو ساهه پٽي وجھي .الله جل شانھ شل کين پنهنجي اٿاهه رحمتن جي سايي ۾ سدا سکي ۽ آباد رکي آمين ثم آمين