• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اکين ۾ مند مينھوڳي: سائل پيرزادي جا معصوم درد

غلام رسول چانڊيو

سينيئر رڪن
اکين ۾ مند مينھوڳي: سائل پيرزادي جا معصوم درد
غلام رسول چانڊيو
الاءِ ڇو لڳندو آھي ته سموري ڪائنات شاعري آھي ۽ شاعري درد جو فريادي اظھار به باسندي آھي، سمنڊ جڏھن گجگوڙ سان وھندو آھي ته اھا ان جي درد جي انتھائن جي شاعري ھوندي آھي، وڻن جي ٽارين تي ويٺل پکي به ته شاعري ڳائيندا آھن ۽ صحرائن جي واري جڏھن واچوڙو بڻبي آھي ته اھو به ڪو ڪلام يا قصيدو باسندو آھي ۽ جڏھن بارش جون بوندون صحرا جي سيني کي غسل ڪرائڻ اينديون آھن تڏھن به لڳندو آھي ته آسمان پنھنجي درد جو ڪيڏارو ڳائي رھيو آھي يا وري ڪٿي ائين ته ناھي ته بارش، ڌرتي ۽ آسمان جي وڇوڙي جي اوڇگارن جا ڳوڙھا ھوندي آھي!؟. ائين ھر لقاءَ تي جڏھن وجدان جي اک کڻبي ته اھو شاعري، موسيقي ۽ رقص ۾ محو ملندو. درد جو ڪائنات سان ازل جو رشتو آھي ۽ شايد وحدت ۽ ڪثرت وارا سوال ڪائنات جي درد جو عنوان به آھن ته چنڊ جو ڌرتيءَ کان وڇڙڻ وارو نوحو به! سائل پيرزادي جي شاعري ۾ به اھي ئي ته وارتائون آھن....
ڌرتيءَ جي سيني ۾ ڳوڙھن جي کوجنا سائل ان کوھ تي بيھي ڪئي آھي جنھن جي تري ۾ ڌرتيءَ جي ڳوڙھن جو پاڻي ته آھي پر نارُ ناھي جيڪو لوٽن سان ڳوڙھن جو پاڻي کڻي ٻاھر اچي ۽ درد جي اکين کان ٿورو ھيٺ سندس ڳٽن کي غسل ڪرائي. ڌرتيءَ تي کوٽيل سڀئي کوھ ڌرتيءَ جون اکيون ته ناھن ٿيندا جو سائل پنھنجي ڪتاب جو نالو به ”اکين ۾ مند مينھوڳي“ رکيو آھي! اکيون به وجود جون اھي کُھيون ٿين ٿيون جن جي ترن ۾ رڳي درد جو پاڻي نه پر ميلاپ جون نديون به ھونديون آھن، تڏھن ته نديون، ناريون توڙي ڌرتيون ۽ سرتيون انساني شعور جو ازل کان وٺي ڪو گيت، ڪو غزل، ڪو ڏوھيڙو ڪا وائي۽ ڪو بيت بڻجي، ڪڏھن مور جو رقص ٿي پونديون آھن ته ڪڏھن ڳوڙھن جي بارش سان بنا نوري ۽ تماچيءَ جي ڪينجھر جھڙو ڪو تڙ بڻجي پونديون آھن ۽ سائل کي به ڪينجھر ڪھاڻي جي اداسي جھوري ٿي ۽ ھو پاڻ تماچي بڻجڻ جي شديد خواھش سان نوري لاءِ ڪنھن ڪينجھر جو پکي بڻجڻ چاھي ٿو:

نڪو آ تماچي نه نوري نماڻي،
اداسي اُڻي ٿي ڪا ڪينجھر ڪھاڻي.
سائل وٽ معصوم درد به آھي جيڪو دانھون ڪندي شرمائي ٿو، ھو سور کي پيئي ٿو ۽ ھڏڪين کي روڪڻ لاءِ ڳيتن مٿان ڳيتون ڏئي، اندر جي ماتم وارن قصيدن کي وات تي ھٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر سندس قصيدا ڪنھن ڀڳل کنڀڙاٽيءَ واري پکي وانگر اڏامي وري ڪري پون ٿا ۽ ائين سائل جي اکين ۾ بيوسيءَ جي ساوڻ بنا، مند مينھوڳي اچي واسو ڪري ٿي پر بوندون نه ٿيون برسن، جو سائل جي سيني واري صحرا ۾ اڳئي رت جي ڏنل ريج وارا سلا ڦُٽل آھن.
ھو پنھنجي عاشقي کي ڀُل سمجھي پڇتائي ٿو جو عاشقي، سائل جي شعور واري بدن تي اوڙھيل لباس کي چَتيون چَتيون ڪري ڇڏيو آھي، ھن گلن سان ڀريل گودڙي کي سنڀالڻ جي سسئي جي پنڌ جھڙي ڪوشش ڪئي آھي، پر پنھون جي پيچرن سائل جي گودڙي سان به ائين ئي ڪيو جيئن سسئي سان سورن ڪيو ھيو! اھڙي وارتا ۾ گودڙي ۽ گل ڪڏھن بچيا به آھن ڇا؟
زندگي چَتيون چَتيون ۽ گودڙي ۾ گل ھيا،
پير پنھنجا ريت تي ڄڻ عاشقي جي ڀُل ھيا.
سائل جي اندر جي وارتا ”نئنگ“ واري نينگري به لڳي ٿي جا اُجري چشمي مان بدن ته ڌوئي ٿي پر تن به اجرو ڪري ٿي جو ان نينگري کي پرينئن ۾ نيڻ اوتڻا آھن. شاعر جو الميو اھو به آھي ته ھن جي نصيب ۾ يا ته صحرا اچي ٿي يا وري پھاڙون! چون ٿا ته شاعر پنھنجي وارتا بيان ڪندو آھي پر سائل جي شاعري ۾ ته جھان جي ڏَنڀن جا ڏوجِھرا آھن،سنڌو ماٿري جي شاعرن کي سموري دنيا جو درد شايد ڏاج ۾ مليل ٿو ڏسجي، حالانڪ پھرين ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ گڏيل ھندستان ۾ ڪو به ھيروشيما ۽ ناگا ساڪي نه ھيو ۽ نه ئي ھتي کي مُعرڪا ٿيا ھيا پر جڏھن به ۽ جتي به محبتن جو ڪو ڪاڪ محل جُھريو آھي ۽ محبتن جي قيدي احساسن جا ڪي سُرٻاٽ سنڌ جي شاعرن جي ڪنين پيا آھن تڏھن انھن درد جي دانھن ڪئي آھي ۽ ڪن ھٿ ڏئي ڪو گيت ۽ ڪو غزل ڇيڙي، ٿيل وارتا جا نشان پھاڙن تي به چِٽيا آھن ته جيئن وقت برصغير جي دردن جو ساکي رھي. سائل به اھو ڪجھ ئي ته ڪيو آھي. ھو جڏھن ھر شخص کي چتائي ڏسي ٿو ته اھو کيس لُٽيل لڳي ٿو ۽ پوءِ جڏھن ان شخص جي اندر ۾ جھاتي پائي ٿو ته اتي به ھڪ ڪربلا ڏسي، سندس پنج ئي آڱريون قلم کي ٻَکُ ھڻن ٿيون:
ھر شخص ٽُٽل آھي، ھر شخص لُٽيل آھي،
ھر شخص جي اندر ڄڻ ماتم متل آھي.
سائل جي رڳي چنڊ سان پراڻي دوستي نه آھي پر ھو ويڳاڻين وِکُن جي وجود ۾به جھاتيون پائي ٿو ۽ جڏھن چتائي ٿو ته ھر وک کيس زخمن جي سوڄِ ۾ ڳري لڳي ٿي ته ھو چنڊ کي سڏي دانھن ڏيڻ چاھي ٿو، پر چنڊ به سواءِ اُڌاري ورتل روشني جي ٻيو ڪجھ به کيس نه ٿو ڏئي ۽ ھو ھر ٽُٽل ۽ لُٽيل شخص جو وڪيل بڻجي شاعري جي عدالت ۾ دليل ڏيڻ لڳي ٿو، پر جڏھن شاعري کي به شاھديون گھربل ھجن ٿيون تڏھن سائل جي صدا بنا ڇيرين جي رقصان ٿي، آسمان ڏانھن اڏار ڪري ٿي جو وقت جي قيد کان آجو آھي ۽ ڪيئي ستارا اڳئي آسمان اڳيان ٽٽل ۽ لٽيل شخص وانگر دانھين بڻيل آھن. سائل سموري ڪائنات کي فريادي ڀانئين ٿو ۽ کانئس بي اختيار رڙ نڪري وڃي ٿي:
ھُن جي پيڙا ڀوڳيءَ جو ٿڪ
تون ڇا ڄاڻين جوڳيءَ جو ٿَڪُ.
جوڳ جي ٿڪ جا اسرار جڏھن سائل وٽ اَيان ٿين ٿا ته رات پئجي وڃي ٿي ۽ ستارا به ساڻس گڏ روئن ٿا ۽ سائل صحرا کي ساکي بڻائي ويراڳي روڳيءَ جي ٿڪ جون شاھديون گڏ ڪرڻ لڳي ٿو، ھو شھيد ڪيل جُملي معصوم محبتن جو ڪيس وڙھڻ جي تياري ۾ لڳي وڃي ٿو ته روڳ جون سڀئي شاھديون سندس قلم مان اوتجڻ لڳن ٿيون. سندس جَلِي ويل تمنائن جي رَکَ، زندگي جي اجائي ٿي وڃڻ جا بچيل آخري نشان ۽ دنيا خريدڻ جي ڦٿڪندڙ تمنا جون آخري ھِڏڪيون، سندس وجود مان ريھون ڪنديون شاعري جي مالھا ۾ پوئجنديون ٿيون وڃن ۽ اھا انوکي مالھا ھجي ٿي ،جنھن ۾ خوشبو بجاءِ محبت جي تاريخ جو ھر درد دانھُون ڪندي ملي ٿو.
سائل جي ڪتاب ”اکين ۾ مند مينھوڳي“ واري شاعري جي اڻت ۾ خواب، خاموشي، دردن ۽ دلبرين جو ڪيئي نيون معنائون اسان ڏانھن ڊوڙنديون اچن ٿيون ۽ ڪٿي ته اھو به گمان ٿيڻ لڳي ٿو ته سائل کي اسان جي عشق جي مام ڪينئن پئي آھي. سچ به ته ھو اسان جي عشق جو چغل خور ٿي پوي ٿو ۽ سندس ڪتاب ڪيئي اکيون ڌاري اسان مٿان جوڻِت بڻجي پوي ٿو. ٿڌن شوڪارن جو ڪو نسل ته ناھي ٿيندو، پر ھر شوڪاري جو پنھنجو مُھانڊو ضرور ٿئي ٿو ۽ سائل پنھنجي ھر غزل ۾ ڪنھن نه ڪنھن مھانڊي جو پردو چاڪ ڪري، ڄڻ ته عشق عام ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان عشق ۾ ڪنھن شھري ڇوڪري جا کليل وار به آھن ته ٻھراڙي جي حسينا جي ٻن چوٽين واريون سڳيون به! سائل جي قلم ۾ ڪاري مس ناھي، ھن لکيو آھي ان نب سان جنھن نب ۾ ھر عاشقي جي ڳوڙھن واري مس پيل آھي، سائل عشق جو شاعر آھي، جنھن جون ڪي به سرحدون نه آھن ۽ ھن جي شاعري ۾ ڪٿي به ڪا ڪنڊيدار تار ناھي ،نه ئي ڪي ڪٿي سرحدي سپاھي بيھاريل آھن، ھو سڀئي حدون ڊاھڻ چاھي ٿو ۽ صحرائن جو درد آسمان تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته من ڪو وڏ ڦڙو وسي ۽ ٿر بڻجي ويل محبتون مور جي ٽھوڪن وانگر ھڪ ٻئي کي سڏي رقصان ٿين ۽ سچ به ته اھو سڀ ڪجھ آھي سندس شاعري ۾.
ڪوھياري ۾ دل سسئي جي
شاھ لطيف سمائي آ
سائل سڀن کي سسئي وانگر سمائجڻ جي صلاح ته ڏئي ئي ٿو پر لاڳيتي پنڌ کان پوءِ ساھي به پٽائي ٿو جو کيس اونو آھي ته عشق پنھنجي منزل کان اڳ ڪٿي لُڪ ۽ تائِي ۾ سڙي بَسَم نه ٿي وڃي.
سائل جي شاعري ۾ رڳي سندس وارتائون نه آھن پر ھو عاشقين جي نمائندگي ائين ڪري ٿو جو ڄڻ ته عشق جو ٺيڪو کنيل ھجيس يا وري ھوڄڻ ته سموري سنسار کي عشق جي گيڙو رنگن سان رنگڻ چاھيندو ھجي. مون کي شاعري جي فني معاملن جي بنھ خبر ناھي جو آءُ سائل جي شاعري مان فني ِوڏون ڪڍان، منھنجي نظر ۾ جيڪڏھن ڪنھن شاعر جو خيال اتم ۽ وسيع آھي ته پوءِ بحر وزن، ڪافيا ۽ رديف پاڻ ئي جڙي پوندا آھن ۽ ڀلا ان ڳالھ تي ڪھڙو ضد ته ھر شاعري ڳائڻ ۾ به ايندي ھجي ته بس اھا ئي شاعري آھي، آءُ شاعر ته ناھيان پر مون ڳاتل شاعري به ٻڌي آھي ۽ نه ڳاتل شاعري به پڙھي آھي، مون لاءِ ته وڏوسچ اھو آھي ته ڪيتري شاعري جنھن کي طبلي جي ٿاڦ ۽ باجي جو ھيٺيون ۽ مٿيون ڪارو نه مليو آھي ان شاعري به منھنجي اندر ۾ سُرَ وکيريا آھن ۽ سائل جي شاعري ته ڳائي به سگھجي ٿي ۽ بنا ڳائڻ جي به ھر عاشق جي سنگيت آھي جو عشق خود ھڪ راڳ آھي، ھڪ اھڙو راڳ! جنھن ۾ صحرائن تي به تيز ھوائون سر وکيرينديون آھن... ائين بلڪل ائين جيئن لتا جي رُدالين کان سواءِ به ڪا شام اندر ۾ اداسيون آڻي وجھندي آھي، سو سائل جي شاعري به صحرائن تي وسندڙ بارش جي وڏي ڦڙي جو انتظار ڪندڙ آھي، جنھن سان ھر ساز سنگت ڪري ڪنھن کي به وجدان جي آخري سرحد تي وٺي وڃي سگھي ٿو.


مختلف اخبارن ۾ اڄ ڇپيل
 
Back
Top